سُرن جي ساگر مان گم ٿي ويل اَمر آواز ـ عامر انصاري

جڏهن انسان اَڃا تهذيب جي ابتدائي دور ۾ هو، تڏهن نہ مڪمل ٻولي هئي، نہ مڪمل لفظ ھئا. پر احساس ضرور هئا خوف، خوشي، وڇوڙو، محبت ۽ حيرت، اُنهن احساسن جو پهريون اظهار آواز جي صُورت ۾ ٿيو. هوا جي سرسراهٽ، برسات جي ڦڙن جو ڌرتيءَ تي ڪرڻ، پٿرن جي ٽڪرائڻ مان نڪرندڙ ٽڪ ٽڪ اُهي سڀ قدرت جا پهريان سُر هئا. انساني ارتقا جي سفر ۾ جڏهن شعور وڌيو، تڏهن انسان سمجهيو تہ هو پنهنجي اندر جا احساس صرف اشارن سان نہ، پر آواز سان بہ بيان ڪري سگهي ٿو. اهو ئي لمحو هو جتي سُر جنم ورتو. شروعات ۾ انسان پنهنجي هٿن سان پٿر وڄايا، ڪاٺيون ٽڪرايون، جانورن جي هڏين مان آواز پيدا ڪيا اُهي ئي انسان جا پهريان ساز هئا. وقت گذرندو ويو، تهذيبون جنم وٺنديون ويون، ۽ سُر بہ ترقي ڪندا ويا. مصر، سنڌو ماٿري، چين، يونان هر تهذيب ۾ موسيقي انسان جي زندگيءَ جو حصو بڻجي وئي. مندرن ۾ ڀڄن، درٻارن ۾ راڳ، ۽ ڳوٺن ۾ لوڪ گيت هر هنڌ انسان پَنهنجي درد ۽ خوشي کي سُرن ۾ سمائڻ لڳو. ازل کان وٺي سُر صرف آواز نہ رهيا آهن، پر اُهو انسان جي روح جو ترجمان بڻجي ويا. جڏهن دل خوش ٿي تہ سُر جهوميا، جڏهن دل ٽٽي تہ سُر رويا، طبلي جي ڌمڪ دل جي ڌڙڪن بڻجي وئي، ستار جي تار ۾ وڇوڙي جو درد سمائجي ويو، ۽ بانسريءَ جي نرم آواز ۾ محبت جو ساه ڀرجي ويو. اڄ جڏهن انسان جديد دور ۾ پهتو، تڏهن بہ سُر ۽ ساز ختم نہ ٿيا. پر وڌيڪَ وسيع ٿي ويا. ريڊيو، فلمون، اسٽيج ۽ ڊجيٽل دُنيا ۾ بہ موسيقي انسان جو ساٿ نہ ڇڏيو. ڇو تہ سُر صرف تفريح نہ آهي، پر اُهو انسان جي اندر جي خاموشيءَ جو آواز آهي. ۽ شايد اُهو ئي سبب آهي جو هر دور ۾ هڪ اھڙو آواز پيدا ٿيندو رهيو آهي، جيڪو انسانن جي دلين کي ڇُهي وٺندو آهي.

