رضا لانگاھ جي شخصيت ۽ ادبي خدمتن جو جائزو ـ خالد ساحل ڪيريو

نامياري شاعر اديب ۽ نثر نويس رضا لانگاھ جو پورو نالو رضا ايوب لانگاھ ۽ ادبي نالو رضا لانگاھ آھي. پاڻ 9 مئي سال 1969ع تي موري شھر ۾ ولي محمد لانگاھ جي گھر ۾ جنم ورتو. رضا لانگاھ ابتدائي تعليم کان انٽر ڪلاس تائين تعليم موري شھر مان حاصل ڪئي، جڏھن تہ ايم. اي پوليٽيڪل سائنس، ايم اي. اڪنامڪس ۽ ايم اي. سنڌيءَ جون ڊگريون شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪري 11 مارچ 1992ع ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي اسڪول موري ۾ استاد مقرر ٿيو.

رضا لانگاھ لکڻ جي شروعات شاگرديءَ واري دور کان شعري ادب سان ڪئي، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر ۾ اڳ ئي ٻہ ڀائر سگھڙ مرحوم علي نواز لانگاھ ۽ سگھڙ مرحوم محمد اشرف لانگاھ لوڪ شاعريءَ سان وابستہ هئا، جن جي صحبت، ڪچھرين ۽ ڪتابن جي مطالعي کيس ادبي ۽ شعوري سگھ ڏني. سندس پھرين لکڻي (غزل) سال 1986ع ۾ ان وقت جي آفتاب اخبار جي ادبي صفحي ۾ ڇپي.

سال 1985ع کان رضا لانگاھ سنڌي ادبي سنگت شاخ موري سان وابستگيءَ ۽ ٻين ادبي سرگرمين جھڙي ماحول سبب باقاعدہ شاعريءَ جي مختلف صنفن تي لکڻ شروع ڪيو. سيد منظور علي شاھ منظور سان ويجھو رھڻ ڪري مٿس سندس تربيت ۽ رهبريءَ جو گھرو اثر ڇانئيل رھيو، جيڪو سندس ادبي استاد پڻ آهي. ان وقت رضا جي شاعريءَ جو محور سنڌ ۽ سنڌي عوام ھيو.

اڳتي ھلي رضا لانگاھ سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ اڳڀرو ڪردار ادا ڪندي سال 1992ع ۾ موري شھر جي ڪجھ ادب دوستن سان گڏجي ماھوار ”تمنا“ رسالو جاري ڪيو، جنھن ۾ پاڻ چيف ايڊيٽر طور رسالي جا 7 پرچا شايع ڪيا. سال 1995ع ۾ ”شعور“ رسالي جو ايڊيٽر، سال 2000ع کان پوءِ ”سنڌ سڀيتا“ رسالي جو سب ايڊيٽر، اقراء مئگزين جو ايڊيٽر ۽ جاکوڙ رسالي ۾ پڻ ٻانھن ٻيلي طور ادبي خدمتون سر انجام ڏنيون.

رضا لانگاھ ادبي ۽ سماجي تنظيمن ۾ پڻ ھڪ ذميواري فرد جي حيثيت ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ موري جي سال 1992,93ع ۾ ٻہ ڀيرا خزانچي، 2018ع ۾ ڪائونسلر ۽ 2019ع ۾ سيڪريٽريءَ جي عهديدار طور ادبي پروگرامن ۽ ٻين مختلف سرگرمين ذريعي اھم ڪردار ادا ڪيو.

سماجي تنظيمن جھڙوڪ: بخت ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري پاران 2002ع ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کان پوءِ اکين جي ڪئمپن، رت جي عطيي، ليڪچرن ۽ جاڳرتا ريلين وغيرہ جھڙا سماجي ڪم ڪيا.

تعليمي شعبي ۾ پڻ سندس ھڪ فرض شناس استاد وارو ڪردار رھيو آھي. سال 1992ع سال 1995ع تائين پاڻ ”سال جو بھترين استاد“ جا 4 ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آھي. رضا لانگاھ استادن جي تنظيم پ ٽ الف ۾ ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقہ چيئرمين رھڻ سان گڏ سال 1998ع ۾ ”تعليمي سنگت مورو“ تنظيم جي پليٽ فارم تان سيڪريٽريءَ جي عهديدار جي حيثيت ۾ تعليم جي ترقيءَ، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ پڻ ڪم ڪيو. پاڻ ھڪ سٺو مقرر پڻ آهي. رضا لانگاھ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي ادبي پروگرامن، ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ پھچڻ وارن مان آھي. پاڻ  تعليمي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ ڪمپيئر ۽ انائونسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

