ڪلاسيڪل ڪٿڪ ڪار صوفي ستار جو موکي مئگزين کي ڏنل انٽرويو ـ
مهراڻ سنڌي: توھان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو؟
صوفي ستار: منهنجو نالو عبدالستار ولد محمد جمن
چنا آھي، اسان بنيادي طور تي حيدرآباد جا آھيون، منهنجي پيدائش پڻ حيدرآباد ۾ ٿي.
مون سنڌ يونيورٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان تعليم حاصل ڪئي، پر ٽئين سال پڙھائي اڌ ۾
ڇڏي ڏني.
مهراڻ سنڌي: يونيورسٽي ڇڏڻ جو سبب؟
صوفي ستار: ٽئين سال پڙھائي دوران بابا بيمار ھئا، جنهن سبب مان تمام پريشان
رھيس، ڪلاسز ۾ حاضر نہ ٿي سگهيس، گهر جي سڄي ذميواري مون تي اچي وئي ھئي. تنهنڪري گهر
سنڀالڻو پيو ۽ بابا جي وفات کانپوءِ مون يونيورسٽي ڇڏي ڏني.
مهراڻ سنڌي: زندگيءَ بابت توھان جو فلسفو ڇا
آھي؟
صوفي ستار: زندگيءَ انمول ۽ تمام خوبصورت شيءَ
آھي. سکڻ جو ھڪ مرحلو پڻ آھي، سڄي عمر انسان سکي ٿو پر زندگي ۾ اھڙا کوڙ سارا
ماڻهو ايندا آھن، جيڪي عام رواجي طريقي سان زندگي گذاريندا آھن، پر اسان آرٽسٽ
پنهنجي زندگي مختلف طريقن سان گذاريندا آھيون. ھڪ تہ اسان سماج کان ٿورو الڳ سوچ
رکون ٿا ۽ کوڙ سارن ماڻهن جي زندگي جيئندا آھيون، جنهن ۾ عورت، ٻار، پوڙھي، صوفي
بزرگ ۽ پنهنجي زندگيءَ جو عڪس شامل ھوندو آھي. جڏھن اسان نرت (رقص) ڪندا آھيون تہ
اسان کوڙ سارن ڪردارن جي زندگي جيئندا آھيون، آءُ سمجهان ٿو تہ زندگي ھڪڙو انمول
تحفو آھي، ان کي ائين ضايع ڪرڻ نہ گهرجي. انسان کي پنهنجي ھجڻ جو احساس ڏيارڻ
گهرجي ۽ توھان جڏھن دنيا مان ھليا وڃو تہ سڀاڻي ماڻهو توھان کي توھان جي ڪم سان
ياد رکن، پنهنجي زندگي ۾ ڪجھ سکو، عمل ڪيو ۽ اھڙو ڪم ڪيو جو پنهنجي ڇاپ ڇڏي وڃو.
مهراڻ سنڌي: عورت توھان جي نظر ۾؟
صوفي ستار: عورت منهنجي نظر ۾ ھڪ بهترين دوست آھي
۽ مون ڪڏھن بہ عورت کي صرف عورت سمجهي سڏيو ناھي. مان ھميشہ ھڪ عورت کي دوست ۽
انسان جي حيثيت سان ڏسندو آھيان، جيڪي مون وانگر ئي آھن ۽ جنهن لاءِ منهنجي دل ۾
ھميشہ عزت آھي ۽ مونکي ڪابہ ھٻڪ محسوس نہ ٿيندي ڪنهن عورت سان ڳالهائڻ يا ملڻ وقت،
ڇاڪاڻ تہ مان ان کي پاڻ جهڙو ئي انسان سمجهندو آھيان نہ ڪي مان ان کي ڪو ٻيو جنس
سمجهندو آھيان. عورت تمام خوبصورت دوست، ساٿي ۽ وفادار آھي ۽ جيڪڏھن عورت زندگيءَ
۾ نہ ھجي تہ زندگي اڌوري آھي.
مهراڻ سنڌي: ڇا توھان شادي شدہ آھيو يا توھان جي
زندگيءَ ۾ ڪا عورت آھي؟
صوفي ستار: مان شادي شدہ ناھيان ۽ ڪنهن عورت سان
رليشن شپ بہ ناھي. باقي ڪجھ عورتون منهنجون تمام سٺيون دوست آھن.
