امڪانن تي يقين رکو (قاسم علي شاھ) ـ سنڌيڪار: امتياز علي رند

ڪيرول ڊوِيڪ (Carol Dweck) انتهائي قابل ماهر نفسيات آهي. هن هارورڊ، ڪولمبيا ۽ اسٽينفورڊ جهڙين وڏين يونيورسٽين ۾ پڙهايو آهي. هن جو ڪارنامو اهو آهي ته هن انساني سوچ ۽ روين بابت ”مائنڊ سيٽ ٿيوئري“ (Mindset Theory) پيش ڪئي ۽ دنيا کي ٻڌايو ته ڪاميابي جو تعلق انسان جي ذهن (Brain) سان نه پر ذهنيت (Mindset) سان آهي. 1980ع ۽ 90ع واري ڏهاڪي ۾ هن شاگردن تي مختلف تجربا ڪيا، جن مان هڪ تجربو اهو هو ته شاگردن کي ٻن ڪلاسن ۾ ورهايو ويو. پهرين جماعت کي اهو يقين ڏياريو ويو ته توهان جي ذهانت ۽ صلاحيتون ”طئي ٿيل“ آهن، يعني توهان جو تعلق فڪسڊ مائنڊ سيٽ (Fixed Mindset) سان آهي. توهان جيترا ذهين آهيو اوترا ئي رهندا، توهان محنت ۽ ڪوشش سان گهڻي تبديلي نٿا آڻي سگهو. ٻئي گروپ کي ٻڌايو ويو ته لڳاتار محنت ۽ ڪوشش سان توهان پنهنجي ذهانت کي وڌائي سگهو ٿا. يعني توهان گروٿ مائنڊ سيٽ (Growth Mindset) وارا ماڻهو آهيو. جيڪڏهن توهان ڪڏهن ناڪام ٿي وڃو ته اهو دراصل توهان جي لاءِ سکڻ جو موقعو آهي. ان کان پوءِ ٻنهي ڪلاسن کي ڏکيا سوال ۽ پزل ڏنا ويا ۽ جڏهن نتيجا سامهون آيا ته اهي انتهائي حيران ڪندڙ هئا. فڪسڊ مائنڊ سيٽ وارا ٻار جلدي هار مڃي ويا. انهن ۾ ناڪامي جو خوف وڌيڪ هو ۽ اهي هر مسئلي کي پنهنجي قابليت جي گهٽتائي سمجهندا رهيا. ان جي برعڪس گروٿ مائنڊ سيٽ وارن ٻارن مسئلن کي چئلينج طور قبول ڪيو. اهي ناڪامي کان نه گهٻرايا پر اهڙي صورت ۾ هنن نوان رستا ڳوليا ۽ وڌيڪ محنت ڪندا رهيا. نتيجي طور اها جماعت وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لڳي.

ڪيرول ڊويڪ جي ان تحقيق ثابت ڪيو ته ڪاميابي جو تعلق صرف ذهانت يا وسيلن سان ناهي پر ان ڳالهه سان آهي ته اسان پنهنجي ذهانت کي ڪهڙي نظر سان ڏسون ٿا. جيڪڏهن اسان بدقسمتي سان اهو تسليم ڪري وٺون ته اسان جون صلاحيتون محدود آهن ته اسان پاڻ مٿان اڳتي وڌڻ جا رستا بند ڪري ڇڏيون ٿا، ان جي جاءِ تي جيڪڏهن اسان اهو يقين ڪري وٺون ته محنت ۽ يقين سان اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا ته اسان جي سامهون امڪانن جي نئين دنيا کلي پوي ٿي.

گذريل ڏينهن ۾ مون هڪ ڪتاب پڙهيو جنهن جا سبق مون کي تمام گهڻا پسند آيا. ڪتاب جو نالو ”دي آرٽ آف پاسيبلٽي“ (The Art of Possibility) آهي. هي هڪ شاندار ڪتاب آهي جيڪو انسان جي تخليقي صلاحيت کي اڀاري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اسان پنهنجي زندگيءَ جي مسئلن ۽ ڏکيائين کي ڪيئن بهترين انداز ۾ حل ڪري سگهون ٿا. پڻ مشڪل حالتن ۾ پاڻ کي مثبت ڪيئن رکڻو آهي ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪندي مسئلن جو حل ڪيئن ڪڍڻو آهي، ذڪر ڪيل ڪتاب اسان کي اهي گر سيکاري ٿو. اچو ته انهن نڪتن جو جائزو وٺون:

(1) هر شيءِ ايجاد ڪيل آهي

اسان پنهنجي دنيا ۾ جيڪو ڪجهه به ڏسون ٿا ۽ جيتريون به ڪهاڻيون ٻڌون ٿا اهي سڀ ايجاد ڪيل آهن. انساني ذهن انهن شين کي پهريان سوچيو، پوءِ انهن کي عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، بار بار ڪوشش ڪئي ۽ آخرڪار اها شيءِ وجود ۾ اچي وئي. مثال طور توهان جي هٿ ۾ موجود موبائيل، توهان جي نڪ تي لڳل عينڪ، توهان جو لباس، توهان جي ميز تي موجود قلم، ڪاغذ ۽ خوبصورت ربنز، اهي سڀ جو سڀ ذهن جون تخليقون آهن. پر زماني جي ترقي سان گڏ هر شيءِ ترقي ڪري ٿي. هڪ زماني جي ڪهاڻي ٻئي زماني ۾ بدلجي وڃي ٿي. هڪ زماني جي تحقيقات کي ٻئي زماني جا ماڻهو رد ڪري ڇڏيندا آهن. مثال طور پهريان چيو ويو ته زمين سڌي (چپٽي) آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته اها سڌي ناهي پر گول آهي. توهان جيڪڏهن ڪنهن بلڊنگ جي گرائونڊ فلور تي هجو ته توهان کي چند شيون ئي نظر اينديون پر جيڪڏهن توهان ان بلڊنگ جي پندرهين منزل تي وڃي هيٺ ڏسو ته اتان جو نظارو ئي الڳ هوندو. هن دنيا ۾ هر نظريي ۽ هر ڪهاڻي کي تبديل ٿيڻو آهي. توهان هر شيءِ کي پنهنجي بهترين مستقبل جي تناظر ۾ ڏسو. امڪانن تي نظر رکو ۽ پاڻ کي هڪ شاندار ڪهاڻي ٻڌايو ته جيئن اها توهان جي جذبن کي تازگي ڏئي ۽ پوءِ ان ڪهاڻي کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪريو.

(2) امڪانن واري دنيا طرف وڌو

اسان مشروط زندگي گذاري رهيا آهيون. اسان وٽ هر شيءِ کي ماپيو ۽ توريو وڃي ٿو. ”توهان ائين ڪندؤ ته ڪامياب ٿي ويندؤ“، ”توهان وٽ اهي شيون آهن ته توهان جي زندگي آسان آهي“ وغيره وغيره، انهن حدن انسان کي گهيري ورتو آهي. اسان کي گهرجي ته انهن حدن بدران امڪانن طرف ڏسون. اميد پسند بڻجو. پاڻ کان پڇو ته منهنجي لاءِ بهترين امڪان ڪهڙا ٿي سگهن ٿا ۽ مايوسي جو اهو ڪهڙو خيال آهي جيڪو منهنجي سوچ کي محدود بڻائي رهيو آهي. پنهنجي دل کي امڪانن لاءِ کوليو ۽ اميد جي طرف وڌڻ شروع ڪريو.

(3) ”A“ گريڊ ڏيو

قدرت توهان کي جيڪي صلاحيتون ۽ قابليتون ڏنيون آهن انهن کي استعمال ۾ آڻيندي ٻين جي مدد ڪريو. توهان جي آسپاس جيڪي ماڻهو آهن انهن کي ”A“ گريڊ ڏيو يعني خلوصِ دل سان انهن جي مدد ڪريو. جيڪڏهن انهن ۾ ڪو ڪمزور آهي ته ان جو هٿ جهليو، ان کي بهتر بڻايو ۽ ان کي ”A“ گريڊ تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪريو. جڏهن توهان ڪنهن کي ان جي منزل تي پهچائيندؤ ته هو دل ۽ جان سان توهان جي عزت ڪندو.

(4) پنهنجو حصو وجهو

هر صبح اٿي نئين ڏينهن ملڻ تي شڪريو ادا ڪريو ۽ سوچيو ته قدرت صلاحيت، قابليت ۽ بهترين شخصيت جي صورت ۾ مون کي جيڪو تحفو ڏنو آهي، ان جي بدولت مان پنهنجي ڪم کي شاندار ڪيئن بڻائي سگهان ٿو. مثال طور جيڪڏهن توهان پريزنٽيشن ڏيڻي آهي ته توهان کي فڪر هوندو ته خبر ناهي اها ناظرين کي پسند ايندي يا نه، اها شيءِ توهان کي دٻاءُ ۾ وجهي ڇڏي ٿي پر جيڪڏهن توهان پنهنجي سموري قابليت پنهنجي ڪم کي بهتر ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي پرسڪون ڪري وٺو ته توهان ان پريشاني کان بچي سگهو ٿا.

