جڏهن بہ شهمور شھر کان موٽي ڳوٺ واپس ايندو هو تہ سارا سان ضرور ملندو هو، سارا جيڪا هميشہ هن جون راهون تڪيندي هن جي منتظر رهندي هئي
۽ شهمور بہ وڏي پيار ۽ پاٻوه مان سارا لاءِ شهر مان
ڪجھ نہ ڪجھ سوکڙي طور وٺي ساڻس ملاقات ڪري هڪ ٻئي
سان حال احوال اوري هڪٻئي جا سور پيا سليندا هئا. شهمور ۽ سارا جڏهن کان هوش سنڀاريو
هو، تڏهن کان هڪٻئي کي بيحد پسند ڪندا هئا، هڪ ڳوٺ ۾ رهندي هنن کي ان ڳالهہ جو اندازو ئي نہ رهيو هو تہ
انهن
جي وچ ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن پيار جا پيچ اڙجي ويا آھن ۽ هنن ٻنهي هڪٻئي سان جيئڻ ۽ مرڻ جا
وچن ڪري ڇڏيا. شهمور ۽ سارا جي دل سدائين هڪٻئي لاءِ پئي تانگهيل رهندي هئي.
هاڻ شهمور ان
عمر تي پهچي چڪو هو جو سندس والدين کيس وڌيڪ پڙھڻ لاءِ شھر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو هو
۽ اها ڳالھ سڄي ڳوٺ ۾ ڦھلجي چڪي هئي ۽ جڏهن اها ڳالھ سارا جي ڪنن تائين پهتي تہ هن جي پيرن هيٺيان ڄڻ زمين نڪري وئي هجي،
هوءَ جيڪا شهمور سان بي پناھ محبت ڪندي هئي، ان کان هاڻي شهمور ڌار ٿي شھر وڃي رهيو
۽ ان خبر ڄڻ سارا جي دماغ تي واڄٽ وڄائي ڇڏيا هئا، شهمور جي وڃڻ تي ڄڻ کيس خوف ٿيڻ
لڳو هو تہ ڪٿي شهمور ساڻس بيوفائي ڪري کانئس هميشہ لاءِ منهن نہ موڙي وجهي، ڇاڪاڻ تہ سارا کي ان ڳالهہ جو تمام گهڻو فڪر ٿيڻ لڳو هو تہ شهمور شھر وڃي بدلجي ويندو ۽ هو سندس محبت
بہ وساري ويهندو.
بحرحال شهمور
سڀني کان مگر خاص طور تي سارا کان موڪلائي شھر ڏانهن روانو ٿي ويو. شهمور شھر وڃڻ کان
پهرين سارا سان آخري ملاقات ڪندي کيس ڏاڍو سمجهائڻ لڳو تہ هو پنهنجي پڙھائي مڪمل ڪري واپس پنهنجي ڳوٺ
موٽي ايندو ۽ ان ڳالھ جو بہ کي اطمينان
ڏيڻ لڳو تہ منهنجي زندگي ۾ توکان سواءِ ٻيو ڪير بہ جڳھ وٺي نہ
سگهندو
۽ اسان ٻئي هڪٻئي جا ئي آھيون ۽ رهنداسين پر سارا جي ذهن ۾ الائي ڇو شهمور جي بيوفائيءَ
جو الڪو کيس هر هر ستائڻ لڳو ۽ سارا کي ان ڳالھ جو شايد اندازو ٿي چڪو هو تہ شهمور شھر وڃي هن کان منهن موڙي ڇڏيندو،
ڇاڪاڻ تہ ڪنهن هن جي ذهن ۾ اها ڳالھ طاري ڪري ڇڏي هئي تہ شھر جا ماڻهو بيوفا ۽ ڏاڍا چالاڪ ٿيندا آھن،
ان ڪري هن ٿي ڀانئيو تہ شهمور بہ شھري بابو بڻجي ساڻس وفا نہ ڪندو.
چوندا آھن تہ بندي جي من ۾ هڪڙي خدا کي سجهي ئي ٻي، سو
سارا سان بہ ڪجھ ائين ئي
ٿيڻ لڳو، جو جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ۽ شهمور جڏهن بہ شھر کان واپس ڳوٺ موٽندو هو تہ شھر مان سارا لاءِ ڪجهہ نہ
ڪجهہ تحفي طور وٺي ساڻس ملاقات ڪري کيس احساس
ڏياريندو رهندو هو تہ هو شھر وڃي
بلڪل بہ نہ
بدليو
آھي ۽ سارا کي بہ آھستي آهستي
پنهنجي ڪيل وهم ۽ گمان تي شرمندگي ٿيڻ لڳي هئي مگر کيس ڪهڙي خبر تہ اهو سڀ ڪجھ تہ شهمور صرف هن کي آٿت ۽ دلاسا ڏيڻ لاءِ ڍونگ
رچائي رهيو هو، حقيقت ۾ تہ هو دل ئي دل
۾ سارا کان عليحدگي اختيار ڪري کانئس ڪنهن طريقي سان جند ڇڏائڻ جي چڪر ۾ هو، جنهن جو
اندازو سارا کي هاڻي پئجي چڪو هو جو شهمور کي شھر کان واپس آئي ڪيترائي ڏينهن ٿي چڪا
هئا پر هن ساڻس ملاقات ڪو نہ ڪئي هئي ۽ سارا
جيڪا هر دم شهمور جي اُڪير پنهنجي دل ۾ رکي هن جو شدت سان انتظار ڪندي رهندي هئي ۽
هن جو اکيون جيڪي هميشہ سندس اوسيئڙي
۾ انتظار ڪنديون رهنديون هيون مگر گهڻي ڪوششن باوجود شهمور ساڻس ملڻ لاءِ بلڪل بہ تيار نہ
هو
۽ شهمور جي اهڙي سخت رويي، سنگدلي ۽ بيوفائيءَ سارا جو جيءُ بلڪل جهوري وڌو هو، جنهن
سبب شايد سندس محبت ۽ ويساھ جهڙن احساسن ۽ لفظن تان ارواح کڄي چڪو هو ۽ شهمور سارا
سان محبت تہ ڪو نہ نڀائي سگهيو مگر هن سارا جو ويساھ ٽوڙي ڄڻ
سندس دنيا جي هر محبت ۽ هر رشتي تان ويساھ کڄائي ڇڏيو هو.

