جڏهن ڌرتيءَ
جي ڇاتي تي گرميءَ جا شعلا وسن ٿا، جڏهن هوا مان ٿڌڪار گم ٿي وڃي ٿي، جڏهن پکي پَنهنجا
آکيرا ڇڏي پرديسي ٿي آسمانن ڏانهن اُڏامي وڃن ٿا، جڏهن درياهن جا ڪنارا سُڪي ويل اکين
وانگر اداس لڳن ٿا، تڏهن فطرت خاموش زبان سان انسان کي سڏي ٿي ۽ چوي ٿي: ”مون کي ساوڪ
موٽائي ڏيو، مون کي وڻ واپس ڏيو، مون کي زندگيءَ جو ساه ڏيو.“ وڻڪاري رُڳو ٻوٽو پوکڻ
جو عمل ناهي، پر اُها ڌرتيءَ سان عشق جو اعلان آهي، اُها انسانيت سان وفا جو قسم آهي،
اُها ايندڙ نسلن لاءِ محبت جو تحفو آهي. وڻ ھِن ڪائنات جي ڌرتيءَ جا سچا عاشق آهن،
جيڪي بنا ڪنهن شڪايت جي سَڄي عمر ڏيڻ جو سبق ڏين ٿا. هو پاڻ سج جي تپش سهن ٿا، پر انسان
کي ڇانوَ ڏين ٿا. هو پاڻ مٽيءَ ۾ جڙيل رهن ٿا، پر آسمان سان ڳالهيون ڪن ٿا. هو پاڻ
خاموش بيٺا رهن ٿا، پر سندن پنن مان زندگيءَ جا گيت ٻڌجن ٿا. جيڪڏهن ڌرتيءَ کي حُسنُ
مليو آهي، تہ اُن ۾ وڻن جو
وڏو حصو آهي. جيڪڏهن هوا ۾ ساه آهي، تہ
اُن
۾ وڻن جو ڪردار آهي. جيڪڏهن انسان جي چهري تي مسڪراهٽ آهي، تہ اُن ۾ بہ
ڪنهن
نہ ڪنهن وڻ جي ڇانوَ شامل آهي. اسان جي سنڌ
ڌرتي، جيڪا ڪنهن دور ۾ باغن، ٻنين، کجين، نم ۽ پيپلن جي وڻن سان سينگاريل هئي، اڄ ڪيترن
علائقن ۾ بنجر نظر اچي ٿي. سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾، جتي واريءَ جا طوفان ۽ پاڻيءَ
جي کوٽ وڌي رهي آهي، شهرن ۾ گرمي باه بڻجي وئي آهي، ڳوٺن ۾ پراڻا وڻ ياد بڻجي ويا آهن.
هر روز ڪٿي نہ ڪٿي ڪا ڪهاڙي
ڪنهن وڻ جي ڳچيءَ تي لڳي ٿي، ۽ اُن سان گڏ ڌرتيءَ جو هڪ ساه گهٽجي وڃي ٿو. افسوس سان
چوڻو ٿو پوي تہ اڄ جو انسان
پَنهنجي ئي زندگيءَ جي دشمن پاڻ بڻجي رهيو آهي. هو وڻ وڍي ٿو، پوءِ گرميءَ جي شڪايت
ڪري ٿو. هو ساوڪ ختم ڪري ٿو، پوءِ برساتن لاءِ دُعائون گهري ٿو. وڻ انسان جا سچا محسن
آهن. ٻار جڏهن دُنيا ۾ اچي ٿو تہ پهريون حق صاف
هوا آهي، جيڪا وڻ ڏين ٿا. شاگرد جڏهن اسڪول وڃي ٿو تہ
رستي
جي ڇانوَ وڻ ڏين ٿا. مزدور جڏهن محنت ڪري ٿو تہ
سڪون
وڻ ڏين ٿا. پوڙهو جڏهن ٿڪجي ويهي ٿو تہ
آرام
وڻ ڏين ٿا. مرڻ کان پوءِ قبر تي بہ وڻ جي ڇانوَ
دُعا بڻجي بيهي رهي ٿي. اهڙا محسن جيڪڏهن ختم ٿي وڃن، تہ پوءِ انسان پَنهنجي زندگيءَ مان رحمت ختم
ڪري ڇڏيندو. وڻڪاري جا فائدا ايترا گهڻا آهن، جو دُنيا جون وڏيون سائنسون بہ اُن جو پورو احاطو نٿيون ڪري سگهن.
