About Us


موکي مئگزين سنڌ جو پهريون آن لائين رسالو آهي. موکي ميڊيا ۽ موکي پبليڪيشن کانپوءِ، جنوري 2024ع ۾ موکي مئگزين جي باضابطہ شروعات ڪئي وئي. موکي مئگزين پنهنجي آن لائين پليٽفارم ذريعي مختلف مضمون، ڳالهہ ٻولهہ، ڪهاڻيون، خبرناما، خاڪا، تبصرا ۽ ٻيو اهم مواد شايع ڪري ٿو۔

رسالي جي ٽيم خاص ايڊيٽوريل اصولن تي عمل ڪندي، معيار، ايمانداري ۽ ذميواري کي برقرار رکي ٿي، تہ جيئن پڙهندڙن تائين ڄاڻ سنجيدگي ۽ معنيٰ خيز انداز ۾ پهچائي سگهجي۔ اسان کي اوهان جي راين، صلاحن ۽ موصول ٿيندڙ مواد جو پڻ انتظار رهندو۔

موکي مئگزين سٿ، مئگزين جي معيار کي نظر ۾ رکندي ڪجهہ اصول مرتب ڪيا آهن، جن جي پاسداري ڪرڻ اسان ۽ اوهان ٻنهي جو اولين فرض آهي، ڇوتہ مختلف ادارن طرفان انهن اصولن کي قانوني حيثيت پڻ مليل آهي، تنهنڪري اوهان جو انهن سان سھمت هجڻ لازمي آهي۔

 

مئگزين جا اصول:

·        سياسي، سماجي، ادبي، مذهبي يا ٻي ڪنهن بہ نوعيت جو مواد اھڙو ھُجي، جنھن سان اداري جي ڪارڪردگي مُتاثر نہ ٿئي.

·        نفرت انگيز مواد ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ ڪيو ويندو؛ اهڙي قسم جي مواد کي مئگزين ۾ جاءِ نہ ڏني ويندي۔

·        ذاتي تنقيد بدران اصلاحي ۽ تعميري تنقيد وارو مواد قبول ڪيو ويندو۔

·        غير معياري لکڻي کي مئگزين ۾ جاءِ نہ ڏني ويندي۔

·        روايتي لکڻيءَ کان جديد لکڻيءَ کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي۔

·        نئين ۽ نڪور لکڻيءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي۔

·        ڪنهن ٻئي مئگزين يا اخبار ۾ شايع ٿيل لکڻي، ھن مئگزين ۾ شايع نہ ڪئي ويندي.

·        چوري يا ڪاپي ڪيل مواد گناھ جي زمري ۾ اچي ٿو، جنھن جو ذميوار ادارو نہ بلڪہ ليکڪ پاڻ ھوندو.

·        مواد ھر ٻئي ڏينھن ويب سائيٽ تي پبلش ڪيو ويندو. جڏھن تہ خاص (ڪنھن تاريخ جي مناسبت سان) مواد ان مخصوص تاريخ تي شايع ڪيو ويندو.

·        مواد لاءِ گھٽ ۾ گھٽ لفظن جو تعداد 1000 ھئڻ ضروري آھي، ان کان گھٽ وارو مواد قبول نہ ڪيو ويندو.

·        مواد موڪلڻ جو وقت: منجھند 02 وڳي کان رات 08 وڳي تائين

·        مواد موڪلڻ سان گڏ پنھنجي تصوير ۽ مواد سان لاڳاپيل تصوير موڪلڻ لازم آھي. (پنھنجي تصوير رڳو پھريائين موڪليو، ٻيھر موڪلڻ جي ضرورت ناھي، ڇوتہ ادارو تصوير محفوظ رکندو۔)


(نوٽ: ھن ويب سائيٽ تي موجود مواد بغير اجازت ڪٿي بہ ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ناھي ۽ ان سلسلي ۾ ۾ اجازت صرف ان مواد جي ليکڪ وٽ ھوندي.)

_______________________________________

مواد موڪلڻ لاءِ:

Email: mokhimagazine@gmail.com
Whatsapp: 03088325804