اهڙو ئي هڪ لازوال آواز آشا ڀوسلي جو هو جنھن پَنھنجي زندگي سُرن ۽ سازن سان جوڙي پاڻ کي اَمر آواز بڻائي ڇڏيو، جنهن پَنهنجي سُريلي آواز سان وقت کي بہ قيد ڪري ڇڏيو. آشا ڀوسلي جو جنم 8 سيپٽمبر 1933ع ۾ سانگلي (ھاڻي مھاراشٽر) رياست ۾ ٿيو، جتي سندس زندگيءَ جو پهريون ساه بہ ڄڻ موسيقي جي خوشبوءَ سان ڀريل هو. سندس پيءُ، پنڊت ديناناٿ منگيشڪر، مرهٽي ڪلاسيڪي راڳ جو هڪ وڏو ڄاڻو هو، جنهن جي آڱرين مان نڪرندڙ سُر نہ رُڳو سازن کي جيئرو ڪندا هئا پر دلين جي گهرائين کي بہ ڇُهي ويندا هئا. هو مقامي ٿيٽر جي دُنيا ۾ بہ پَنهنجي فن جو جادو ڏيکاريندو هو، جتي هو ”ماسٽر دُينا“ جي نالي سان سُڃاتو ويندو هو هڪ اهڙو نالو، جنهن جي سڃاڻپ سُرن ۽ اداڪاري ٻنهي ۾ اَمر هئي. سندس ماءُ، شيوانتي، جيڪا گجرات جي مٽيءَ سان واسطو رکندڙ هئي، هڪ اهڙي نرم دل ۽ صبر واري شخصيت هئي، جنهن جي هنج ۾ آشا ڀوسلي جهڙي آواز جنم ورتو. اُهو ئي گهر، اُهو ئي ماحول، ڄڻ سُرن، جذبن ۽ خاموش دُعائن جو هڪ اهڙو آستانو هو، جتان آشا ڀوسلي جي زندگيءَ جو موسيقيءَ ڀريو سفر شروع ٿيو. اُهو ئي ماحول آشا ڀوسلي جي روح ۾ سُرن جو ٻج پوکي ويو. ننڍپڻ ۾ ئي آشا ڀوسلي جي زندگيءَ ۾ وڏو ڌڪ لڳو. آشا ڀوسلي جڏهن خوشين کي خريد ڪرڻ ۽ خوابن ڏسڻ جي زندگي ھئي تڏھن وقت ھُن جي مٿان ذميواري جو بار رکي ڇڏيو ھوءَ اَڃا نون سالن جي هئي، تڏهن سندس پيءُ جو لاڏاڻو ٿي ويو. اُهو وڇوڙو نہ صرف هڪ پيءُ جي جدائي هئي، پر هڪ استاد، هڪ راهنما ۽ هڪ سهاري جي وڃڻ جو ڏُک بہ هو. اُن ڏينهن کان پوءِ آشا ڀوسلي جي زندگيءَ جا سُر بدلجي ويا. خوشيءَ جي جڳهہ تي ذميواريون اچي ويٺيون، ۽ ننڍپڻ جي معصوميت وقت جي سختين ۾ ڳري وئي. پَنهنجي ڪٽنب سان گڏ هِن پوني، ڪوھلاپور ۽ پوءِ بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) ۾ لڏي اچي ويٺي، جتي هر رستو اجنبي هو، پر تقدير هِن جي قدمن کي اُتي ئي بيهاري ڇڏيو. بمبئي، جيڪا خوابن جي شهر سڏبي آهي، پر ساڳي وقت امتحانن جو ميدان بہ آهي، اُتي آشا ڀوسلي ۽ سندس ڀيڻ لتا منگيشڪر پَنهنجي آواز کي روزگار جو وسيلو بڻايو. ٻنهي ڀينرن جي جدوجهد هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ بُک، محنت، اُميد ۽ حوصلي جا سڀ رنگ شامل آهن. آشا ڀوسلي 1943ع ۾ پَنهنجي زندگيءَ جو پهريون قدم موسيقي جي دُنيا ۾ رکيو، جڏهن هِن مرهٽي فلم ”ماجھا بال“ لاءِ گيت ڳايو. اُهو گيت شايد اُن وقت هڪ ننڍڙي ڪوشش هو، پر اُن ۾ مستقبل جي هڪ وڏي فنڪار جي جهلڪ موجود هئي. جنھن کانپوءِ 