جنگ تباهي جو
هڪ فقط نالو نہ آهي پر نسلن
جي تباهيءَ جو سامان آهي، جاپان جي شھرن هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ٿيل حملا ڪيترائي سال
پنھنجا اثرات ڏيکاريندا نظر آيا، جنهن ۾ فقط تباهي ئي تباهي جا منظر هئا، جيڪي صدين تائين ياد رهندا. موجودہ دور ۾ اسرائيل ۽ ايران جنگ بہ پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. جنهن جا گھڻا اثرات وري ايشيائي ملڪن تي
پيا آهن، ڪافي سال اڳ اڳڪٿي ڪئي وئي هئي تہ
ايندڙ
دور ۾ لڳندڙ جنگين جو سبب پاڻي، خوراڪ ۽ قدرتي وسيلا هوندا، اڄ اهو سچ ظاهر ٿي رهيو
آهي تہ بلڪل صحيح اندازو لڳايو ويو هيو، اسرائيل
جي هوڏ ۽ آمريڪا جي ٻٽي پاليسي ايشيائي ملڪ سخت متاثر ڪيا آهن، پر وري جيڪڏهن ڳالھ
ڪجي پاڪستان جي تہ هتي وري ايترا
تہ گهرا اثرات پيا آهن جو ايترا اثرات جنگ وڙهندڙ
ملڪن تي بہ نہ
پيا
آهن، تيل جون وڌندڙ قيمتون ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪرايا، دوائون کاڌ خوراڪ
ضرورت مند شيون خريد ڪرڻ عام ماڻهن جي وس ۾ ناهن رهيا سخت مهانگائي بيروزگاري گھٽ اجرت
ماڻھن کي جنگ کان وڌيڪ تباه ڪري رهي آهي. غريب
جي چهري تي جي مرڪ اڏامي وئي آهي، جنهن سبب غريب
عوام سلو پوائيزن خاموش زهر جو شڪار ٿي مري رهيو آهي ۽ ڪافي عوام تہ
خودڪشيون
ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ تہ سفيد پوش انسان
جڏهن مجبوريءَ سبب ڪنھن ماڻھن اڳيان هٿ ٽنگڻ
بدران موت کي ترجيح ڏيڻ بھتر سمجھندو آهي.
پاڪستان جي
حڪمرانن جي بي رحمي ۽ عالمي ادارن کان پنهنجي عياشين لاءِ ڳرن شرطن تي کنيل قرض جي
قيمت بہ مسڪين عوام ڀري رهيو آهي، ٽيڪسن جي ڀرمار، بجلي،
گئس جا ڳرا بل ڪراين ۾ بي پناه اضافا ڪنھن عذاب کان
گهٽ ڪونہ آهن،
جيڪي
عوام جو رت نپوڙي رهيا آهن، ڪرپشن، عياشين
۽ حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ماڻهو سخت پريشان آهن پر ڪو بہ دادرسي ڪرڻ لاءِ تيار نہ آهي.
ماڻهن
مان مزاحمت جو عنصر بہ ختم ٿي ويو
آهي، نتيجي طور هر ظلم خلاف ڳالهائڻ بدران خاموشي
اختيار ڪري ورتي آهي، خدارا ڪجھ رحم ڪريو ڪجھ داد رسي ڪيو ڪٿي عوام جي قوت برداشت نہ جواب ڏئي وڃي ۽ نتيجي طور وڏو انقلاب نہ برپا ٿي وڃي جنھن جا اثرات ڏاڍا خطرناڪ هوندا
آهن.