مهراڻ سنڌي: توھان پنهنجي ڪاوڙ کي ضابطي (Control) ۾ ڪئين آڻيو ٿا؟
صوفي ستار: مان ڪاوڙ کي خاموشيءَ سان ضابطي ۾
آڻيندو آھيان، ڪنهن ماڻهو تي ڪاوڙ ايندي آھي يا ڪير ڏک ڏيندو آھي تہ تمام گهڻي
شديد تڪليف ٿيندي آھي. ڪڏھن ائين بہ ٿيندو آھي تہ ڪاوڙ گهڻي تڏھن ئي ايندي آھي
جڏھن ڪير ڪو تلخ يا سخت لفظ/جملو ڳالهائيندو آھي. ڪنهن وقت گهڻو پريشان ٿيڻ
کانپوءِ آءُ تنهائي ۾ روئي وٺندو آھيان، ۽ پوءِ پاڻ کي آھستي آھستي نارمل رکڻ جي
ڪوشش ڪندو آھيان.
مهراڻ سنڌي: توھان جي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ
حوصلا افزائي ڪنهن ڪئي؟
صوفي ستار: آءُ نٿو سمجهان تہ زندگيءَ ۾ ڪنهن
منهنجي سڀ کان وڌيڪ حوصلا افزائي ڪئي ھجي. مان پاڻ پنهنجي حوصلا افزائي ڪندو
آھيان. مان پنهنجي ڪم کي بهتر سمجهندو آھيان ۽ جن ماڻهن ڪڏھن منهنجي حوصلا افزائي
ڪئي سي بہ ڪنهن وقت ذاتي رنجشن سبب مون کي ڏک رسائيندا رھيا، تعنا ڏيندا رھيا ۽
نيگيٽو ڪمينٽس بہ ڏيندا رھيا. حالانڪ ماضي انهن ماڻهن ڏاڍا سٺا ڪمينٽس بہ ڏنا پر
اڳتي اھڙو رويو اختيار ڪيو، جيئن مون کي پشيماني يا شرمندگي محسوس ٿئي پر مون ڪڏھن
بہ اھڙي قسم جي ڳالهين کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ ڪونہ ڏنو، مون کي خبر آھي تہ انسان
پنهنجي لاءِ پاڻ ئي بهتر فيصلو ڪندو آھي، مون کي خبر آھي تہ مون ڇا ڪيو ۽ ڪيترو
بهتر ڪيو.
مهراڻ سنڌي: توھان رقص ڪرڻ جي شروعات ڪڏھن ڪئي؟
صوفي ستار: مون رقص ڪرڻ جي شروعات تقريبن پنجين يا
ڇهين درجي کان ڪئي، ان وقت مان اسڪول جي مختلف پروگرامن ۾ رقص ڪندو ھوس ۽ اھو شوق
اڄ ڏينهن تائين جاري آھي.
مهراڻ سنڌي: رقص ڪرڻ دوران توھان کي ڪهڙن مسئلن
کي منهن ڏئڻو پيو؟
صوفي ستار: رقص ڪرڻ کان پوءِ مونکي ڪيترن ئي مسئلن
کي منهن ڏئڻو پيو. ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مون کي ائين محسوس ڪرائيندا ھئا، ڄڻ مون ڪو وڏو
گناھ ڪيو ھجي، ڪڏھن ڪڏھن دل بلڪل مايوس بہ ٿي ويندي ھئي، پر فطرت جيڪو شوق مون کي ڏنو آهي، مان سمجهان ٿو تہ اهو هر انسان جي اندر هوندو آهي، پر سماج جي غلط روين سبب پنھنجي اندر جي شوق کي غلط سمجهي ان کي ماري ڇڏين ٿا، پر مون پنهنجي اندر
جي ان فطري احساس (رقص) کي زندھ رکيو ۽ ان کي
پورو ڪيو. ڪيترن ماڻهن طعنا ڏنا، ڪيترن غلط چيو، پر مون پنهنجو ڪم جاري رکيو.