1948ع ۾ هِن کي هندي فلم ”چنريا“ ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو، جتي هِن ٻين فنڪارائن سان گڏ آواز ملائي پَنهنجو حصو وڌو. 1949ع ۾ فلم ”رات ڪي راني“ ۾ هُن پَنهنجي ڳائڻ جي باقاعدہ شروعات ڪئي جڏهن ھوءَ اَڃا  16 سالن جي نازڪ عمر ۾ هئي ھُن جي زندگيءَ جا خواب اَڃا مڪمل طور تي کلي بہ نہ هئا. جتي جوانيءَ جي نازڪ ۽ حساس دور ۾ ڪئي هئي، تڏهن هُن دُنيا جي رواجن کي للڪاريندي، گنپترائو ڀوسلي سان مَحبت جو پرڻو ڪيو، جنھن مان ھُن کي ٽئين ٻار پيدا ٿيا اُن وقت سندس پھرين مڙس گنپترائو ڀوسلي جي عمر 31 سال هئي، جيڪو عمر ۾ هُن کان گهڻو وڏو هو، جنهن کانپوءِ ھُن زندگيءَ جا ٻہ الڳ الڳ مرحلا هڪ ئي گهڙيءَ ۾ گڏجي ويا هجن هڪ طرف معصوميت جو سفر، ۽ ٻئي طرف ذميوارين جو بار کنيو پر قسمت سان اُھو رشتو اُن کي سڪون نہ ڏئي سگهيو. وقت گذرڻ سان گڏ، اُن رشتي ۾ تلخيون وڌنديون ويون مڙس ۽ ساھرن جي بي رحمي، بي قدري ۽ سخت روين هن جي دل کي زخمي ڪندا رهيا. نيٺ اُهو رشتو ٽٽي پيو ۽ طلاق جي صُورت ۾ پَنهنجو سفر پورو ڪري ويو پر اُها جدائي رُڳو هڪ شادي جي خاتمي تائين محدود نہ هئي، پر هڪ نوجوان عورت جي ٽٽندڙ خوابن، اُميدن ۽ اڪيلي وڙهڻ واري حوصلن جي ڪهاڻي هئي. آشا ڀوسلي پَنهنجن ٻن معصوم ٻارن ۽ پيٽ ۾ ٽئين ٻار سان گڏ، پَنهنجي مامي جي گهر موٽي آئي ھڪ اهڙي حالت ۾، جتي هر قدم تي درد هو، پر ساڳئي وقت اندر ئي اندر هڪ نئين حوصلي جو جنم بہ ٿي رهيو هو زندگي هِن کي آزمائيندي رهي، پر هوءَ نہ ٽُٽي، نہ جُهڪي. وقت سان گڏ، هُن پَنهنجي پاڻ کي ٻيهر سنڀاليو، پَنهنجي سُرن ۾ پَنهنجو ڏُک ڳايو، ۽ دُنيا کي پَنهنجي آواز سان موهت ڪري ڇڏيو. کانپوءِ، وري هِن ٻيهر جي زندگيءَ ۾ ھوريان ھوريان سان واپس آئي جتي ھُن 1980ع ۾، پاڻ عمر ۾ ننڍي هِن راهول ديو برمن سان شادي ڪئي هڪ اهڙو ساٿي ھو، جيڪو رُڳو مڙس نہ، پر هڪ سچو دوست، همدرد ۽ همسفر بہ هو هُن رشتو ۾ سڪون هو، سمجهہ هئي، ۽ هڪ ٻئي لاءِ بي لوث محبت هئي. پر زندگيءَ جي ڪهاڻي هتي بہ مڪمل نہ ٿي. 1994ع ۾، جڏهن پنچم (راهول ديو برمن) هي دُنيا ڇڏي ويو، تڏهن آشا ڀوسلي هڪ ڀيرو ٻيهر اڪيلائيءَ جي پاڇي هيٺ اچي بيٺي. اُهو وڇوڙو هن جي دل لاءِ هڪ ٻيو وڏو صدمو هو پر هِن جي همت، هن جي سُرن وانگر، ڪڏهن بہ خاموش نہ ٿي. آشا ڀوسلي جي زندگي اُهو سبق ڏئي ٿي تہ درد، جدائي ۽ آزمائشون انسان کي ٽوڙڻ لاءِ نہ، پر وڌيڪَ مضبوط بڻائڻ لاءِ اينديون آهن. سندس ڪهاڻي هڪ عورت جي بهادري، صبر ۽ اَمر حوصلي جو زندہ مثال آهي.