وڻ هوا مان
ڪاربان جذب ڪن ٿا ۽ آڪسيجن ڏين ٿا. وڻ برساتن جي نظام کي بهتر ڪن ٿا. وڻ زمين کي ڪٽجڻ
کان بچائين ٿا. وڻ شور کي گهٽائين ٿا. وڻ جانورن، پکين ۽ جيتن لاءِ گهر بڻجن ٿا. وڻ
شهرن جي گرمي گهٽائين ٿا. وڻ فصلن جي حفاظت ڪن ٿا. وڻ معاشي فائدو ڏين ٿا. ڪاٺ، ميوو،
پن، گل، ڇال، سڀ انسان جي ڪم اچن ٿا. جڏهن تہ
وڻ
هڪ ئي وقت سائنس بہ آهن، معيشت
بہ آهن، حُسنُ بہ آهن، ۽ رحمت بہ آهن. اڄ جڏهن دُنيا موسمي تبديليءَ جي خطري
۾ ڦاٿل آهي، تڏهن وڻڪاري سَڀ کان وڏو علاج بڻجي سامهون آئي آهي. برف جا وڏا، صدين کان
جڙيل ذخيرا هاڻي تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، ۽ ڌرتي پَنهنجو توازن آهستي آهستي وڃائيندي
پئي وڃي. گرميءَ جون لهرون وڌي رهيون آهن، پاڻي گهٽجي رهيو آهي، طوفان وڌي رهيا آهن.
وڏيون ڪانفرنسون ٿين ٿيون، وڏا بيان ڏنا وڃن ٿا، پر حقيقت اُها آهي تہ هڪ ٻوٽو پوکڻ ڪڏهن ڪڏهن سَوَ تقريرن کان
وڌيڪَ اثرائتو هوندو آهي. هڪ ننڍڙو ٻج بہ
زمين
۾ پئجي مستقبل بدلائي سگهي ٿو. اسان جي معاشري ۾ ھاڻي وڻڪاري اڪثر ڪري رسمي مهم بڻجي
وئي آهي. ڪنهن خاص ڏينهن تي ٻہ چار ٻوٽا پوکيا
وڃن ٿا، تصويرون ڪڍرايون وڃن ٿيون، نعرا هنيا وڃن ٿا، پوءِ اُهي ٻوٽا پاڻي نہ ملڻ ڪري سُڪي وڃن ٿا. اسان سڀني کي ياد رکڻ
گهرجي تہ وڻ پوکڻ کان وڌيڪَ اهم اُن جي سنڀال آهي.
ٻوٽو هڪ ٻار وانگر هوندو آهي، جنهن کي پيار، حفاظت ۽ سار سنڀال گهرجي. جيڪڏهن پوکڻ
کان پوءِ وساري ڇڏينداسين، تہ اُها مهم رُڳو
ڏيکاءُ رهجي ويندي. هر گهر کي پَنهنجي اڱڻ ۾ هڪ وڻ گهرجي. هر اسڪول کي پَنهنجي ميدان
۾ باغ گهرجي. هر ڳوٺ کي پَنهنجو ڇانوَ گهرجي. هر شهر کي پَنهنجي ساه لاءِ ساوڪ گهرجي.