رضا جي شاعريءَ جي رومانوي ۽ جمالياتي انڊلٺي رنگن کي سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن پنھنجي ڪلا ۽ مڌر آواز سان امرتا بخشي آهي. کيس شاعراڻي ڏات ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌي ادبي سنگت شاخ شاھپور جھانيان پاران ”راشد مورائي“ ايوارڊ، ماھوار ريکائون ڪراچي پاران ايوارڊ، اقراء ايجوڪيشنل ائنڊ ويلفيئر سوسائٽي موري پاران ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت شاخ بچو راھو پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.

رضا لانگاھ جون ادبي خدمتون:

(الف) بحيث نثر نويس: رضا لانگاھ سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ ادب ۽ ثقافت جي اوسر ۾ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙي شعري ادب سان گڏ نثري ادب بہ اوتروئي اثرائتو ۽ سگھارو لکيو آهي. مضمون نويسيءَ ۾ پاڻ سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن، مخزنن ۽ اخبارن ۾ مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، جن ۾ ھڪ دلڪش انداز بيان، ٻوليءَ جي رس چس ۽ معلومات جو خزانو بہ آھي. سندس ڇپيل اھم مضمونن ۽ مقالن ۾ ”سمن جي دور ۾ مھدوي تحريڪ ۽ مخدوم بلاول جو ڪردار“ ھڪ تاريخي ۽ تحقيقي نوعيت جو مضمون آهي، جيڪو سال 2010ع ۾ ڇماھي بلاول تحقيقي جرنل ۾ ڇپيو. ساڳئي جرنل ۾ سندس ھڪ ٻيو مضمون ”ميان آدم شاھ تي لڳايل الزام جي حقيقت“ ھڪ ترجماتي مضمون آهي، جنھن ۾ ميان آدم شاھ جي مريدن جي ”قبضہ گروپ“ ھئڻ جي الزام، بغاوت جي الزام جي حقيقت، ڪلھوڙن جي زرعي نظام ۽ آدم شاھ متعلق تاريخي حوالن سان گڏ معلوماتي پھلو شامل آهن. سندس ھڪ ٻيو  مضمون ”ڪلھوڙن جي حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ادب جو تاريخي پسمنظر“ ساڳئي جرنل ۾ سال 2011ع ۾ ڇپيو جنهن۾ پڻ ڄاڻ شامل آهي. سندس ٻين مضمونن ۾ ”قلم شور ٿو ڪري“ (تعليم جي ڪرندڙ معيار تي)، ”ڏيڏرن جو آسمان تي پھچڻ، بادلن سان کيڏڻ“ (شاھ لطيف تي ٿيل تنقيدي جواب ۾)، ”سنڌي موسيقيءَ ۾ غير معياري شاعري، آخر قوم ڪيڏانهن وڃي؟“، ”سنڌي رسالي سنڌ لائين ۾ ٻوليءَ جو استعمال“ وغيرہ سان گڏ پاڻ سنڌي ٻوليءَ، ادب، تاريخ، ثقافت، لطيفيات، تصوف، سماجي موضوعن ۽ سنڌ جي ناميارين شخصيتن تي پڻ مضمون ۽ مقالا لکيا آهن.

سنڌي نثري ادب ۾ رضا لانگاھ جا شاعري، تصوف، تاريخ، ۽ مضمون نويسيءَ جي ڇپيل ڪتابن تي لکيل مھاڳ ۽ تبصرا پڻ منفرد اھميت ۽ افاديت جي حامل آهن، جن ۾ ”تنھنجي خوشبوءِ آئي ھوا مان“ محبتي ملاح (شاعري 2012ع)، ”مرڪ جو منظر“ زخمي زاھد سھارڻ (شاعري 2014ع)، ”ساريون پيا سبحان“ فقير انور علي مصطفائي (شاعري 2015ع)، ”سندر سپنا سرير جا“ غلام رسول گل (شاعري 2016ع)، ”دل صحرا سمنڊ اکيون“ شاد جلباڻي (شاعري 2016ع)، ”چنڊ چمڪي وارن ۾“ ڊاڪٽر برڪت ملڪ (شاعري 2017ع)، ”فڪر جي سفر ۾“ ايس نسيم ميمڻ (مضمون ۽ مقالا 2018ع )، ”وايون مھڪيون واٽ تي“ مبين اڄڻ (گڏيل شاعري 2019ع)، ”تنھنجي سونھن صنوبر جھڙي“ سانول عزيز مگسي (شاعري 2019ع)، ”منھنجو ڪاڇو“ نور حسين ڪلھوڙو (تاريخ 1019ع) ۽ ”تاريخ ڦڪا“ محمد افضل ڪلھوڙو (تاريخ 2020ع) سميت 40 کان وڌيڪ مھاڳ لکيا آهن. ان کان علاوہ نامياري ليکڪ ملوڪ لنڊ جي مختلف موضوعن تي لکيل ڪتابن جن ۾ ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا، تاريخي ماديت، جناح لياقت تضاد، پنجابي مھاجر تضاد، سنڌ جي جديد تاريخ قومن جي عروج ۽ زوال جو فلسفو، سامراج سرمائيداريءَ جي آخري منزل، ڪانھي ويڙھ بنا ٻي واھ، تاريخ ادب ۽ انقلاب، ۽ سنڌ جون رانديون تي پڻ لکيو آهي.