آشا ڀوسلي اڪيلي سُر ڳائڻ سان پَنهنجي سڃاڻپ کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو. اُهو دور سندس لاءِ آسانيءَ وارو نہ هو. فلمي دُنيا ۾ اڳ ئي وڏيون نالي واريون ڳائڻيون موجود هيون گيتا دت، شمشاد بيگم ۽ سندس پَنهنجي ڀيڻ لتا منگيشڪر بہ شامل ھئي. اهڙي ماحول ۾ پَنهنجي ھُن پَنهنجي ۽ محنت جستجو سان پَنهنجي جاءِ ٺاهڻ ڪنهن بہ نئين ڳائڻي لاءِ ڏُکيو ڪم هو، پر آشا ڀوسلي وٽ هڪ شيءِ هئي سُرن سان بي لوث محبت ھئي، جنھن ھُن سَڄي دُنيا ۾ نيئن سڃاڻپ ڏني. آشا ڀوسلي جو 1950ع وارو ڏهاڪو سندس جدوجهد جو دور هو. ڪيترين ئي فلمن ۾ ڳائڻ باوجود کيس اُهو مقام حاصل نہ ٿيو، جنهن جي هوءَ حقدار هئي. هِن کي اڪثر گهٽ بجيٽ يا گهٽ معيار واري فلمن ۾ ڳائڻو پوندو هو. پر هُن سُرن ۽ سازن سان ايتري محبت ھئي جو ھُن ڪڏهن بہ شڪايت نہ ڪئي. هُن هر گيت کي پَنهنجي دل سان ڳايو، زندگي جي مشڪلاتن جي هوندي بہ، هوءَ همت نہ هاري وقت جي سختين ۽ ناڪامين باوجود هوءَ پنهنجي آواز ۾ اُميد جا سُر ڀريندي رهي. ھوريان ھوريان فلم ”سنگدل“ (1952ع)، ”پرينيتا“ (1953ع) ۽ خاص طور تي ”بوٽ پالش“ (1954ع) جهڙين فلمن ۾ سندس آواز کي سڃاڻپ ملڻ شروع ٿي. اُهي لمحا سندس لاءِ رُڳو ڪاميابي نہ هئا، پر اُن ڊگهي انتظار جو مٺو صلو هو، جتي جدوجهد مڃتا جي صورت ۾ ساه کنيو. آشا ڀوسلي پَنهنجي سُرن ۽ سازن جي ذريعي فلمن ۾ ڳائڻ سان ھُن کي ڪُجهہ سفر جي شروعاتي دور ۾ آواز نون رنگن سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، تڏهن ڪيترن ئي وڏن موسيقارن جهڙوڪ اي آر رحمان، سجاد حسين ۽ غلام محمد سندس گانن جون ڌنون ترتيب ڏنيون، پر اُهي شروعاتي گيت اُن وقت خاص مقبوليت حاصل نہ ڪري سگهيا ڄڻ سُر تہ موجود هئا، پر تقدير اَڃا خاموش بيٺي هئي. جنھن کانپوءِ 1956ع ۾ ”او پي نير“ کيس فلم ”سي آئي ڊي“ ۾ ڳائڻ جو موقعو ڏنو، جيڪو سندس قسمت جو هڪ وڏو موڙ ثابت ٿيو. اُن کانپوءِ 1957ع ۾ محمد رفيع سان ڳايل دو گانا  فلم ”نيا دور“ جا گانا ”مانگ ڪي ساٿ تمهارا“، ”ساٿي ھاٿ “ ۽ ”اُڙين جب جب زلفين تيري“ سندس آواز کي عوامي دلين تائين پُهچائي ڇڏيو. آشا ڀوسلي جو 1960ع وارو ڏهاڪو عروج جو زمانو هو. هُن فلم ”گمراھ“، ”وقت“، ”همراز“، ”تيسري