مهراڻ سنڌي: توھان جو پهريون اسٽيج پرفارمنس
ڪهڙو ۽ ڪٿي ھو؟
صوفي ستار: منهنجو پهريون اسٽيج منهنجو اسڪول (وي
آءِ پي پبلڪ ھاءِ اسڪول سٽيزن ڪالوني حيدرآباد) ئي رھيو، جتي مون پڙھائي ڪئي ۽
مئٽرڪ پاس ڪيو. ان کان پوءِ پروفيشنل طور مون حيدرآباد جي ”گاٽ ٽيلينٽ پروگرام“ ۾
حصو ورتو. اھو اسڪول کانپوءِ منهنجو پهريون ٻاھريون اسٽيج رھيو، جتي مون پهريون
ڀيرو اسٽيج تي پرفارم ڪيو، پر اتي مون کي ڪابہ پوزيشن نہ ملي.
مهراڻ سنڌي: ڪهڙو پرفارمنس توھان لاءِ يادگار
رھيو ۽ ڇو؟
صوفي ستار: منهنجي لاءِ سڀ کان يادگار پرفارمنس
سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪنووڪيشن (Convocation) ڊي تي ٿيو، اهو ڏينهن مون لاءِ خاص انڪري بہ هو جو ماحول انتهائي خوبصورت ۽ جذباتي هو. اسان شيخ اياز هال ۾ ريهرسل ڪندا هئاسين. جنهن ۾ بلوچي، پشتون، اتڻ، بلوچي
چاپ، سنڌي جهومر، پنجابي لڊي اسان پرفارم ڪندا ھئاسين. اھا پرفارمنس ٻين سڀني پروگرام
۾ ڪيل رقص کان مختلف ھئي. ھيءَ عمر جو اھو حصو ھو، جنهن ۾ مون وڌ کان وڌ مزو
ڪيو ۽ جنهن ۾ دوست بہ گڏ ھئا. ٻيو تہ ان پرفارم جي يادگار ھجڻ جو سبب اھو بہ آھي
تہ يونيورسٽيءَ جو ماحول، جنهن ۾ سنگت ساٿ جو گڏ ھجڻ، گهمڻ ڦرڻ شامل ھيو. اهي ڏينهن واقعي گولڊن ھئا. انهن ڏينهن ۾ مان تمام گهڻو خوش ھوندو
ھئس.
مهراڻ سنڌي: توھان جي مائٽن جو رقص بابت پهرئين
۽ ھاڻي نظريو ڇا آھي؟
صوفي ستار: مائٽن جي حوالي سان انهن جي اولاد لاءِ
تہ اھو ئي ھوندو آھي تہ اھو پڙھي ۽ ڪنهن سٺي اداري ۾ وڃي. آءُ سمجهان ٿو تہ رقص بہ
ھڪ سٺو ئي ادارو آھي. پر اسان وٽ ماڻهو اھڙو تہ سماج ٺاھيو ويٺا آھن، جنهن ۾ ان کي
حقير ترين، تريءَ وارو ۽ ڪريل ڪم سمجهيو وڃي ٿو. باقي رقص ھڪ افضل ڪم ۽ فطري عمل
آھي.
مائٽن شروعات ۾ روڪيو، والد بہ روڪيو. مٽ مائٽ
جيڪي بہ ھئا، سي بابا کي چون پيا، تہ ”تنهنجو پٽ ڏس، رقص پيو ڪري.“
جڏھن مان ڇير ٻڌي نچڻ شروع ڪيو ۽ جڏھن منهنجون
تصويرون منهنجي گهر وارن جي سامهون آيون تہ يقينن دڙڪا بہ کاڌا، جذباتي ۽ جسماني
گھڻو پريشر آيو، پر پوءِ ھڪ ڀيرو مون بابا کي کٽ تي گڏ ويهاري، پيرن تي ڪري، گوڏن
تي ھٿ رکي ٻڌايو تہ ”ھي منهنجو شوق آھي، شوق کان بہ وڌيڪ منهنجو عشق ۽ جنون آھي ۽
مون کي خبر آھي تہ مان ان ڪم ۾ بهتر آھيان ۽ مان سٺو ڪري سگھان ٿو، شايد اھو ڪم ئي
منهنجي سڃاڻپ ٿي سگھي ٿو. مان ڪو غلط ڪم ڪونھ ٿو ڪيان. مهرباني ڪري منهنجو ساٿ ڏيو
۽ مون کي سمجهو.“
پوءِ بابا منهنجي ان ڳالھ کانپوءِ مسلسل خاموشي
اختيار ڪئي. بابا مون کي سارھايو (ايپريشئيٽ) تہ ڪونھ، پر کليل لفظن ۾ ڪجھ بہ نہ
چيو. پر بابا جي خاموشيءَ ۾ ئي منهنجي لاءِ اجازت ھئي. والدہ تہ شروع کان ئي مون
کي ايپريشئيٽ ڪيو ھيو، پر ھاڻي اھي ٻئي (بابا ۽ امان) منهنجي زندگيءَ ۾ ناھن ۽
انهن جون دعائون مون سان گڏ آھن، ھميشہ انهن حياتيءَ ۾ مون کي سپورٽ ڪيو، خاموشيءَ
۾ ئي صحيح. آخري وقت ۾ مان بابا ۽ امان سان تمام گهڻو ويجھو رھيس. ويندي اسپتال ۾
ساھ جي آخري گهڙين تائين. انهن جون دعائون ھميشہ مونسان گڏ آھن.
