جڏهن ڪنهن ورھين جي اڃايل رِڻ مٿان ڪي ڀانورا بادل، خوشيءَ وچان
ٻَکين پئجي، پاڻ ھڪٻئي مَنجھ سمائجي، خوشيءَ وچان لڙڪ لاڙيندا آهن، تڏھن اُن رڻ جي
اُڃايل زمين خوشيءَ منجھ ٻَھڪندي نظر ايندي آهي ۽ اُنھن بادلن جي لاڙيل لُڙڪن منجھان
آبياري ماڻي، گُلِ گُلزار بنجي، سونھن ڀرين سَھسين رنگين رنگن جي پُرسُڳند شگفتہ ٿيل
گُلن ڦُلن ساڻ پيار ڀَرِي سُھڻي مُرڪ مرڪندي پسبي آھي. اھڙي ئي دلديدہ رُت جيان، جنھن
پَل تون ۽ مان، جدائيءَ جي اذيتن ڀَري ڪيفيتن منجھان آزادي ماڻي، ھڪٻئي کي پَسڻ، ڪي
واعدا وچن اورڻ ۽ مِلڻ جي سَرھائيءَ ۾ ھڪٻئي کي دنيا جي حَسين قيد، ٻانھُن جي بڻايل
زنجيرن منجھ قيد ڪندا آهيون تہ خوشيءَ وچان لڙيل لڙڪ ڳَلن تي قطارن صورت، ڪنھن ننڍڙي
سمنڊ جي ھلڪڙي وَھڪري جو ڏيک ڏئي، تنھنجي پري ھجڻ جي غم ۾ دل جي ويران ٿيل رِڻ کي آبيارو
بنائي، سندس وجود منجھان خوشبودار گُل ڦُٽائي کين زندگي جو انمول تحفو پيش ڪندا آهن
۽ تنھنجي ٻانھُن جي مضبوط جَڪڙ سَبب پيدا ٿيل حَرارت کي استعمال ڪندي، تنھنجي ٿڌيرڙن
ساھَن منجھان آزاد ٿيندڙ ٿڌڙي هِير گُھلڻ تي ٽِڙي چوڌار پنھنجي پُرلطف سُڳنڌ پکيڙيو،
پاڻ ۾ سرگوشيون ڪرڻ شروع ڪندا آهن.
جڏھن تنھنجو حَسين، گُلابن کي گُلابت ڏيندڙ چھرو، جنھن منجھان چنڊ
چانڊوڪي چورائي آھي، اَکين مَنجھ سَمائجي، سندن رستي رُوح ساڻ رَلجي ويندو آهي تہ ھي
بي چين روح سڪون ڀريو بنجي، ھميشہ تو ساڻ رَلجي رھڻ لاءِ، توکي پَسڻ لاءِ خدا پاڪ کان ورتل سندس اصل
مڪان ڏانھنس واپسيءَ واري واعدي کان نابري وارڻ جو پَڪو پَھُ ڪري خوشيءَ وچان جھومندي
جھمريون پائڻ لڳندو آهي.
انھن خوبصورت لمحن بَرعڪس، منھنجا محبوب جنھن پل تون مونکان ڏُور،
مون ساڻ نہ ھوندو آھين ان پَل منھنجي دِلِ صحارا ريگستان جو اڻکٽ ويران رِڻ بڻجي، سندس
۾ موجود واريءَ جي ذرڙن جيترن لامحدود شديد ڏکن سان ڀرجيو لُڇندي، روئندي لڙڪ لاڙيندي
رھي ٿي ۽ منھنجو روح توکي نہ پَسندي، بي چين ٿي ڏکارو بنجي ان ئي مھل پنھنجي اصل مڪان
ڏانھن واپسيءَ واري واعدي جي خدا کي ياد ڏياري ٿو ۽ ڪي جتن ڪرڻ جا سانباها ڪرڻ لڳي
ٿو ۽ ان ئي لمحي منجھ تنھنجي وري ملڻ ۽ توکي پَسڻ جي اُميد جو سونھري ڪرڻو، روح منجھ
پيدا ٿيل نااُميديءَ جي اونداھ کي ختم ڪريو، کيس اميد جي روشنيءَ ساڻ پُر ڪريو ڇڏي
۽ کيس ڪجھ قرار اچيو وڃي ۽ توساڻ ڪي گھڙيون گھارڻ لاءِ، انتظار جي سُست رفتار گاڏيءَ
تي سوار ٿيو سفر پورو ٿيڻ لاءِ واجھائيندو ٿو رھي، واجھائيندو ٿو رھي.