روز سوچيو ته منهنجو ڪم ڪيتري اهميت وارو آهي. پنهنجي ڪم کي ڪمال سان گڏ تڪميل تائين پهچائڻ ڪيترو ضروري آهي ۽ جيڪڏهن مان پنهنجي ڪم کي بهترين انداز ۾ مڪمل ڪري وٺان ته ان جو منهنجي شخصيت تي ڪهڙو اثر ٿيندو؟

ياد رکو ته توهان بهترين ڪارڪردگي تڏهن ڏيکاري سگهو ٿا جڏهن توهان ماضي کي وساري ڇڏيو، مستقبل جي وسوسن کي ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ موجوده لمحي ۾ رهو. اها ڪهڙي رڪاوٽ آهي جيڪا توهان جي زندگيءَ ۾ اچڻ واري آهي، ان تي پهريان ئي اقدامي حملو ڪري ڏيو، ان کي ٽوڙي رکو ته جيئن توهان آسانيءَ سان اڳتي وڌي سگهو.

(5) اڳواڻي وارو ڪردار

پنهنجي صلاحيت ۽ قابليت مطابق اڳواڻي وارو (قائدانه) ڪردار ادا ڪريو. اها ڳالهه ياد رکو ته اڳواڻ جي حيثيت سان توهان پنهنجي قابليت کي پنهنجي ذات لاءِ به استعمال ۾ آڻڻو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ماتحت ماڻهن ۽ دوستن جي بهترين ڪمن جي همت افزائي به ڪرڻي آهي. ماڻهن جون خوبيون ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو. هر هڪ کي پاڻ سان ملايو. ڪو به مسئلو هجي ته سڀني کي گڏ وٺي ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

(6) اصول نمبر 6

هي هن ڪتاب جو هڪ بهترين اصول آهي. هي ٻڌائي ٿو ته زندگيءَ ۾ حد کان وڌيڪ سنجيده نه ٿيڻ گهرجي. ”مون سان ائين ڇو ٿي رهيو آهي“، ”خبر ناهي ڇا ٿيندو“ جهڙا جملا انسان جي توانائي کي لڳاتار ختم ڪندا رهن ٿا. زندگيءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه زنده دلي ۽ کل ڀوڳ به هجڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان زندگي کي بار بڻائي گذاريندؤ ته تمام جلد توهان جا اعصاب ٿڪجي پوندا. حالتون جهڙيون به هجن، پنهنجي مزاج ۾ مزاح جو پهلو زنده رکو. بدترين حالتن کي به هلڪو ڦلڪو بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو. ان عادت سان ماڻهو توهان کي پسند ڪندا ۽ توهان جي ويجهو اچڻ چاهيندا.

(7) حالتن کي قبول ڪريو

زندگيءَ جا اهڙا حالات جن کي توهان تبديل نٿا ڪري سگهو، انهن کي ائين ئي وڃڻ ڏيو. انهن شين تي ڌيان ڏيو جيڪي توهان جي دائري اختيار ۾ آهن ۽ جيڪي ان دائري کان ٻاهر آهن، انهن لاءِ فڪر مند نه ٿيو. جڏهن توهان ان ڳالهه کي تسليم ڪري وٺندؤ ته توهان جي اندر اڳتي وڌڻ جو جذبو وڌيڪ بهتر ٿيندو.

ياد رکو! توهان جي صلاحيتن جو بهترين استعمال اهو آهي ته توهان معاشري لاءِ فائدي واري شيءِ تخليق ڪريو. پنهنجي دل امڪانن لاءِ کوليو، صرف پنهنجي ذات لاءِ نه پر معاشري ۽ قوم لاءِ سوچيو. توهان پنهنجي سوچ جي دائري کي جيترو وڏو ڪندؤ توهان جي ڪمن جو اثر به اوترو ئي وڏو هوندو.