مهراڻ سنڌي: توھان رقص جي ڪهڙي صنف (Style) ۾ ماھر آھيو؟
صوفي ستار: مان ڪلاسيڪل ڪٿڪ ۾ ٿوري گهڻي ڄاڻ رکان
ٿو. ”جي ڄاڻين تہ بہ نہ ڄاڻ، جي ڀائين ڀلو پنهنجو.“
مان ڪلاسيڪل ڪٿڪ تي لکان بہ پيو،
مون وٽ سبق بہ آھن، مان پاڻ بہ سکان پيو ۽ ٻين کي بہ سيکاريان پيو. جيڪڏھن چئجي تہ
مونکي ڪٿڪ تي ٿورو گهڻو عبور آھي ۽ ڪٿڪ تي مونکي گرپ (Grip) آھي. منهنجو سڀني کان پسنديدہ رقص بہ ڪٿڪ
ئي آھي، جنهن تي مون ڪافي تحقيق ڪئي آھي. مون وٽ کوڙ سارو مواد آھي، جنهن تي مان
ڪتاب بہ لکي سگهان ٿو. ڪٿڪ جي جيڪا ٿيوري آھي، اھا بہ لکي سگهجي ٿي ۽ ان کي پڙھي
ڪري سيکارڻ وارو عمل بہ ڪري سگهجي ٿو.
منهنجو ڪم اڃا جاري آھي، اڃا گڏ
ڪيان پيو، اڃا لکان پيو، اڃا پڙھان پيو، اڃا سکا پيو ۽ ان ئي شيءَ کي اڳتي وٺي وڃڻ
جو ارادو آھي.
مهراڻ سنڌي: ڇا توھان وٽ رقص
سيکارڻ جو ڪو ادارو آھي؟ توھان ڪيترن شاگردن کي رقص سيکاريندا آھيو يا سيکاري چڪا
آھيو؟
صوفي ستار: ھا، مون وٽ ”صوفي ستار ڊانس اڪيڊمي“
آھي. حيدرآبد ۾ شايد ئي ڪا اڪيڊمي ھجي جيڪا ايتري مستقل مزاجي سان ھلندي ھجي.
گهڻيون اڪيڊميون کُلي تہ وڃن ٿيون، پر انهن کي سيکارڻ جو صحيح طريقو نہ ھجڻ سبب
بند ٿي وڃن ٿيون. پر پاڻ الحمد اللھ اڪيڊمي ٺاھي سٺي طريقي سان ھلائي رھيا آھيون.
البتہ مون وٽ مستقل مزاجي جا شاگرد نہ ھوندا آھن. ھن مهل تائين مونکي ڪوبہ قابل ۽
سنجيدہ شاگرد نہ مليو آھي. جيڪو ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ جو جذبو رکي، باقائدگي سان
سکي ۽ ان تي محنت ڪري. ھونءَ مون وٽ فيمليز، يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا گھڻا
شاگرد ايندا آھن. جن کي مان سيکاريو آھي. مونکي ياد بہ نہ آھي تہ مان ڪيترن شاگردن
کي سيکاري چڪو آھيان. اڪثر اسڪول، ڪاليج يا شادي وھانءُ جي پروگرامن لاءِ شاگرد
اچن ٿا، رقص سکن ٿا، پرفارم ڪن ٿا، ۽ پوءِ بس ختم.
