سنڌ جي ٻين
شهرن وانگر نصيرآباد بہ اڄ هڪ
انتهائي ڳڻتي جوڳي سماجي بيماري سان وڙهي رهيو آهي، ۽ اها بيماري آهي ”آئيس“
جهڙي خطرناڪ نشي جي تيزي سان وڌندڙ وبا. هي نشو نہ
صرف نوجوانن جي صحت تباه ڪري رهيو آهي، پر خاندانن، تعليم، امن امان ۽ سڄي سماج کي
بہ تباهيءَ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. افسوس سان چوڻو
پوي ٿو تہ هن ناسور خلاف لاڳاپيل ادارن خاص ڪري پوليس جو
ڪردار سوالن جي گهيري ۾ اچي چڪو آهي. نصيرآباد ۾ سياسي ۽ سماجي ڌرين منشيات خلاف
احتجاج پڻ ڪيا آهن ۽ عوام اهو الزام هنيو آهي تہ
آئيس سميت مختلف منشيات جو ڪاروبار کليل نموني هلي رهيو آهي، جڏهن تہ ذميوار ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن.
آئيس نشو
نوجوانن کي ذهني، جسماني ۽ اخلاقي طور تباه ڪري ٿو. ڪيترائي نوجوان تعليم ڇڏي نشي
جي ور چڙهي رهيا آهن. ڪيترن گهرن جا سک ۽ خوشيون برباد ٿي ويون آهن. والدين پريشان
آهن تہ سندن ٻار اسڪولن ۽ ڪاليجن بدران نشي جي ڌنڌي
ڪندڙن جي ڄار ۾ ڦاسي رهيا آهن. هي صورتحال صرف هڪ فرد جو نہ پر پوري سماج جو الميو آهي.
سڀ کان اهم
سوال اهو آهي تہ جڏهن شهر ۾ منشيات
کليل نموني وڪرو ٿي رهي آهي تہ پوءِ
پوليس کي خبر ڇو نٿي پوي؟ ڇا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي بي خبر آهن يا پوءِ ڪجهہ ڪاريون رڍون منشيات فروش مافيا سان ملي ڀڳت ۾
شامل آهن؟ عوام ۾ اهو تاثر ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيو آهي تہ منشيات جو ڪاروبار ڪنهن نہ ڪنهن سرپرستي هيٺ هلي رهيو آهي.
پوليس جو
اصل ڪم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت، ڏوهن جي روڪٿام ۽ نوجوان نسل کي تباهي کان
بچائڻ آهي. جيڪڏهن پوليس ايمانداري سان ڪارروائي ڪري تہ منشيات فروش گهڻي دير تائين بچي نٿا سگهن.
ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ نصيرآباد ۾ خاص آپريشن ڪري آئيس جي ڪاروبار ۾
ملوث ماڻهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي سخت قدم کنيا وڃن. صرف ننڍن منشيات فروشن کي
گرفتار ڪرڻ بدران اصل سرغنن تائين پهچڻ ضروري آهي.
ان سان گڏ
والدين، استادن، سماجي تنظيمن ۽ ميڊيا کي بہ
پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. نوجوانن کي راندين، تعليم ۽ مثبت سرگرمين ڏانهن آڻڻ
وقت جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن اڄ بہ خاموشي
اختيار ڪئي وئي تہ سڀاڻي هي
زهر سڄي نسل کي تباه ڪري ڇڏيندو.
حڪومت سنڌ
۽ اعليٰ پوليس اختيارين کي گهرجي تہ نصيرآباد
۾ وڌندڙ آئيس نشي جو فوري نوٽيس وٺي، شفاف ڪارروائي ڪن ۽ عوام جو پوليس تي اعتماد
بحال ڪن. ڇو تہ هڪ صحتمند نوجوان نسل
ئي ڪنهن بہ سماج جو روشن مستقبل هوندو آهي.

