هي ناول سياسي پسمنظر ۾ لکيل آهي، ناوَل ان دور ۾ گهمي ٿو جڏهن
وڏي ۽ تيز جنگ جي نتيجي ۾ افغانستان مان روسين ۽ روسي مداخلت کي تڙي ڪڍڻ کانپوءِ
اقتدار خاطر افغانين جو پاڻ ۾ وڙهي پوڻ،
افغانستان جي خانہ جنگي پاڪستان کي وبائن جهڙا چار مرض ڏئي وئي. هٿيار، هيروئن،
طالبان ملان ۽ دهشتگرد.
هن ناوَل ۾ مک ڪردار جوڳي جو آهي، جيڪو قاضي اسلام نالي همراه کي ڳولڻ اسلام آباد اچي ٿو ۽ اتي
پنهنجي اچڻ واري مقصد سان گڏ روزي روٽي ۾ لڳي ٿو وڃي، ان کانپوءِ اسلام کي ڳولڻ
لاءِ گلاب نالي همراه ڳوٺا اچي ٿو. گلاب پيدائشي گونگو آهي، ۽ جوڳي وٽ اچي رهي ٿو.
ناول ۾ غير ملڪي پٺاڻن جي سنڌ ۾ هٿيارن جي سپلائي ۽ انهن جي
اثر رسوخ جو جائزو ورتو آهي، انهي کانپوءِ سنڌ جي ماڻھن کي اسلام آباد جا ماڻهو
ڪئين ڏسن ٿا انهي تي بہ روشني وڌي وئي آهي .
اڳتي هلي گلاب گونگو گرفتار ٿئي ٿو ۽ جوڳي روپوش ٿي وڃي ٿو، ۽
سڄو ناوَل روپوشي جي سحر ۾ جوڳي کي اسلام آباد جي سياسي ڪيفيتن جو سفر ڪرائي ٿو. روپوشي دوران جوڳي هڪ جاءِ تي پنهنجي دوست چارڻ جي واسطي سان
افغان جي پٺاڻن وٽ پناھ
وٺي ٿو جيڪي بظاهر تہ ڀاڄين، (سبزي) جو ڪم ڪندا هئا پر اصلي ڪم هٿيار سنڌ تائين
پهچائڻ جو هو ۽ اهي پٺاڻ جوڳي کي هٿيار سنڌ تائين پهچائڻ جو زور رکن ٿا، ۽ جوڳي جي
انڪار کانپوءِ مارڻ جي ڪوشس ڪن جتان
جوڳي فرار ٿي نڪري ٿو.
هوڏانهن پوليس گلاب گونگي کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ فليٽ مان مليل
ثبوت ظاهر ڪندي ۽ دهشتگرد ڄاڻائيندي چوَي ٿي تہ تفتيشي ادارن کي ملزم جي فليٽ تان
اهڙو ثبوت هٿ آيو آهي جنهن سان چئي سگهجي ٿو تہ ملزم دهشتگرد آهن .
تفتيشي ادارن
رپورٽ ۾ جوڳي جو اصل نالو تار چند عرف جوڳي ڄاڻايو ويندو آهي ۽ گلاب گونگي جو گلاب
چند تفتيشي ادارن کي فليٽ مان مضبوط ثبوت ليمبرڪ جو تاريخي ڪتاب
(ٽيريرسٽ) ملندو آهي، انهي
بنيادن تي گلاب گونگي کي گرفتار ۽ جوڳي جي تلاش جاري هوندي آهي.
ناول ۾ تنظيمن جي ڍانچي تي بہ ڳالھ رکي وئي، جنهن ۾ ليکڪ اهيو ثابت ڪيو آهي تہ بغير تنظيم سازي جي اوهان
جون ڳالهيون، اوهان جو وڙهڻ ڪنهن فائدي جو ناهي ۽ ناول ۾ هڪڙو
ڪردار چارڻ جو آهي،
جيڪو سنڌ جي انقلاب جي ڳالهين ۾ افغانين اسمگلرن وٽ وڃي ڦاسي ٿو ۽ جڏهن پٺاڻن جي
حقيقت معلوم ٿئي ٿي تہ گوليون هڻي ماري ٿا ڇڏينس.
ناول بار بار چئي ساڳئي ڳالھ کي ڌهرائي ٿو تہ هميشہ سهڻيون ڇوڪريون تقريبن ايجنسين لاءِ ڪم ڪنديون آهن.
ناوَل ۾ شالي نالي ڇوڪري جيڪا بيحد سهڻي هوندي آهي ۽ جوڳي سان
پيار ڪندي آهي آخر ۾ اهيو ئي ثابت ٿيندو آهي تہ شالي ايجنسين لاءِ ڪم ڪندي هئي.
ناول جي آخري تسلسل ۾ گلاب گونگي جي ٽيپ رڪارڊنگ ٿيل اعترافي
بيان جي حڪومت تصديق ڪري ٿي ۽ گلاب گونگو جيل خدڪشي ڪري انت آڻي ٿو ڇڏي، اصل ۾
گلاب کي جيل ۾ ماريو ٿو وڃي اها خبر ٻڌي جوڳي ٿاڻي تي حملو ڪري ٿو نتيجن گوليون
لڳڻ تي بيهوش ٿي وڃي ٿو، جڏهن اک کولي ٿو تہ پاڻ کي ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ ڏسي ٿو.