مهراڻ سنڌي: ڇا توھان ڪنهن استاد کان تربيت ورتي
آھي؟
صوفي ستار: مون آنلائين يوٽيوب تان ”پالي چندرا“
جا ڪلاس ورتا آھن. پالي چندرا يوٽيوب تي آن لائين ڪلاسز ڏيندي آھي، جتان مون سکيا
حاصل ڪئي، ان کانپوءِ مون ڪيترن ئي استادن جھڙوڪ: برجو مهاراج جا انٽرويو ٻڌا، ان
کانپوءِ اھو سلسلو ايترو تہ وڌي ويو جو اڻ کٽ استادن کي ٻڌو ۽ ڏٺو. انهن جي ڪم سان
پنهنجي ڪم جي ڀيٽ ڪئي.
جڏھن بہ فارغ وقت ۾ منهنجي ھٿ ۾ موبائل ھوندي آھي،
مان سوشل پليٽ فارمز تي انٽرنيشنل ڪٿڪ آرٽسٽن کي ڏسندو ۽ سکندو رھندو آھيان. جنهن
۾ ڪجھ بيٽس، ڪجھ تالون، جن کي ٻڌي پوءِ پاڻ رقص ۾ آزمائيندو آھيان. منهنجي گهڻي سکيا
آنلائين ذريعي ٿي آھي. جيڪا مون مختلف استادن کان حاصل ڪئي آھي. برجو مهاراج،
مهاراج چتريش داس، ڪمار شرما ۽ پالي چندرا، اھي سڀ مون لاءِ وڏي رھنمائيءَ جو
ذريعو رھيا آھن.
مهراڻ سنڌي: توھان رقص دوران ڪپڙن ۽ لباس جي
چونڊ ڪئين ڪندا آھيو؟
صوفي ستار: رقص دوران مونکي خبر ھوندي آھي تہ ڪهڙو
لباس ڪٿي مونکي سٺو لڳندو ۽ ان سان گڏ اسٽيپس بہ سهڻا لڳندا. جيڪڏھن مان صوفي ڪٿڪ
پيش ڪريان ٿو تہ فراڪ يا گهير واريون شلوارون پائيندو آھيان. ڪنهن ڀيري اجرڪ واري
شرٽ جي بہ چونڊ ڪندو آھيان.
لباس ٺاھيندو/سلائي مان پاڻ ڪندو آھيان، ڊريس جي
ڊيزائن، ڪپڙي جي چونڊ. بازار مان خريداري ڪرڻ، ڪٽنگ، سجاوٽ سڀ ڪم مان پاڻ ڪندو
آھيان. پوءِ اھي لباس مختلف پروگرامن ۾ پائي پرفارم ڪندو آھيان.
مهراڻ سنڌي: رقص دوران توھان جي اندر ڪهڙي ڪيفيت
۽ احساس ھوندا آھن؟
صوفي ستار: رقص دوران مختلف ڪيفيتون ۽ احساس پيدا ٿينديون
آھن. جيڪڏھن مان باليووڊ يا ماڊرن ڪلام تي رقص ڪيان ٿو تہ منهنجي ڪيفيت ۽ احساس
الڳ الڳ ھوندا آھن ۽ جيڪڏھن مان صوفي رقص ڪيان ٿو تہ اُتي الڳ روحاني ڪيفيت ۽
احساس محسوس ٿيندا آھن. آرٽسٽ جڏھن اسٽيج تي ھوندو آھي تہ اڪثر ان جي ھڪڙي ڪيفيت
ھوندي آھي تہ ”اِھا ئي زندگي آھي. ھن وقت مان زندہ آھيان، ھن وقت مان آزاديءَ سان
ساھ کڻي رھيو آھيان، پنهنجي فن، عشق ۽ پنهنجي محبوب سان گڏ آھيان.“ الڳ ڪردارن جو
سبب ڪلام، شاعري ۽ ميوزڪ بہ ھوندو آھي، جنهن لحاظ سان ڪيفيتون ۽ احساس اثر ڇڏيندا
آھن. ھن موضوع تي جيڪڏھن ڳالهائجي تہ تمام ڊگهو جواب ٿي ويندو.