جيڪڏهن هر ماڻهو سال ۾ هڪ وڻ بہ پوکي ۽ اُن
جي حفاظت ڪري، تہ ڪُجهہ سالن ۾ دُنيا جو نقشو بدلجي سگهي ٿو. گھڙي
کن لاءِ جيڪڏهن اسين پَنهنجي دِل تي ھٿ رکي سوچيو، جيڪڏهن لکين ماڻهو گڏجي وڻ پوکن،
تہ پوءِ ريگستان بہ گلزار بڻجي سگهي ٿو. ٻارن کي ننڍپڻ کان وڻن
سان محبت سيکارڻ گهرجي. جيئن کين ڪتاب پڙهڻ سيکاريو وڃي ٿو، تيئن کين ٻوٽا پوکڻ بہ سيکاريو وڃي. جيئن کين ادب سيکاريو وڃي ٿو،
تيئن کين فطرت جو ادب بہ سيکاريو وڃي.
جيڪو ٻار ننڍپڻ ۾ ٻوٽي کي پاڻي ڏيندو، اُهو وڏو ٿي ڌرتيءَ کي زخمي نہ ڪندو. جيڪو ٻار پنن جي سرسراهٽ سان پيار
ڪندو، اُهو وڏو ٿي نفرتن جا طوفان نہ
اُٿاريندو.
سنڌ جي ٿر ۾ مقامي وڻن جهڙوڪ: ڪنڊو، ٻٻر، کهيجڙو، کجيون ۽ نم جي وڏي اهميت آهي. اُهي
گهٽ پاڻيءَ ۾ بہ زندہ رهن ٿا، زمين کي مضبوط ڪن ٿا، جانورن لاءِ
چارو ڏين ٿا، ماڻهن لاءِ فائدو ڏين ٿا. ساڳيءَ طرح شهرن ۾ نم، اشوڪ، پيپل، ٻير، گل
مهر ۽ ٻين وڻن جي پوکائي سان گرمي گهٽائي سگهجي ٿي. اسان کي مقامي موسم مطابق وڻ پوکڻ
گهرجن، جيئن اُهي آسانيءَ سان وڌن ۽ فائديمند ٿين.
وڻ اسان کي
استقامت جو اهڙو سبق ڏين ٿا، جيڪو وقت جي هر طوفان ۾ بہ جُهڪي نہ
ٿو،
پر وڌيڪَ مضبوط ٿي بيهڻ سيکاري ٿو. ٻج جڏهن
مٽيءَ ۾ دفن ٿئي ٿو، تڏهن تڪڙ ۾ وڻ نٿو بڻجي. هو اندر اندر وڌندو رهي ٿو، پوءِ هڪ ڏينهن
ننڍڙو ٻوٽو بڻجي ٻاهر نڪري ٿو. پوءِ سالن جي محنت کان پوءِ وڏو وڻ بڻجي ٿو. اُهو سبق
انسان لاءِ بہ آهي تہ وڏيون ڪاميابيون هڪ ڏينهن ۾ ناهن ملنديون،
پر صبر، وقت، محنت ۽ جدوجھد سان ملنديون آهن. اسان جي بزرگن وٽ وڻن جي وڏي عزت هئي.
