اقوامِ متحدہ يا غير مسلم قومن جو ذيلي ادارو.. ـ ارشاد علي پنھور

انساني تاريخ ۾ لڳل ٻن بدترين ۽ خوني عالمي جنگين دنيا کي وڏي تباهيءَ جي ڪناري تي آندو، جنهن کانپوءِ انسانيت پسند قوتن کي احساس ٿيو تہ گڏجي امن، انصاف ۽ ڀائيچاريءَ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، تہ جيئن  ڌرتيءَ تي زندگي جو وجود باقي رھي سگهي. اهڙي پسمنظر ۾ اقوام متحدہ جو قيام ٿيو، جيڪو ٻي عالمي کان تڪڙو ئي 24 آڪٽوبر 1945ع ۾ عمل ۾ آيو، جنهن جو بنيادي مقصد دنيا ۾ امن قائم رکڻ، قومن جي وچ ۾ باهمي احترام ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ هو.

توڙي جو اقوام متحدہ جا ميمبر ملڪ ھر مذهب، نسل ۽ تهذيب سان تعلق رکندڙ آهن. جن ۾ خاص ڪري مسلمان، عيسائي، يهودي، هند مت، بدھ مت مذهبن جا ملڪ شامل آهن. پر جيڪڏهن ڳالهہ ڪجي غير مسلم قومن جي تہ انهن جو اقوام متحدہ ۾ وڏو اثر ۽ عمل دخل آهي.

حقيقت ۾ اقوام متحدہ هڪ غير مذهبي يعني غير مسلم ادارو ئي آهي، جيڪو مذهبي بنيادن بدران سياسي، معاشي ۽ انساني حقن جي اصولن تي ڪم ڪري ٿو. جنهن ۾ غير مسلم قومن جو وڏو اثر ۽ ڪردار آهي.

عام طور تي اقوام متحدہ جا وڏا فيصلا، سيڪيورٽي ڪائونسل وسيلي ئي ٿين ٿا، جنهن جا پنج مستقل ميمبر آهن: جن ۾ آمريڪا، برطانيا، فرانس، روس ۽ چين شامل آهن. جڏهن تہ انهن پنجن ئي ملڪن مان ڪو بہ اسلامي ملڪ ناهي. اهي سڀ غير مسلم قومون آهن، جيڪي عالمي فيصلا ڪرڻ ۾ ويٽو پاور جو استعمال ڪن ٿيون. انهن جي پاليسين جو اثر دنيا جي سياست، اقتصاديات ۽ جنگي معاملن تي نمايان نظر اچي ٿو.

غير مسلم قومون اقوام متحدہ ۾ پنهنجي مفادن کي ترجيح ڏين ٿيون. مثال طور، جڏهن بہ اسلامي ملڪن سان لاڳاپيل مسئلا سامهون اچن ٿا. جهڙوڪ: فلسطين، شام، لبنان، ڪشمير، افغانستان يا عراق جا مسئلا تڏهن انهن ملڪن جو رويو اڪثر جانبدارانہ ۽ غير منصفاڻو نظر اچي ٿو. فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم تي اقوام متحدہ ڪيترائي ڀيرا قراردادون تہ پاس ڪيون، پر غير مسلم طاقتور قومن جي مخالفت سبب انهن تي عمل نہ ٿي سگهيو.

پوءِ ان کي انساني حقن جي ڳالهہ يا مفادن جو تحفظ سمجهجي؟

ڏسجي تہ اقوام متحدہ جي انساني حقن واري ڪائونسل هر انسان جي برابري ۽ آزاديءَ جي ڳالهہ تہ ڪري ٿي، پر عملي طور تي ان جا فيصلا گهڻو ڪري غير مسلم ملڪن جي مفادن تي ئي ٻڌل رھندا آهن. جڏهن ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ مسئلو ٿئي ٿو تہ اقوام متحدہ فوري طور تي ردِعمل ڏيکاري ٿي، پر جڏهن يورپ يا آمريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾ مسلمانن سان زيادتي ٿئي ٿي، تہ اتي اها خاموش رهندي آهي.

تہ پوءِ ان ۾ اسلامي ملڪن لاءِ ڪھڙو سبق آهي..؟؟

سبق اھو آهي تہ اھا ڳالهه بغور سمجهڻ جي ضرورت آهي تہ اقوام متحدہ ۾ غير مسلم قومن جي بالادستيءَ جو اصل سبب اسلامي ملڪن جي پاڻ ۾ اتحاد جي کوٽ ئي  آهي. جيڪڏهن اسلامي ملڪ پاڻ ۾ هڪ آواز ٿي پون، تہ عالمي فيصلا ڪرڻ ۾ انهن جو اثر پڻ ضرور وڌي سگهي ٿو. خاص ڪري پاڪستان جهڙا ملڪ، جيڪي ھميشہ امن، انصاف ۽ آزاديءَ جي ڳالهہ ڪن ٿا، انهن کي گهرجي تہ اقوام متحدہ جي اندر پنهنجي حيثيت مضبوط ڪن ۽ مسلم دنيا جي جوڙيل گڏيل مفادن واري تنظيم، اسلامي تعاون تنظيم (OIC) جهڙن ادارن کي پڻ اڄوڪي دوڍر جي عالمي پس منظر پٽاندڙ، وڌيڪ مؤثر بڻائين.

ڇاڪاڻ تہ اقوام متحدہ بيشڪ امن ۽ انسانيت جي نمائندگي جو دعويٰ تہ ڪري ٿي، پر حقيقت ۾ اها غير مسلم قومن جو ذيلي ادارو بڻجي چڪي آهي، جتي طاقتور ملڪ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا. مسلمان ملڪن لاءِ ضروري آهي تہ هو عالمي ادارن ۾ پنهنجي سڃاڻپ، اتحاد ۽ موقف کي مضبوط ڪن، تہ جيئن دنيا ۾ انصاف ۽ برابريءَ جو حقيقي تصور قائم ٿي سگهي.

اقوام متحدہ جي اداري کي پڻ سمجهڻ جي ضرورت آهي تہ سندس جو مقصد امن قائم رکڻ هو، پر جڏهن انصاف کان سواءِ امن جي ڳالهہ ڪئي وڃي، تہ اها ڳالهہ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. دنيا کي اڄ بہ انصاف، ايمانداري ۽ برابريءَ تي ٻڌل اقوام متحدہ جي ضرورت آهي. نہ ئي طاقتور قومن جي حڪمرانيءَ تي هلندڙ ڪنهن ذيلي اداري جي.“


Previous Post Next Post