مهراڻ سنڌي: رقص کي ھڪ فن جي طور تي معاشرو
ڪيترو قبول ڪري ٿو؟
صوفي ستار: اسان جو معاشرو قبول ڪري بہ ٿو ۽ قبول
نٿو بہ ڪري. قبول اھي ڪن ٿا، جيڪي آرٽ سان سچو پيار ڪندڙ آھن. اھي ماڻهو اصل آرٽ
کي ڏسن ٿا ۽ سمجهن بہ ٿا. جيڪي قبول نٿا ڪن، اھي سونهن يا فحاشيءَ جي نظريي سان
ڏسن ٿا. اسان جي سماج ۽ معاشري جو الميو اھو آھي تہ اھي رقص کي ڪونہ ٿا ڏسن، اھي
بي حيائي کي ٿا ڏسن. جڏھن توھان اصل آرٽ ۽ نرت کي ڏسڻ شروع ڪندا تہ اھا شيءَ توھان
کي سمجھ ۾ ايندي تہ اصل آرٽ ۽ نرت ڇا آھي.
اسان وٽ الميو اھو رھيو آھي تہ اسان جي ماڻهن کي
آرٽ جي خبر ئي ناھي. انهيءَ ڪري گهڻا ئي اھڙا ماڻھو ان فيلڊ ۾ ڪم ڪن ٿا، جيڪي ھن
شعبي ۾ اچي بگاڙ پيدا ڪن ٿا. اڄ ھرڪو پنهنجو پنهنجو دڪان کوليو ويٺو آھي تہ مان
وڏو آرٽسٽ آھيان، فحاشي ماڻھو ان ڪم ۾ اچي نرت جي آڙ ۾ اھڙا ڪم شروع ڪن ٿا، جنهن سان
سڄي آرٽ جي فيلڊ کي نقصان ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري اڄ بہ معاشري جي نظر ۾ نرت ڪندڙ
ماڻهو ”خراب“ يا ”بي حياءَ“ سڏجن ٿا. جڏھن تہ حقيقت بلڪل بہ ائين ناھي.
مون ھڪ ڀيري انڊين ڪٿڪ ڪار جو ڪالم پڙھيو ھو، جنهن
۾ لکيل ھو تہ ”ڪنهن مون کان پڇيو تہ تون ھڪ رات جا گهڻا پئسا وٺي ٿي؟“ تہ ان جواب
۾ چيو تہ ”مان ھتي پنهنجو فن وڪڻڻ آئي آھيان، پنھنجو جسم نہ.“ اھا اسان جي معاشري
جي سوچ آھي. چاھي مرد ھجي يا عورت، معاشرو توھان کي ان نظرن سان ڏسي ٿو.
توھان سکو ۽ ڪم جاري رکو، وقت سان پاڻ کي سنڀالي
ھلو، يقينن اھڙا ماڻهو بہ ايندا جيڪي آرٽ ۽ فن جي ڪري توھان جو احترام ڪندا، توھان
کي مان ۽ عزت پڻ ڏيندا.
مهراڻ سنڌي: توھان کي رقص جي ڪري ڪڏھن ماڻھن جي
تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو؟
صوفي ستار: بلڪل، ماڻهن جي تنقيد جو منهن ڏسڻو
پيو. ماڻهو مختلف نالن سان سڏڻ شروع ڪيو. ڪردار ڪشي ڪرڻ لڳا، ڪنا ۽ بڇڙا جملا چوڻ
لڳا. ايتري قدر اسٽيج جي شروعات ۾ ئي ماڻهن وٽان اڪثر خراب ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون
ھيون.
