سڌير ميرالي: نيڪ دل، خدمتگار ۽ فن سان وابستہ شخص ـ آڪاش ڪورائي

نوان جتوئي جي سرزمين ڪيترين ئي علم، ادب ۽ فن سان واسطو رکندڙ شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، پر انهن مان هڪ اهڙو نالو جيڪو هميشہ ماڻهن جي دلين ۾ زندہ رهندو، اهو آهي سڌير ميرالي صاحب.

هو رڳو هڪ اداڪار نہ هو، پر هڪ انسان دوست، نرم دل ۽ خدمتگار شخص هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي ماڻهن جي مدد، غريبن جي سار سنڀال ۽ انساني همدرديءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

سڌير ميرالي صاحب پنهنجي علائقي ۾ هميشہ ماڻهن جي وچ ۾ رهندڙ، سندن خوشين ۽ ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندو هو. هن جي مسڪراهٽ، سادگي ۽ محبت ڀرئي لهجي کيس هر دل ۾ جاءِ ڏني هئي. هو فنڪار برادريءَ جو هڪ فعال ڪردار هو، جنهن پنهنجي فن ذريعي سماج ۾ سچائي، همدردي ۽ گڏيل ڀائچاري جو پيغام ڏنو.

مورو، نوان جتوئي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سڌير ميرالي صاحب کي هڪ ڪردار ادا ڪندڙ، مددگار ۽ نيڪ دل انسان طور سڃاتو ويندو هو. جڏهن بہ ڪنهن تي تڪليف يا آزمائش آئي، هو بنا ڪنهن لالچ يا شهرت جي فڪر جي، تڪڙو مدد لاءِ پهچي ويندو هو.

خاص طور تي جڏهن الهداد زرداري بيمار ٿيو، تڏهن سڌير ميرالي صاحب سڀ کان اڳتي آيو ۽ نہ صرف اخلاقي پر عملي مدد پڻ ڪئي. ان جي ڪوششن سان ڪيترن ماڻهن کي نئين اميد ملي، ۽ ڪيترن غريب، مسڪين ۽ فنڪارن کي نئين زندگي ملي.

هن رڳو ماڻهن سان محبت نہ ڪئي، پر برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ بہ پنهنجي جان جو خطرو کڻي ماڻهن جي مدد ڪئي، کاڌو، پاڻي ۽ سامان پهچايو. ان وقت جڏهن ڪيترائي ماڻهو خاموش تماشائي هئا، سڌير ميرالي صاحب ميدان ۾ اڳيان هو، جيڪو واقعي هڪ يادگار مثال آهي.

اڄ هو اسان جي وچ ۾ ناهي، پر هو انهن دلين ۾ زندہ آهي جيڪي هن جي محبت، انسانيت ۽ خدمتن جا گواه آهن. سندس ياد، سندس ڪم ۽ سندس سچائي هميشہ لاءِ هڪ مثال بڻيل رهندي.

الله پاڪ کان دعا آهي تہ رب ڪريم سندس قبر کي نور سان ڀري، ان جي لاءِ جنت الفردوس ۾ اعلىٰ مقام عطا فرمائي، ۽ سندس خاندان ۽ دوستن کي صبر جميل عطا ڪري. آمين، ثم آمين۔


Previous Post Next Post