خوشحاليءَ جي خواب کان امن جي انقلاب تائين ـ حڪيم پريم چاندواڻي

ساري دنيا ٿي، خوشحال کپي،

صفا امن ٿو، هر حال کپي۔

هي ٻہ سٽون انسانيت جي دل مان نڪتل اها گڏيل دعا آهن، جيڪا صدين کان هر ماءُ جي اکين، هر ٻار جي مرڪ، هر مزدور جي پگهر ۽ هر مظلوم جي ساهن ۾ زندہ رهي آهي۔ شاعر هتي ڪنهن هڪ ملڪ، ڪنهن هڪ قوم يا ڪنهن هڪ مذهب جي ڳالهہ نٿو ڪري، پر پوري دنيا جي بقا، سڪون ۽ گڏيل خوشحاليءَ جو منشور پيش ڪري ٿو۔

هي شعر پنهنجي سادگيءَ ۾ ايترو وسيع آهي، جو ان جي اندر انسانيت جي تاريخ، تهذيب، معاشيات، نفسيات ۽ امن جي فلسفي جا سمورا رنگ سمايل محسوس ٿين ٿا۔ ڇوتہ دنيا جي هر انسان جي خواهش آخرڪار ٻن ئي شين تي اچي بيهندي آهي،

هڪ خوشحال زندگي،

۽ ٻيو امن ڀريو ماحول۔

جتي خوف هوندو، اتي خوشحالي پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهندي۔ جتي جنگ هوندي، اتي ترقيءَ جا خواب راڪاس ڳڙڪائي ويندا۔ جتي نفرت هوندي، اتي محبتون يتيم بڻجي وينديون۔ شاعر انهيءَ ڪري چوي ٿو تہ صفا امن هر حال ۾ کپي، يعني اهڙو امن، جنهن ۾ ڪو دوکو نہ هجي، ڪو بارود نہ هجي، ڪا نسل پرستي نہ هجي، ڪا انتهاپسندي نہ هجي، ۽ نہ ئي انسان انسان کان ڊڄندو هجي۔

اڄ دنيا سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ترقيءَ جي بلندين تي پهچي وئي آهي، پر انسان جي اندر جو خوف اڃا ختم ناهي ٿيو۔ وڏيون وڏيون عمارتون ٺهي ويون، پر دلين جا ويران شهر آباد نہ ٿي سگهيا آهن۔ انسان چنڊ تائين پهچي ويو، پر پنهنجي اندر جي نفرت کي زمين اندر دفن نہ ڪري سگهيو۔ شاعر جي فڪر جو حسن اهو آهي تہ هو ترقيءَ کي صرف معاشي دولت سان نٿو ماپي، پر انساني دلين جي سڪون سان ماپي ٿو۔

حقيقت اها آهي تہ خوشحالي صرف دولت جو نالو ناهي۔ جيڪڏهن دولت ئي خوشحالي هجي ها، تہ امير ملڪن ۾ ڊپريشن، اڪيلائي ۽ خودڪشيون ڇو وڌن ها؟!!۔ خوشحالي اصل ۾ اها ڪيفيت آهي، جتي انسان عزت سان جيئي، خوف کان آزاد هجي، ۽ کيس پنهنجي سڀاڻي يا مستقبل بابت اميد هجي۔

هڪ غريب مزدور، جيڪو شام جو ٿڪجي گهر موٽي پنهنجي ٻارن کي کلندي ڏسي مرڪي ٿو، اهو شايد ان امير کان وڌيڪ خوشحال آهي، جيڪو دولت هوندي بہ بي سڪون هجي۔ ڇوتہ خوشحاليءَ جو تعلق صرف کيسي سان نہ، پر ضمير، ذهن ۽ دل سان بہ هوندو آهي۔

شاعر جو ساري دنيا چوڻ بہ انتهائي فڪر انگيز آهي۔ اڄ جي دنيا ۾ ماڻهو پنهنجي ذات، پنهنجي مفاد، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ملڪ تائين محدود ٿي ويا آهن۔ پر حقيقي انسانيت اها آهي، جتي انسان پنهنجي خوشيءَ سان گڏ ٻين جي خوشين جو بہ سوچي۔ جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪ ٻار بک سبب روئي رهيو هجي، تہ انسانيت اڌوري آهي۔ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ جنگ سبب مائرون پنهنجا پٽ وڃائي رهيون هجن، تہ ترقيءَ جا سڀ جشن بي معنيٰ آهن۔

امن فقط جنگ جي غير موجودگيءَ جو نالو ناهي، بلڪہ امن اها فضا آهي، جتي انصاف هجي، برداشت هجي، محبت هجي، ۽ انسان کي پنهنجي اظهار جي آزادي هجي۔ جڏهن معاشري مان نفرت جا واپاري ختم ٿيندا، تڏهن ئي امن جا گل ٽڙندا۔ جڏهن انسان مذهب، نسل، ٻوليءَ ۽ رنگ جي فرق کان مٿي ٿي انسان کي انسان سمجهندو، تڏهن ئي دنيا واقعي خوشحال ٿيندي۔

بدقسمتيءَ سان اڄ جو انسان نفرتن جي واپار ۾ ايترو مصروف ٿي ويو آهي، جو هن محبت جي زبان وساري ڇڏي آهي۔ هر طرف طاقت جي نمائش، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ مفادن جي سياست آهي۔ دنيا جا وڏا ملڪ امن جا درس ڏيندي بہ جنگين جي بازار گرم ڪن ٿا۔ اهڙي ماحول ۾ شاعر جي اها صدا هڪ روحاني احتجاج بڻجي سامهون اچي ٿي۔

هي شعر اصل ۾ انسانيت کي اهو پيغام ڏئي ٿو تہ جيڪڏهن اوهان کي حقيقي ترقي کپي، تہ پهريان دلين کي آباد ڪيو۔ جيڪڏهن اوهان کي خوشحال دنيا کپي، تہ نفرتن جي باهہ وسايو۔ جيڪڏهن اوهان کي امن کپي، تہ انصاف کي زندہ ڪيو۔

ڇوتہ تلوارون ڪجهہ وقت لاءِ علائقا فتح ڪري سگهن ٿيون، پر دلين کي صرف محبت فتح ڪري سگهي ٿي۔ بارود خوف پيدا ڪري سگهي ٿو، پر سڪون نٿو ڏئي سگهي۔ طاقت ماڻهن کي جهڪائي سگهي ٿي، پر عزت پيدا نٿي ڪري سگهي۔

هي شعر پنهنجي مختصر لفظن ۾ هڪ عظيم عالمي فلسفو پيش ڪري ٿو۔ اهو فلسفو ٻڌائي ٿو تہ دنيا جي سڀني انسانن جا خواب، درد، خواهشون ۽ اميدون اصل ۾ هڪ جهڙيون آهن۔ هر اک امن ڳولي ٿي، هر دل محبت گهري ٿي، ۽ هر روح خوشحاليءَ جو خواهشمند آهي۔

انهيءَ ڪري شاعر جي اها صدا وقت جي شور کان تمام گهڻي مٿانهين محسوس ٿئي ٿي۔

ساري دنيا ٿي، خوشحال کپي،

صفا امن ٿو، هر حال کپي۔

 


Previous Post Next Post