مون کي ياد آھي، جڏھن مان مسلم ڪاليج جي پهرئين
سال (فرسٽ ايئر) ۾ ھئس، ڪاليج جي موڪل دوران پهريون ڀيرو پنهنجي دوست سان گڏ
”گهنگهرو“ وٺڻ لاءِ (ڇوٽي گهٽي) ويو ھئس. مختلف دڪانن تان گهنگهرو بابت پڇا ڪئي
سين. سڀني دڪاندارن پڇيو پئي تہ ”ڇا جي لاءِ گهرجن؟“ مان شرم سبب کين اھو ٻڌائي
ڪونہ پئي سگهيس تہ رقص لاءِ گهرجن. نيٺ ھڪڙي دڪان واري کان پڇيم تہ ”ڇا توھان وٽ
رقص ڪرڻ وارا گهنگهرو ھوندا؟“ دڪاندار نوڙي ڇڪي سيٽ ڪري رھيو ھو ۽ وات ۾ گٽڪو
چٻائي رھيو ھو، دڪان کان ٻاھر نڪري ٿڪ اڇلي چيائين تہ ”ھا، اھي جيڪي کدڙا پائيندا
آھن.“ اھا ڳالھ ٻڌي مون کي تمام گهڻو خراب لڳو. حالانڪي اسان صوفي ماڻهو آھيون ۽
اھي (کدڙا) بہ انسان آھن، انھن لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام آھي. پوءِ منهنجي دوست
مونکي تڪڙو اتان ڀڄڻ جو چيو ۽ چيس تہ ”ھي تہ اسان جي بيعزتي ٿو ڪري“. تہ اھا آھي
اسان جي معاشري جي سوچ.
تنقيدون کوڙ ساريون ٿيون، ماڻهو اھو بہ چوندا ھئا
تہ ”اھو ڪڃر آھي، ھي کدڙو ٿي ويو آھي، ٻہ نمبر ڪم ٿو ڪري. ڇير ٻڌي نچي ٿو.“
منهنجي ڪردار تي طعنہ ھڻڻ، بڇڙا الزام لڳائڻ وغيرہ. ماڻهن جو تہ منهنجي پويان ڳالهيون ڪرڻ جو
معمول بڻجي ويو. ڪن تہ ايتري حد تائين چيو تہ ”اسان جا ان سان تعلق بہ رھيا آھن“
جڏھن تہ مون انهن کي ڪڏھن ڏٺو ئي ناھي نہ ئي انهن کي سڃاڻان. ايترو تہ آسانيءَ سان
الزام لڳائين ٿا ۽ برايون ڪن ٿا، افسوس معاشرو انهن تي يقين بہ ڪري وٺندو آھي.
”جان نہ پهچان مين تيرا مهمان“ وارو حال آھي. پوءِ دوست اچي مون کي ٻڌائيندا آھن
تہ فلاڻي تنهنجي باري ۾ ائين چيو آھي، پر مان تہ انهن کي سڃاڻان ئي ڪونہ، پر اسان
جو معاشرو ڪڏھن بہ طعنہ ھڻڻ ڪونہ ڇڏيندو. توھان ڪنهن بہ فيلڊ ۾ ھليا وڃو، ڪو بہ ڪم
ڪيو، توھان مان معاشرو ڪڏھن بہ خوش ڪونہ ٿيندو.
مان سمجهان ٿو تہ اھو ئي اصل امتحان آھي، جيڪڏھن
توھان ان مان نڪري وڃو تہ ڪامياب نہ تہ اھي توھان کي اندر کان تمام گھڻو ڪمزور ڪري
ٽوڙي ڇڏيندا. منهنجي دل ۾ رقص لاءِ ايتري تہ عزت آھي جو مون ڪڏھن رقص کي خراب
سمجهيو ئي ناھي نہ ئي ڪڏھن طعنن جي پرواھ ڪئي آھي. جيڪڏھن توھان جي دل ۾ رقص لاءِ
عزت ھوندي تہ ڪير بہ طعنو ھڻندو تہ توھان ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيندو.
مهراڻ سنڌي: رقص جي حوالي سان توھان جو پسنديدہ
آئيڊل ڪير آھي؟
صوفي ستار: رقص جي حوالي سان منهنجا پسنديدہ
آئيڊيل برجو مهاراج، ماڌوري دڪشِت، پالي چندرا، ڪمار شرما (ماڊرن ڪٿڪ ڪار) آھن ۽
پاڪستان ۾ وحاب شاھ منهنجو پسنديدہ آئيڊل ڊانسر آھي.
