زندگي هلڻ جو نالو آهي ـ علي گوهر جتوئي

زندگي رڳو وقت گذارڻ جو نالو ناهي، نہ ئي زندگي صرف ساه کڻڻ ۽ ڏينهن پورا ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو۔ زندگي دراصل هڪ احساس آهي، هڪ جدوجهد آهي، هڪ سفر آهي، جيڪو انسان کي هر ڏينهن نئين آزمائش، نئين درد ۽ نئين اميد سان ملائي ٿو۔ انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي لمحا اهڙا بہ ايندا آهن، جڏهن سڀ ڪجهہ ختم ٿيندو محسوس ٿيندو آهي۔ خواب ٽٽي پوندا آهن، پنهنجا ماڻهو پرائا ٿي ويندا آهن، دل زخمي ٿي پوندي آهي، ۽ انسان اندر ئي اندر خاموشيءَ سان روئندو رهي ٿو۔ پر انهن سڀني حالتن باوجود جيڪو انسان هلندو رهي ٿو، اهو ئي اصل ۾ جيئرو آهي۔ زندگي ڪنهن بيٺل پاڻيءَ جو نالو ناهي۔ بيٺل پاڻي وقت سان گڏ بدبودار ۽ بيڪار بڻجي ويندو آهي، جڏهن تہ وهندڙ پاڻي پنهنجي پاڪيزگي برقرار رکندو آهي۔ انسان جي زندگي بہ بلڪل اهڙي ئي آهي۔ جيڪو انسان حرڪت، جدوجهد ۽ اميد کي ڇڏي ڏئي ٿو، اهو آهستي آهستي اندر مان ختم ٿيڻ لڳي ٿو۔ ظاهري طور هو جيئرو هوندو آهي، پر سندس خواب، سندس حوصلو، سندس سوچ ۽ سندس روح مري چڪا هوندا آهن۔ دنيا ۾ جيڪي بہ عظيم ماڻهو گذريا آهن، انهن جي زندگي آسانيءَ سان ڀريل نہ هئي۔ انهن بہ بک ڏٺي، تڪليفون سٺيون، ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌيون، ڌوڪا کاڌا، ۽ ڪيترائي دفعا اڪيلائيءَ جي اذيت مان گذريا۔ پر انهن جي عظمت جو راز اهو هو تہ هو ڪڏهن بہ رڪيا نہ۔ جڏهن دنيا کين ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن بہ هو اڳتي وڌندا رهيا۔ جڏهن ماڻهن سندن حوصلا ٽوڙڻ چاهيا، تڏهن بہ انهن پنهنجي اندر جي روشني کي زندہ رکيو۔ زندگي ۾ ڪڏهن اهڙا لمحا ايندا آهن، جڏهن انسان کي لڳندو آهي تہ هاڻي وڌيڪ هلڻ ممڪن ناهي۔ راتيون ڊگهيون ٿي وينديون آهن، اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي وينديون آهن، دل ۾ هزارين درد هوندا آهن، پر زبان خاموش هوندي آهي۔ ڪي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ اهڙي جنگ وڙهندا آهن، جن جو آواز دنيا تائين ڪڏهن بہ نٿو پهچي۔ ڪيترائي ماڻهو کلندي بہ اندر مان ٽٽل هوندا آهن۔ انهن جي چهري تي مرڪ هوندي آهي، پر دل ۾ قيامت برپا هوندي آهي۔ پر ياد رکڻ کپي، زندگي انهن لاءِ ناهي جيڪي دردن کان ڊڄي ويهي رهن ٿا۔ زندگي انهن لاءِ آهي، جيڪي زخمن سان بہ سفر جاري رکن ٿا۔ جيڪي طوفانن ۾ بہ پنهنجي اميد جو ڏيئو وسائڻ نٿا ڏين۔ جيڪي هر ناڪاميءَ کان پوءِ ٻيهر اٿي بيهن ٿا۔ ڇوتہ انسان جي اصل سڃاڻپ سندس ڪاميابي نہ، پر سندس جدوجهد هوندي آهي۔ بفطرت انسان کي هر پل اهو ئي سبق ڏئي ٿي۔ سج هر شام لهڻ باوجود ٻيهر اڀري ٿو۔ وڻ خزان ۾ پنهنجا پن وڃائڻ باوجود بهار اچڻ تي ٻيهر سرسبز ٿي وڃن ٿا۔ پکي هزارين ميلن جو سفر ڪري پنهنجو آکيرو ڳولين ٿا۔ درياه جبلن سان ٽڪرائجڻ باوجود پنهنجو وهڪرو نٿا روڪين۔ جيڪڏهن فطرت جي هر شيءِ حرڪت ۾ آهي، تہ پوءِ انسان ڇو مايوسيءَ جي زنجيرن ۾ پاڻ کي قيد ڪري؟ اڄ جو انسان اندر مان تمام گهڻو ٿڪل آهي۔ ڪنهن کي غربت ماريو آهي، ڪنهن کي بيروزگاري، ڪنهن کي محبتن جي جدائي، ڪنهن کي سماج جي ظلم، ۽ ڪنهن کي پنهنجن جي بي وفائي۔ ڪيترائي نوجوان خوابن جي قبرن تي ويٺا آهن۔ ڪيترائي ماڻهو پنهنجن خواهشن کي دفن ڪري خاموش زندگي گذاري رهيا آهن۔ پر خاموشيءَ سان مرڻ کان بهتر آهي تہ انسان پنهنجي خوابن لاءِ وڙهي، پنهنجي حق لاءِ بيهي، ۽ پنهنجي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندو رهي۔ اصل بهادري اها ناهي تہ انسان ڪڏهن بہ نہ ڪِري، پر اصل بهادري اها آهي تہ انسان هر ڀيري ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر اٿي بيهي۔ دنيا جو سڀ کان طاقتور انسان اهو ناهي، جنهن وٽ دولت يا اقتدار هجي، پر طاقتور اهو آهي، جيڪو پنهنجي درد باوجود بہ مسڪرائڻ ڄاڻي ٿو، جيڪو پنهنجي ڳوڙهن کي طاقت بڻائي ٿو، ۽ جيڪو هر حال ۾ اميد جو دامن نٿو ڇڏي۔ زندگي اسان کي هر ڏينهن اهو پيغام ڏئي ٿي تہ: جيڪڏهن تون بيهي رهندين تہ وقت توکي دفن ڪري ڇڏيندو، پر جيڪڏهن تون هلندو رهندين تہ وقت توکي سڃاڻپ ڏيندو.“ تنهنڪري جيڪڏھن پاڻ کي ڪا سڃاڻپ ڏيڻ جي خواھش آھي يا ڪا منزل چونڊي آھي تہ پنهنجي اندر جي روشني کي ڪڏهن بہ وسڻ نہ ڏيو۔ حالتون ڪيتريون بہ سخت ڇو نہ هجن، پنهنجن خوابن جو هٿ نہ ڇڏيو۔ ماڻهن جون ڳالهيون، دنيا جا طعنا، ناڪاميون ۽ تڪليفون توهان کي روڪي نہ سگهن، جيڪڏهن توهان جي اندر جي اميد زندہ آهي۔ ڇوتہ منزل انهن کي ئي ملندي آهي، جيڪي زخمن سان بہ هلندا رهن ٿا، جيڪي اونداهين ۾ بہ روشني ڳولين ٿا، ۽ جيڪي ٽٽڻ باوجود پاڻ کي ٻيهر جوڙي وٺندا آهن.

 

Previous Post Next Post