رضا لانگاھ جا شايع ٿيل ڪتاب:

سنڌي ٻوليءَ جي ھن خوبصورت شاعر جا ھن وقت تائين ٻہ شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن جو مختصر ذڪر ھيٺ ڏجي ٿو.

1.       دعائون ننڊ مان جاڳيون:

ھي ڪتاب رضا لانگاھ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آهي، جيڪو سنڌي ادبي سنگت شاخ موري سال 2014ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جو مهاڳ نامياري نقاد خليق ٻگهيي لکيو آهي جڏھن تہ تاثر ۾ عبدالغفار تبسم، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، اندرا شبنم، محبتي ملاح، نجم سرهيو، خالد ساحل ڪيريو، بالا بلوچ ۽ احمد سولنگيءَ سندس شاعريءَ جي فن فڪر شاعري جي ٻين موضوعن جن ۾ انسان دوستي، فطرت نگاري، ٻھراڙي ۽ شھري زندگي، وجوديت، جمالياتي رنگن ۽ قومي شعور وغيرہ تي روشني وڌي آهي. ڪتاب ۾ غزل، وايون، نظم، ۽ چؤسٽا شامل آهن. مھاڳ ۾ ناميارو نقاد خليق ٻگهيو سندس غزلن تي تجزيو ڪندي لکي ٿو تہ ”رضا لانگاھ جي غزل جو ھڪ وڏو حصو رومانوي آهي. ھو استعارن، ترڪيبن، ڪناين ۽ علامت نگارين جي فن سان پنھنجي رومانوي غزلن ۾ ڪئين سندرتائون جنمي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڪي استعارا سريئليسٽڪ آهن ۽ ڪن رومانوي شعرن ۾ ھو ترڪيبن جي سٽاءَ سان ڪي (Vision) جوڙي ٿو، ساڳئي وقت ڪانسيپٽ بہ جوڙي ٿو.“

2.       مان دراوڙ ديس جو:

ھي ڪتاب رضا لانگاھ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آھي، جيڪو سال 2018ع ۾ سنڌ راڻي پبلڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ڪتاب ۾ سندس شاعري بابت عزيز ڪنگراڻي، معشوق ڌاريجو، منظور علي شاھ منظور، پارس حميد، عبد مگسي، خليل عارف سومرو، ملوڪ لنڊ، ايس نسيم ميمڻ، عزيز سولنگي ۽ منصور سيتائي جن جا رايا شامل آهن. ڪتاب ۾ غزل، وايون، ڏيڊوڻا، ماھيا، ترائيل، نظم، ھائيڪا، ٽيڙو، گيت، آزاد نظم/نثري نظم، بيت، پنجڪڙا ۽ چؤسٽا شامل آهن. ڪتاب 224 صفحن تي مشتمل آهي.

رضا لانگاھ جي شاعريءَ جو مختصر جائزو:

رضا لانگاھ پنھنجي 35 سالن جي شاعراڻي سفر ۾ پنھنجي ھمعصر شاعرن ۾ ھڪ منفرد ۽ مٿاھين حيثيت ٺاھي آهي. سندس شاعري نفيس احساسن، نون لاڙن، محاورن، رجحانن، رومانس ۽ انقلاب جي موضوعن سان ٽمٽار آهي. پاڻ غزل ۾ منفرد لھجي، ٻوليءَ، پيشڪش، فڪر ۽ آرٽ سبب بنھ منفرد مقام عطا ڪيو آھي. سندس غزل جا ڪجهہ بند ھي آھن .