مهراڻ سنڌي: زندگي جي سڀ کان وڏي خواھش ڪهڙي
آھي؟
صوفي ستار: زندگيءَ ۾ منهنجي سڀ کان وڏي خواھش اھا
آھي تہ آئون ھڪ اھڙو ادارو کوليان، جنهن ۾ ڪلاسيڪل نرت سان گڏ مختلف رقص جا
اسٽائيل سيکاريا وڃن. ان اداري ۾ الڳ الڳ پيرڊ ھجن، جيئن: ھپ ھاپ، باليووڊ، بريڪ
ڊانس، ڪلاسيڪل ڪٿڪ، فوڪ ڊانس وغيرہ. منهنجو مقصد آھي تہ اھڙيون سٺيون ٽيمون تيار
ڪجن، نرت جو اھڙو معياري قائم ڪجي جو اسان جون ٽيمون پوري ملڪ ۾ پرفارم ڪن ۽ سنڌ
جو نالو روشن ڪن ۽ رقص کي انٽرنيشنل سطح تائين پڻ وٺي وڃن.
منهنجو وڏو خواب آھي تہ آئون حيدرآباد ۾ ھڪ زبردست
قسم جي نرت اڪيڊمي اسڪول کوليا، جتي فن کي عزت ۽ شاگردن کي صحيح تربيت ملي.
مهراڻ سنڌي: نون رقاصن لاءِ توھان جو ڪو پيغام،
صلاح يا مشورو؟
صوفي ستار: نون رقاصن لاءِ مان اھو چوندس تہ توھان
اھي فرد آھيو، جيڪي معاشري کان الڳ رستو چونڊيو آھي، تنهنڪري رقص کي سنجيدگي سان
سکو ۽ ان کي سهڻي نموني سان اڳتي کڻي وڃو. جيڪڏھن رقص ۾ توھان بگاڙ پئدا ڪندؤ ۽
سکڻ جي ڪوشش نہ ڪندؤ، ان کي رڳو شهرت يا ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪندؤ تہ اھو پاڻ
سان ۽ رقص سان ناانصافي ھوندي.
رقص ھڪ فطري ۽ اعليٰ قسم جو فن آھي. جنهن کي سکڻ ۽
پيش ڪرڻ جي گھڻي ذميواري شامل آھي. محنت ڪريو ۽ سٺي نموني سان سکو. جيڪڏھن توھان
رقص ۾ بگاڙ آڻيندو تہ پوءِ سڄو ڪم خراب ٿي ويندو ۽ افسوس اڄ اھو ٿي بہ رھيو آھي.
حيدرآباد ۾ کوڙ سارا آرٽسٽ، پنهنجي رقص کي ڪلاسيڪل
نرت سڏين ٿا، پر کين ڪلاسيڪل جي ”ڪ“ جي بہ خبر ناھي. توھان بس جان ڇڏائڻ وارو ڪم
ڪيو ٿا. اھڙا ماڻهو ظاھري خوبصورتي تي يقين ڪن ٿا، پر اھو نرت نہ آھي. حقيقي رقص
فن جي اصولن مطابق ۽ فڪر سان جڙيل ھجي. توھان جسم جي حرڪت کي رقص چئو ٿا، ائين
بلڪل ناھي.
توھان جيڪڏھن انٽرنيشنل تائين ويندؤ تہ توھان کي
اھي ڏسي چوندا تہ توھان وڃو اول سکي اچو. منهنجي نون رقص ڪندڙن جي لاءِ صلاح آھي
تہ فن سان سنجيدگي اختيار ڪيو، ان کي وقت ضايع ڪرڻ جو ذريعو نہ بڻايو. توھان چاھيو
ٿا تہ دنيا توھان کي عزت سان سڃاڻي تہ پهرين سکو ۽ پوءِ پيش ڪيو.
اسان وٽ ڪجھ نوجوان سنڌي اھڙا بہ آھن، جيڪي آرٽ کي
سمجهن ٿا، انهن کي اصل ڪلاسيڪل نرت جي خبر آھي. پر گهڻا ادب ۽ آرٽ کان پري ٿي ويا
آھن، اھي محنت ڪرڻ ڪونہ ٿا چاھين. نتيجي ۾ ماڻهن کي غلط سمجهاڻي ملي ٿي. اھو رويو
تبديل ڪرڻ ضروري آھي، اصل آرٽ سکڻ، سمجهڻ ۽ پيش ڪرڻ سان ئي زندہ رھندو.

