زندگيءَ جي
هر ميدان ۾ جڏهن انسان پنهنجي سوچ کي محدود ڪري ڇڏيندو آهي، تڏهن حقيقت جي گهراين تائين
پهچڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو۔ سطحي سوچ، يعني اهڙي سوچ جيڪا رڳو مٿاڇري کي ڏسندي هجي، ڪنهن
بہ معاملي جي اندر لڪل سچ تائين رسائي حاصل
نٿي ڪري سگهي۔ اهڙي سوچ انسان کي نہ صرف غلط رستي
تي وٺي وڃي ٿي، پر سماج لاءِ بہ هڪ خطري جي
صورت اختيار ڪري ٿي۔
سطحي سوچ جو
سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي تہ اها انسان کي
معلوم ٿيڻ يا ڄاڻ هجڻ تي مغرور بڻائي ڇڏي ٿي۔ جڏهن ڪو ماڻهو اڌورو علم حاصل ڪري پاڻ
کي علامہ سمجهي ويهي ٿو، تڏهن ئي علم زهر بڻجي ويندو
آهي۔ اڌورو علم ڄڻ هڪ تيز ڌار ڇري آهي، جيڪا هٿ ۾ تہ
اچي
وڃي ٿي، پر ان کي سنڀالڻ جي سمجھہ نہ هجڻ ڪري زخمي بہ پاڻ کي ڪري ٿي، ۽ ٻين کي بہ۔
اسان جي سماج
۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ڪنهن ڪتاب جو صرف عنوان پڙهي، يا ڪنهن ڳالهہ جو اڌ حصو ٻڌي پاڻ کي فيلسوف سمجهن ٿا۔ ائين
ماڻهو حقيقت ۾ علم جي عزت نہ ٿا ڪن، بلڪہ علم کي سستي ڳالهہ بڻائي ڇڏين ٿا۔ علم تہ اُهو آهي، جيڪو انسان کي عاجزي سيکاري، برداشت
پيدا ڪري، ۽ ٻين جي فڪر جو احترام ڪرائي۔ اڌورو علم، ان جي ابتڙ، غرور پيدا ڪري ٿو،
۽ انسان کي پاڻ کان سواءِ ٻين سڀني کي گهٽ سمجهڻ تي مجبور ڪري ٿو۔
سطحي سوچ سان
انسان پنهنجي ذهن جا در بند ڪري ڇڏي ٿو۔ اهڙو ماڻهو نوان خيال قبول نٿو ڪري، سوال ڪرڻ
کان ڊڄي ٿو، ۽ اختلاف کي دشمني سمجهي ٿو۔ نتيجي ۾ سماج ۾ فڪري زوال اچي ٿو۔ جڏهن ماڻهن
جو فڪر محدود ٿي وڃي، تہ ترقي جا رستا
بہ بند ٿي وڃن ٿا۔ ڪو بہ معاشرو تڏهن اڳتي وڌي سگهي ٿو، جڏهن اتي
سوچڻ، سوال ڪرڻ، ۽ نون خيالن کي قبول ڪرڻ لاءِ
آزاد
هجي۔
اڌورو علم سياست
۾ هجي يا مذهب ۾، تعليم ۾ هجي يا سائنس ۾، هر جاءِ تي خطرناڪ آهي۔ سياست ۾ اڌورو علم
عوام کي گمراه ڪري ٿو، مذهب ۾ اڌورو علم انتهاپسندي پيدا ڪري ٿو، تعليم ۾ اڌورو علم
نسلن کي نيم ڄاڻو يا اڌ عالم بڻائي ٿو، ۽ سائنس ۾ اڌورو علم تجربن کي تباهيءَ ۾ بدلائي
ڇڏي ٿو۔
انسان جي ترقيءَ
جو اصل راز ڄاڻ ۾ نہ، پر ڄاڻ جي
مڪمل ادراڪ ۾ لڪل آهي۔ جڏهن علم سچائيءَ سان گڏ هجي، جڏهن فڪر ۾ گهرائي هجي، ۽ جڏهن
سوچ ۾ توازن هجي، تڏهن ئي علم روشني بڻجي ٿو۔ پر جڏهن علم جو بنياد انا، سطحيت يا ڏيکاءُ
تي هجي، تڏهن اهو علم نہ پر وهم بڻجي
ٿو۔
اسان کي گهرجي
تہ علم کي فقط ٻڌڻ، ڏسڻ يا پڙهڻ تائين محدود
نہ رکجي، پر ان تي غور ڪري ان جي معنيٰ ۽ مقصد
کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي۔ جيئن پاڻيءَ جي گھرائي ڏسڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ لهڻو پوي ٿو، تيئن
حقيقت تائين پهچڻ لاءِ سوچ جي اونهائيءَ يا گھرائيء ۾ لهڻو پوندو آهي۔
سطحي سوچ انسان
کي محدود ڪري ڇڏي ٿي، جڏهن تہ علم جي سچائي
انسان کي آزاد ڪري ٿي۔ اڌورو علم اونداهيءَ ۾ رکندو آهي، مڪمل علم روشنيءَ ڏانهن وٺي
ويندو آهي۔ تنهنڪري ضروري آهي تہ هر ماڻهو پنهنجي
علم کي وڌائي، پنهنجي سوچ کي وسيع ڪري، ۽ پنهنجي اکين مان غرور جو پردو هٽائي ڇڏي۔
جيڪو ماڻهو
پنهنجي اڻڄاڻائيءَ کي مڃي ٿو، اهو ئي اصل ۾ علم حاصل ڪرڻ جي سفر تي نڪري ٿو۔ ۽ جيڪو
پاڻ کي ڄاڻو سمجهي سڀني کان مٿانهون ٿو سمجهي، اهو علم جي دروازي کان هميشہ لاءِ ٻاهر رهجي وڃي ٿو۔
علم جي دنيا
۾ اڌورو هجڻ کان وڏو خطرناڪ ٻيو ڪو عمل ڪونهي۔ سو، سطحي سوچ کان بچو، اڌوري ڄاڻ کان
پرهيز ڪريو، ۽ سچائيءَ سان فڪر جي گهراين تائين لهو، ڇو
تہ اتي ئي انسانيت جي روشني لڪل آهي۔
چوڻي آهي تہ: نيم حڪيم خطري جان، نيم عالم خطري ايمان۔ هڪ وڏي
فلاسافر جو قول آهي تہ مان ڄاڻان ٿو
تہ نٿو ڄاڻان۔ تنهن ڪري اڌوري يا سطحي ڄاڻ تي
ڦڙڪيون هڻڻ وارا احمقن جي جنت ۾ رهندا آهن۔
ناقص سوچ جو
عالم،
جنگن مان اڙيو
آ آدم۔
جيئن اڌوري
ڄاڻ سبب عراق جي تباهي ڪئي وئي۔ چوڻ جو مقصد اڌوري ڄاڻ بيحد خطرناڪ ۽ تباهيءَ جو باعث آهي۔
جن سطحي سوچ،
اڌوري ڄاڻ،
علامہ سڏائن، سي اڻڄاڻ۔

