جيئن ڪيمپس
جي پارڪ ۾ پھچي واٽسپ اسٽيٽس چيڪ ڪيم تہ
تنھنجي
اسٽيٽس تي Happy Valentine's Day لکيم ڏٺم تہ خبر ئي نہ
پئي
تہ مان ڪھڙي دنيا ۾پھتو ھيس، پاسي ۾ سول اسپتال
ھجڻ جي ڪري ايمبولينس جو گوڙ ھيو پر تنھنجي
خيالن ۾ سڀ ڪجھ وساري ويٺو ھيس، پر ھٿ ۾ پيل گل کي بار بار سنڀالي رھيو ھيس، دل ۽ دماغ
جي جنگ لڳي پئي ھئي، دماغ پنھنجي ذهانت ڏيکاري رھيو ھيو. پر اڄ دل جو ڏينهن ھيو, دل
چوٽان چوٽ دماغ کي مات ڏئي رھي ھئي.
اڄ اسان جو
ننڍڙو عبدالحق ڪئمپس بہ ڪنهن يوڪريني ڇوڪري جيان
لڳي رھيو ھيو، بھار جا نوان اڇا ۽ ڪارا ڪڪر آڪاس تي هڪٻئي کي ڊوڙائي رهيا هئا ۽ سج
لڪ لڪوٽي راند جيان ڪنهن گھڙي قبضي ۾ اچي پئي ويو تہ ڪنهن وقت ڪڪرن کان آزادي پئي مليس،
اهڙي سُندر منظر هيٺان آء آر بلڊنگ وارو گيٽ حسينن جي ٽولن سان سينگاريل هو، ڪيترائي
چهرا چنڊ جي چهل پهل جيان چِل ولايون پئي ڪيون، پريمي جوڙا هڪٻئي سان مزاقون ڪئندا،
ويلنٽائن ڊي ملهائيندا نفسياتي شعبي ۽ آءِ
آر
فيڪلٽِي کان پارڪ ڏانهن ويجھو پئي ٿيا. انهن
ٽولن جي پيہ مان وري ڪجھ
هيکلا روح اهڙِي وڻندڙ موسم ۾ جوڙن کي هٿ هٿ ۾ ڏسي ڪري نظرون زمين ۾ کُپائي پوئتي رهجي
پئي ويا.
انهي وقت منهنجون
نظرون جوڀن ڀريل سينن سان ڪتاب لڳل پرين کي تڪي رهيون هيون، توکي نہ ڏسي پارڪ کان نڪري
ٻاھر توکي ڏسڻ لڳس، اچانڪ سامھون انگريزي شعبي کان اچي رھي ھئين، مون کي ڏسي، تون مرڪ
سان ھٿ لڏيو ھيو تہ ايئن لڳو ”… تہ ڄڻ سڄي ڪائنات هڪ پل لاءِ بيهي وئي هجي.
تنهنجي مرڪ ۾ اهڙو سڪون هو، جو ايمبولينس جي سائرن کان وٺي ڪيمپس جي شور تائين سڀ آواز
ڌنڌلا ٿي ويا ھئا. تنهنجو لڏايل هٿ ڄڻ مون ڏانهن نہ،
پر منهنجي دل ڏانهن سڌو اشارو هو. مون کي لڳو
تہ هن ويلنٽائن ڊي تي نہ رڳو ڪيمپس، پر منهنجي اندر جي دنيا بہ نئين سر بهار ۾ اچي وئي آهي.“ تون آهستي آهستي ويجهو ايندي رهي هئين، پر
اوچتو تنهنجي نظر فون ڏانهن وئي. تو فون ڪن تي رکيو ۽ ڪنهن سان ڳالهائڻ لڳي ھُئين.
تنهنجي چهري جو تاثر بدلجي ويو ھيو، مرڪ جي جاءِ تي سنجيدگي اچي وئي هئي.
مان اتي ئي
بيٺو رهيس، هٿ ۾ جهليل گلاب ڄڻ اوچتو ڳرو ٿي پيو هو.
جڏهن تون ساڄي
پاسي ڏانهن نهاريو، تہ ڪو ڇوڪرو توکي اشارو ڪري رهيو هو. تون بہ هن کي اشاري ۾ جواب
ڏنو ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي هن ڏانهن وڌڻ لڳي ھُئين.
تنهنجي هر قدم
سان منهنجي دل جي ڌڙڪن جھڙو رڪجي رهي هئي. منھنجو توڏانهن وڌيل پنھنجو هٿ اڌ رستي
۾ ئي روڪي ڇڏيو. گل بہ پنهنجي خوشبو اچانڪ ختم ڪري ڇڏي ھئي،
تون تون ان
ڇوڪري سان ملي هُئين. ٻنهي وچ ۾ هلڪي کل، مختصر ڳالهہ
ٻولهہ ٿي رهي هئي. تون هڪ دفعو مون ڏانهن ڏٺو
نہ وضاحت، نہ معافي، رڳو هڪ سرسري نظر. پوءِ تون ھن کي وٺي آءِ آر شعبي جي بلڊنگ کان
مڙي پارڪ ڏانهن هلي وئي هُئين.
آئون اتي رڳو
تماشائي بڻجي ويو هئس، نہ منظر جو حصو، نہ تنهنجي دنيا جو.
ڪڪرن وري سج
کي مڪمل طور ڍڪي ڇڏيو هو. پري کان ايمبولينس جا آواز اڃا تيز، اڃا ويجهو ٻڌڻ ۾ اچي
رهيا هئا. پارڪ ۾ ويلنٽائن ڊي جي رونق جاري هئي، کلون، موسيقي، هٿن ۾ هٿ، پر منهنجي
اندر رڳو اونهي خاموشي پکڙجي وئي هئي.
مون آهستي آهستي
گلاب ڏانهن ڏٺو… پوءِ بنا ڪجهہ سوچڻ جي ان
کي زمين تي اڇلائي ڇڏيو. نظرون جهڪائي ڪيمپس جي گيٽ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو هيم.
گيٽ کان ٻاهر
نڪري سامهون ڪيبين تان سگريٽ ورتيم. سگريٽ جو پهريون ڪش وٺندي، سول اسپتال جي مين گيٽ
طرف هلڻ لڳس. مريضن جي وارثن جي رڙين سڏڪن ۽ بي وسيءَ جي آوازن ۾ پاڻ کي گم ٿيندي محسوس
ڪيم.....

