موئن جو دڙو کان قديم سنڌ ۽ ھند جو پس منظر ڏسجي، توڙي جو ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان جي سنڌ ۽ هند، معلوم
ٿيندو تہ ڌرتي جو
ھي دائرو مذهبي توڙي تھذيبي طور تمام گهڻي ھڪجھڙائي رکندڙ آهي. ڌرتي
جي ھن عظيم حصي ھميشہ کان گڏجي دنيا کي امن، علم
۽ محبت سان ڀرپور پيغام ڏنو آهي.
سنڌ ۽ هند جي
وچ ۾ قائم ھي ازلي لاڳاپو ڪنهن سياسي يا جاگرافيائي حد تائين
محدود نہ رهيو آهي، پر
اهو هڪ گهري تهذيبي، تمدني ۽ انساني توڙي سماجي ڳانڍاپي جو رشتو پڻ رهيو آهي. ٻنهي
ڌرتين جي تاريخ اهڙي رنگين ۽ گھرائيءَ سان
ڀرپور آهي، جيڪا صدين کان اڄ بہ زندہ
۽ تازگي ڀري رهي آهي.
جيئن تہ
سنڌو
ماٿريءَ جي تهذيب، دنيا جي قديم ترين تهذيبن
مان هڪ آهي، سا اصل ۾ سنڌ ۽ هند ٻنهي جي گڏيل ورثي جي علامت
آهي. موئن جو دڙو ۽ هڙپا جا آثار ٻڌائن ٿا تہ انساني علم، واپار، فنون
۽ تمدن جا بنياد هتي گڏ رکيا ويا. ھي
اھو وقت ھو جڏهن نہ
ڪو
هند هو نہ سنڌ، پر
هڪ گڏيل امير تهذيب هئي، جنهن ۾ علم،
هنر ۽ انساني ڀائپي جا ٻول ئي ھميشہ کان
مٿانھان ۽ مان ڀريا رھيا.
712ع ۾ جڏهن محمد
بن قاسم سنڌ ۾ داخل ٿيو، تڏهن اسلام
جي اچڻ سان ھڪ نئين دور جي شروعات ٿي. محمد بن قاسم ھتي نہ رڳو نئون حڪومتي نظام آندو، پر
فڪر، انصاف ۽ علم جي نئين شعور کي پڻ جنم ڏنائين. سنڌ
ذريعي ئي اسلام هندستان تائين پهتو، جنهن سان ٻنهي علائقن
جي فڪر ۽ روحانيت ۾ نئين ميلاپ جنم ورتو ۽ تهذيبي، توڙي
ادبي ميل جول ۾ واڌارو ڏسڻ ۾ آيو.
اھو ئي وڏو سبب پڻ آهي جو اڄ بہ سنڌي ٻوليءَ تي سنسڪرت، پرڪرت ۽ هندي اثر
نمايان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جڏهن تہ هندستاني موسيقي ۽ ادب پڻ ھميشہ سنڌ جي راڳ
۽ ڪلام کان متاثر ٿيو آهي. صوفي فڪر،خاص
طور تي شاه عبداللطيف ڀٽائي، ڀڳت ڪبير، ۽
ٻين روحاني شاعرن جي تعليمات ٻنهي ڌرتين کي هڪ ئي محبت جي ڌاڳي ۾ ٻڌي رکيو آهي.
جڏهن 1947ع
۾ هندستان جي ورهاست ٿي، تڏهن سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ هڪ وڏو انساني ۽ ثقافتي خال پيدا ٿيو.
جنهن سبب لکن
ماڻهن جا گهر اجڙيا، خاندان ٽٽا، ۽
زخمن جي داستانن جنم ورتو پر تنهن باوجود پڻ محبت جا جذبا ختم نہ ٿيا. ورهاست
باوجود ٻنهي پاسي جي ماڻهن جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيار ۽ عقيدت اڄ بہ باقي آهي.
اڄ جو دور
۾ جتي دنيا گلوبل سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، تڏهن سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ علمي، ثقافتي ۽ فنڪاري
رابطا ٻيهر وڌي رهيا آهن. هندستاني فنڪار
اڪثر سنڌ جي ڪلام کي ڳائين ٿا، ۽ سنڌي شاعر هندستان جي ادبي محفلن ۾ وڏي مان ۽ احترام
سان ياد ڪيا وڃن ٿا. اهو ظاهر ڪري ٿو تہ محبت، تهذيب ۽ فن ڪڏهن بہ ڪنهن سرحد ۾ قيد نٿا ٿي سگهن.
معلوم ٿيو تہ سنڌ ۽ هند جو لاڳاپو وقت جي ڌوڙ ۾ لڪل ناهي،
پر اها هڪ اهڙي روشني آهي جيڪا اڄ بہ
انساني
ذهنن کي چراغان بڻايو ويٺي آهي. جڏهن سنڌ
۽ هند گڏ هئا، تڏهن پڻ دنيا هڪ اهڙو دور ڏٺو، جتي
علم، امن، رواداري ۽ محبت جو راڄ هو ۽ اهوئي پيغام اڄ جي دنيا
لاءِ اميد جو سج آهي.