منزل“ ۽ ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ پَنهنجي سُريلي جادوئي سان فلم انڊسٽري ۽ پُوري دُنيا کي آواز ڏنو. سندس آواز ۾ هڪ عجيب جادو هو ڪڏهن شوخ، ڪڏهن سنجيده، ڪڏهن درد ڀريو، تہ ڪڏهن مستي سان ڀرپور ھو. اُهو ئي تنوع کيس ٻين کان الڳ بڻائيندو هو. ھُن 1963ع ۾ فلم ”گمراھ“ کان وٺي، 1965ع جي ”وقت“، 1966ع جي ”آدمي اور انسان“ ۽ ”تيسري منزل“، 1967ع جي ”همراز“، ۽ 1973ع جي ”ڌنڌ“ تائين آشا ڀوسلي پَنهنجي آواز جي جادوءَ سان هر دور کي روشن ڪيو. سندس سُرن ۾ اهڙو جادو هو، جيڪو هر فلم جي ڪهاڻيءَ کي رُڳو مڪمل نہ ڪندو هو، پر اُن ۾ روح ڀري ڇڏيندو هو، ڄڻ هر لفظ جي پٺيان هڪ زندھ احساس ڌڙڪندو هجي. ھُن جي زندگيءَ ۾ 1971ع ۾ فلم ”ڪاروان“ ۽ 1978ع ”ڊان“ فلم جا گانا بہ سندس مقبوليت جو اهم حصو بڻيا. هِن هر انداز ۾ پاڻ کي عورت نہ پر منزل جو مسافر سمجهي پاڻ کي ثابت ڪيو چاهي اُهو ڪلب سانگ هجي، لوڪ گيت هجي يا محبت ڀريور سُرن ۽ سازن پاڻ نڀايو. آشا ڀوسلي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ غزلن ڏانهن رُخ ڪيو، ۽ اُهو فيصلو سندس فن کي نئين بلندين تي وٺي ويو. فلم ”امرائو جان“ جا غزل ”دل چيز ڪيا آهي“، ”ان آنکون ڪي مستي ۾“ ، ”يہ ڪيا جگهہ هئي دوستو“ سندس آواز کي اَمر بڻائي ڇڏيو. اُنهن غزلن ۾ درد، محبت، وڇوڙو ۽ زندگيءَ جي تلخ حقيقتن جو عڪس نظر اچي ٿو. 1987ع ۾ فلم ”اجازت“ جو غزل ”ميرا ڪڇ سامان“ سندس فن جي هڪ ٻي شاهڪار تخليق هئي. اُهو غزل رُڳو هڪ گيت نہ، پر يادگيرين جو هڪ اهڙو سفر هو، جيڪو ٻڌندڙ کي پَنهنجي ماضيءَ ۾ وٺي وڃي ٿو. هِن غزل تي کيس قومي فلم ايوارڊ سان نوازيو ويو. وقت سان گڏ آشا ڀوسلي پَنهنجي فن کي جديد دور سان هم آهنگ رکيو. ساڳئي وقت آشا ڀوسلي کي 1995ع ۾ ھِن رنگيلا فلم جا مشھور گانا ”تنھا تنھا“ ۽ ”رنگيلا ري“ رڪارڊ ڪرايا. 2000ع واري ڏھاڪي ۾ فلم لگان (2001ع) جو سندس ڳايل گانو ”راڌا ڪيسي نہ جلي“، فلم پيار توني ڪيا ڪيا جو گانو ”ڪمبخت عشق“ فلم في الحال (2002ع) جو گانو ”يہ لمحا“ ۽ فلم لڪي (2005ع) جو گانو ”لڪي لپس“ ڪافي مشھور ٿيا. 2003ع ۾ سندس ڳايل ھندي گانن جو پھريون البم جاري ڪيا. 2010ع کان وٺي ھن ٽيليويزن جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ جج جا فرض انجام ڏنا آھن هِن رُڳو هندي نہ، پر ويهن کان وڌيڪَ ٻولين ۾ ڳايو. سندس آواز سنڌي، بنگالي، مرهٽي، پنجابي ۽ ٻين ٻولين ۾ بہ ساڳي مٺاس سان گونجيو. سنڌي فلم لاءِ ڳايل سندس گيت ”آءُ اچي مل او منٺار“ اڄ بہ دلين کي ڇهندو آهي. آشا ڀوسلي کي سندس فن جي مڃتا طور ڪيترائي وڏا اعزاز مليا. 2013ع ۾، جڏھن ھِن جي عمر 79 سال ھئي، ھِن فلم مائي ۾ ھڪ پوڙھي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو جنھن کي بيماريءَ سبب سندس اولاد ڇڏي ٿو ڏئي. 2020ع ۾ ھِن پنَھنجو يوٽيوب چينل ”آشا ڀوسلي آفيشل“ شروع ڪيو. آشا ڀوسلي 2000ع ۾ دادا صاحب ڦلڪي ايوارڊ، 2008ع ۾ پدما وڀوشن، ۽ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سندس نالو اُهي سڀ سندس بي مثال ڪاميابين جا شاهد آهن. پر هر ڪهاڻيءَ جو هڪ انجام بہ هوندو آهي. نيٺ ھوءَ زندگي جون 92 بھارون گذاري 12 اپريل 2026ع جي اُن اداس گهڙيءَ ۾ سُرن ۽ سازن جي ھوائن کي الوداع ڪندي ھِن جھان مان ھلي وئي تڏهن ھُن جي وڇوڙي کانپوءِ اڄ بہ ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ سُرن جي ساري ڪائنات ۾ هڪ گهري خاموشي ڇانئجي وئي ساز ماٺ ٿي ويا، ڌڙڪندڙ دليون اداس ٿي ويون، ۽ موسيقيءَ جي هر لهر ۾ وڇوڙي جو درد پکڙجي ويو. سندس وڇوڙو رُڳو هڪ انسان جو نہ، پر هڪ دور جو خاتمو هو. اڄ جڏهن سندس گيت ٻڌجن ٿا، تہ دل ۾ هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي ڄڻ هوءَ اَڃا بہ اسان سان گڏ آهي. سندس آواز وقت جي حدن کان آزاد آهي. اُهو نہ ختم ٿئي ٿو، نہ وسري ٿو. آشا ڀوسلي جي زندگي هڪ اهڙو سفر آهي، جيڪو جدوجهد، عشق، درد ۽ ڪاميابيءَ سان ڀريل آهي. هُن پَنهنجي آواز سان دُنيا کي خوشيون ڏنيون، ۽ پَنهنجي سُرن سان دلين کي کٽيو. اڄ سندس وڇوڙو اسان لاءِ هڪ ڏُک آهي، پر سندس آواز اسان لاءِ هڪ دائمي تحفو آهي. هوءَ وئي آهي، پر سندس سُر اَڃا بہ جيئرا آهن هر دل ۾، هر احساس ۾، هر اُن لمحي ۾، جتي موسيقي پَنهنجو جادو ڏيکاري ٿي. ۽ شايد اُهو ئي ڪنهن بہ فنڪار جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هوندي آهي جڏهن هو پاڻ تہ هليو وڃي، پر سندس فن هميشہ لاءِ زندھ رهي.

 


Previous Post Next Post