(8) جذبي کي تازو رکو

پهاڙن مان نڪرندڙ درياءَ کي ڏسو. اهو ڪيتري زور ۽ شور سان، ور وڪڙ رستا ٺاهيندي رواني سان هيٺاهين طرف وهي ٿو. دراصل اهو پنهنجي پيچري زندگي ڇڏي نئين زندگيءَ طرف وڌي ٿو. توهان به زندگيءَ جي هر پل کي پرجوش انداز ۾ گذاريو. ڀرپور عزم سان پنهنجي منزل طرف وڌو، مستقل مزاجي اپنايو ۽ پنهنجي اندر درياءَ جهڙي رواني پيدا ڪريو ته توهان ضرور پنهنجي منزل تي پهچي ويندؤ.

(9) مشعل روشن ڪريو

قدرت توهان کي هڪ زبردست قسم جي مشعل ڏني آهي. ان مشعل سان توهان نه صرف پنهنجي زندگيءَ جو رستو ڳولي سگهو ٿا پر ٻين جي زندگيءَ ۾ به سوجهرو آڻي سگهو ٿا. پنهنجو شوق دريافت ڪرڻ آسان ڪم ناهي. شايد توهان کي به اهو مشڪل لڳي پر توهان پنهنجي مشعل سان ٻين جي ڏيئن کي روشن ڪري سگهو ٿا. انهن جو شوق ڳولڻ ۾ سندن مدد ڪريو. انهن کي پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق سان متاثر ڪريو ۽ انهن کي همت ۽ حوصلو ڏيو، ممڪن آهي ته انهن جي زندگي بدلجي وڃي.

(10) بساط (Board) بڻجي وڃو

ٻين تي الزام لڳائڻ بند ڪريو. انهن کي پرکڻ ۽ جاچڻ ڇڏي ڏيو. زندگيءَ جي سٺن خراب حالتن جي ذميواري پاڻ قبول ڪريو. پنهنجي ويزن (Vision) کي وڌايو. جڏهن توهان انسانن کي سٺي بڇڙي جي ليبل کان بغير تصور ڪرڻ شروع ڪندؤ ته توهان شطرنج واري بورڊ جيان بڻجي ويندؤ جنهن تي امڪانن جي دنيا موجود هوندي آهي. هاڻي توهان پاڻ کي ترقي جي رستي تي هلائي سگهو ٿا پر جيڪڏهن توهان پاڻ کي محدود ڪري ورتو يا ٻين تي الزام لڳائڻ شروع ڪيو ته توهان جون تخليقي صلاحيتون ڪمزور ٿي وينديون.

(11) امڪانن جي دنيا ٺاهيو

ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪجهه وڏو ڪرڻ چاهين ٿا، اهي اڳتي وڌڻ چاهين ٿا، اهي مشين وانگر ٻڌل زندگي گذارڻ نٿا چاهين. توهان جي ذميواري آهي ته توهان انهن کي هڪ عظيم مقصد لاءِ تيار ڪريو، انهن کي متحد ڪريو، انهن جي لاءِ امڪانن جي دنيا ٺاهيو ۽ انهن کي معاشري جي خدمت لاءِ تيار ڪريو. توهان انهن کي اهو تصور ڏيو ته جڏهن انسان هڪٻئي سان تعاون ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته انهن جا مسئلا حل ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن.

(12) ”منهنجي ڪهاڻي“ جي جاءِ تي ”اسان جي ڪهاڻي“ ٺاهيو

اسان جي معاشري ۾ هر شخص ”مان“ جي فڪر ڪري رهيو آهي. هتي انفراديت جي سوچ وڌيڪ ۽ اجتماعيت جي گهٽ آهي. اڄ دنيا کي اجتماعيت جي تمام گهڻي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان جي گوڏي ۾ شديد سور پوي ته ان جو سمورو ڌيان سور واري جاءِ تي هوندو آهي. ان جو ذهن ان بابت ئي سوچي ٿو. اکيون سور جي دوا ڳولين ٿيون. هٿ به ان جدوجهد ۾ هوندو آهي ته ڪجهه اهڙو ڪيو وڃي جنهن سان گوڏي جو سور گهٽ ٿي وڃي. اسان سڀني انسانن جو مثال به هڪ جسم جهڙو آهي. هڪ جي تڪليف سڀني جي تڪليف هئڻ گهرجي ۽ اهو احساس تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن اسان پنهنجي ٻولي ۾ ”مان“ جي جاءِ تي ”اسان“ جو لفظ استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏينداسين. ”منهنجي ڪهاڻي“ بدران ”اسان جي ڪهاڻي“ ٺاهيو. ان ۾ ئي اسان جي ڪاميابي آهي.


Previous Post Next Post