ھوا وار پنھنجا پکيڙي ڇڏيا ھن،

دلين جي پکين ساز ڇيڙي ڇڏيا ھن.

ھاڻي پير زخمي نہ ٿيندا پرين جا،

اسان نيڻ ڌرتيءَ تي ٽيڙي ڇڏيا ھن،

مان شاھ عنايت جي تحريڪ آھيان،

زمينن جا سينا مون کيڙي ڇڏيا ھن.

اسان روشنيءَ کي ڏني روشني آ،

اسان وار اوندھ جا ويڙھي ڇڏيا ھن.

سبيا مون اکين سان ”رضا“ خواب جيڪي،

اھي دل چريءَ سڀ اڊيڙي ڇڏيا ھن.

مٿين شعرن ۾ ھوا جا وار پکيڙڻ، نيڻ ڌرتيءَ تي ٽيڙڻ، وار اوندھ جا ويڙھڻ، اکين جي ٻني ۽ اکين سان خواب سبڻ جھڙيون نيون تشبيهون، محاورا سنڌي شاعريءَ ۾ نوان ۽ اڇوتا آھن. رضا لانگاھ غزلن ۾ موضوعن، منظرن، خيالن، جذبن ۽ واقعن کي آرٽسٽڪ انداز سان پيش ڪرڻ سان گڏ لفظن کي ڪتب آڻڻ جو فن رکندڙ ڪوي بہ آهي.

رضا لانگاھ جا نظم جن ۾ رنگين شامون، سوچ جو فرق، ڪو انقلاب آڻجي، سجدا، ٻوڄا ۽ عادي ھڪ خوبصورت نظم آھن، جن ۾ فطرت جي حسناڪي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جا درد ۽ صدائون، مزاحمت ۽ جمالياتي عڪس فنڪارانہ انداز ۾ پيش ڪيل آھن. ڪتابن ۾ موجود سندس ڪافي وايون ڪردار سازيءَ، وراڻيءَ جي فن، رچاء، موضوعاتي چونڊ ۽ سٽاء جي لحاظ کان جديد وايون آھن.

مان ئي مھاوير،

مان ئي جين ڌرم،

منهنجو پنھنجو ڪم .

الفت آ ڀڳوان ،

الفت منجھ ڀرم،

منھنجو پنھنجو ڪم.

يا

ايڏو ڇو انسان،

ٿي پيو آ حيوان،

گوتم سوچي ٿو!

صحرا ڇو ٿيو آ،

ساڌوءَ جو ايمان،

گوتم سوچي ٿو!

رضا لانگاھ جي شاعريءَ جي صنفن ۾ جتي ھڪ انوکي خوشبوءِ آھي، اتي سندس چؤسٽن ۾ پڻ ھڪ الڳ رنگ آھي، جنھن ۾ وطن دوستي، حقيقت نگاري، سماجيات ۽ مشاھداتي سگھ بہ آهي. پاڻ سادن لفظن ۾ سولي انداز ۾ ڳالھ ڪرڻ جو فن رکندڙ ڪوي آهي، جيڪا پڻ سندس مقبوليت جو ڪارڻ آھي.

پيار تنھنجي اسان کي سنواري ڇڏيو،

ھا! سنواري سڌاري اجاري ڇڏيو،

پاڻ مسجد ۽ مندر ۾ ڇا لئہ وجون،

عشق ٻيڙو اسان جو آ تاري ڇڏيو.

يا

پڪي آ اسان جي توسان يار ياري،

مان ڌرتيءِ جو شاعر، تون ڌرتيءَ جو ھاري،

تون کيڙي زمينون فصل ٿو اپائين،

مون کيڙي اکر قوم آھي اٿاري.

مجموعي طور رضا لانگاھ شاعريءَ جي ھر صنف جو پنھنجي دؤر جو پختو شاعر آهي. سندس شاعريءَ کي پنھنجو لھجو، منفرد انداز ۽ ڊڪشن، جمالياتي ۽ رومانوي رنگ، فطري شاعراڻو جڙاءُ ۽ نواڻ آهي. ھن وقت سندس ٻہ ڪتاب جن مان ھڪ شاعري ”۽ ھوءَ ھلي وئي“ (آزاد نظم ۽ نثري نظم) ۽ ٻيو نثر تي ڪتاب اچڻ وارا آهن.


Previous Post Next Post