آخري ڪشُ ـ ڪھاڻي ـ سجاد شورو (تنھا)

رات جا اڍائي ٿي رهيا آهن ۽ الماس ڪرسي تي ويهي سگريٽ جا وڏا وڏا ڪشَ هڻي رهيو هو تہ سندس ذهن ۾هزارين سوچيون تري رهيون هيون تہ اچانڪ در ۽ دريون هوا ۾ بند تہ وري کولنديون رهيون، الماس ڪرسي تان اٿندي در کي بند ڪرڻ کان پوءِ دريون بہ بند ڪيون، ٻاهر هلڪي هلڪي برسات وسي رهي هئي، طوفاني هوائن سان گڏ، الماس وري اچي ڪرسي تي ويهي رهيو، هاڻي ذهن ۾ صرف بلقيس جون يادون تري آيون هيون، جيڪي سوچڻ تي مجبور ڪري رهيون هيون، ڇاڪاڻ تہ اها ئي ساڳيو وقت هيو تہ بلقيس ۽ الماس پنهنجي ڪمري ۾ هئا تہ تيز طوفان سان گڏ تيز برسات وسي رهي هئي.

بلقيس کنوڻ جو آواز ٻڌي الماس ڏانهن ڊوڙي اچي ڀاڪر پاتو ۽ چوڻ لڳي تہ الماس مونکي بچا هي کنوڻ جو آواز منهنجو ساه ٿي ڪڍي! چري مان آهيان نہ پوءِ تنهنجو هي آسماني بجلي ڪئين ساھُ ڪڍيندي الماس بلقيس کي ڀاڪر پائي آٿ ڏني، بس هاڻي هلي آ بيڊ روم ۾ هل آرام ڪر. جڏهن بلقيس ۽ الماس بيڊ روم ۾ ستل هيا تہ هڪ وڏو آواز ٿيو، بلقيس اهو آواز ٻڌي پنهنجا ٻئي هٿ ڪنن تي رکيائين. الماس هڪدم اٿي بلقيس کي آٿ ڏيڻ لڳو، ڪجھ نہ آهي پليز بلقيس اوھان سمهي پئو، آخر ڪار صبح ٿي ۽ بلقيس اهو آواز برداشت نہ ڪري سگهي. نيٺ هميشہ لاءِ الماس کان وڇڙي وئي. الماس ڇرڪ ڀريندي ڪرسي تان اٿندي ڊوڙي دري کولي ۽ ٻاهران هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو مگر ڪٿي بہ بلقيس نظر نہ آيس، نيٺ وري بہ دري بند ڪري واپس ڪرسي تي ويهڻ لڳو ۽ وري سگريٽ ڇڪڻ لڳو، بلقيس جي يادگيري الماس کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو، هاڻي الماس سگريٽ جو ”آخري ڪشُ“ ڇڪي سگريٽ کي ڪرسي تي زور سان وساڻ لڳو ۽ سگريٽ سمورو ڀورا ڀورا ٿي پيو. الماس ڪرسي تي ئي ويهي پنهنجا ٻئي هٿ مٿي تي رکي سوچين جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو.

Previous Post Next Post