ڳوٺن ۾ پراڻا وڻ صرف وڻ نہ هوندا هئا،
پر ڪچهريءَ جا مرڪز هوندا هئا. اُنهن جي هيٺيان فيصلا ٿيندا هئا، مهمان ويهندا هئا،
راڳ ڳايا ويندا هئا، ٻارن جون رانديون ٿينديون هيون. وڻن سان گڏ سماج جي تهذيب بہ زندھ هوندي هئي. اڄ جڏهن اُهي وڻ ختم ٿي
رهيا آهن، تہ اسان جي ثقافت
جو هڪ باب بہ بند ٿي رهيو
آهي. وڻڪاري عبادت بہ آهي، صدقو بہ آهي، ۽ نسلن تائين جاري رهندڙ نيڪي بہ آهي. جيڪو ماڻهو وڻ پوکي ٿو، اُن جي ڇانوَ
مان فائدو وٺندڙ هر مسافر، اُن جي ميوي مان کائيندڙ هر پکي، اُن جي هوا مان ساه کڻندڙ
هر انسان، ان لاءِ دُعا بڻجي ٿو. اُهو اهڙو نيڪ عمل آهي، جنهن جو اجر وقت سان گڏ وڌندو
رهي ٿو. اسان کي رُڳو حڪومتن تي ڀروسو نہ
ڪرڻ
گهرجي. نوجوان رضاڪارانہ مهمون هلائن،
عورتون گهرن ۾ ٻوٽا پوکن، آبادگار ٻنين جي ڪنارن تي وڻ لڳائن، استاد، شاگردن سان گڏ
اسڪولن ۾ باغ ٺاهين، مسجدن، مندر، گُردُوار، ڪليسا، امام بارگاهن، درگاهن ۽ قبرستانن
۾ ساوڪ پيدا ڪئي وڃي. جڏهن سماج گڏجي بيهندو، تڏهن ئي وڻڪاري تحريڪ بڻجندي. وڻ پوکڻ
اصل ۾ اُميد پوکڻ آهي. جيڪو ماڻهو ٻوٽو پوکي ٿو، اهو ڄاڻي ٿو تہ شايد اُن جي مڪمل ڇانوَ هو پاڻ نہ ڏسي سگهي، پر ايندڙ نسلون ضرور ڏسنديون.
اُهو ئي انسانيت جو حُسنُ آهي تہ ماڻهو پَنهنجي
اڄ مان ڪنهن ٻئي جي سڀاڻي لاءِ قرباني ڏئي. اچو تہ
هر
خوشيءَ تي هڪ وڻ پوکيون. شاديءَ تي وڻ پوکيون. ٻار جي جنم تي وڻ پوکيون. ڪنهن پيار
واري جي ياد ۾ وڻ پوکيون. ڪنهن بزرگ جي نالي تي وڻ پوکيون. هر ڏُک کي بہ ٻوٽي ۾ بدلائي زمين حوالي ڪريون، جيئن اُن
مان خوشبو نڪري ۽ سَڄي ماحول کي خوشبودار بڻائي ڇڏي. اُها ڌرتي اسان وٽ امانت آهي.
جيڪڏهن اسان اُن کي بنجر، سُڪي ۽ زخمي حالت ۾ ايندڙ نسلن حوالي ڪنداسين، تہ تاريخ اسان کي معاف نہ ڪندي. پر جيڪڏهن اسان ان کي ساوڪ سان سينگاري
ڇڏينداسين، تہ ايندڙ نسلون
اسان لاءِ دُعائون ڪنديون. جڏهن ايندڙ وقت جا ٻار ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي کلندا، جڏهن
پکي وري آکيرا ٺاهيندا، جڏهن هوا ٿڌي ٿيندي، جڏهن مينهن وقت تي وسندا، جڏهن ڌرتي سائي
چادر اوڍيندي، تڏهن تاريخ لکي ڇڏيندي تہ
ڪي
ماڻهو هئا، جن صرف پَنهنجو نہ، پر ڌرتيءَ
جو بہ سوچيو هو. وڻڪاري زندگيءَ جو جشن آهي. وڻڪاري
فطرت جي مسڪراهٽ آهي. وڻڪاري انسانيت جي بقا آهي. جيڪڏهن اسان کي پَنهنجي ڌرتيءَ سان
سچو عشق آهي، تہ پوءِ اچو، هٿن
۾ ڪهاڙي نہ، پر ٻوٽو کڻون؛ نفرت نہ، پر ساوڪ پوکيون، تباهي نہ، پر زندگيءَ جا گل ڇٽيون. ڇو تہ جتي وڻ هوندا، اُتي ساه هوندو، اُتي حُسنُ
هوندو، اُتي اَمن هوندو، اُتي مستقبل هوندو.!

