بد نيتي ۽ بي حسي ڪيئن ختم ٿيندي ـ حڪيم پريم چاندواڻي

جيئن جيئن خودغرضي ۽ انا پرستي وڌي رهي آهي، تيئن تيئن بدنيتي ۽ بي حسي پڻ وڌي رهي آهي، ڀلائيءَ جي بدلي برائي پلئہ پوي ٿي۔ ماڻهو ايترو تہ بد دل ٿي چڪا آهن، جو اهو چوڻ تي مجبور آهن تہ چڱائي چڱي تہ آهي پر ڪنهن سان ڪجي نہ۔ ڇو تہ اڄ ڪلھ چڱائي ڳچيءَ ۾ ٿي پوي۔

اهڙو ئي واقعو اڄ مون سان پيش آيو آهي، هڪ نامردي جو مريض جنهن جي مون مفت دوا ڪئي هئي، ان کي ڪافي شفا بہ ملي، اڄ وري اهو چئي پيسا گهريائين تہ دوست گهريا آهن ان کي ڏيڻا آهن توکي مان شام واپس ڪندس۔ انڪار ڪرڻ تي گندو ڳالهائي فون بند ڪري ڇڏيائين۔ جيڪڏهن ائين ئي ٿيندو رهيو تہ پوءِ هر ڪو چڱائي ڪرڻ کان اڳ ڏھ دفعا سوچيندو۔ نتيجي ۾ هرڪو چڱائيءَ ڪرڻ کان ئي هٿ کڻي ويندو۔ پرپٺ فون تي گاريون ڏيڻ وارو نامرد آهي۔ مڙس ماڻهون تہ آمهون سامهون ۽ سڌو مقابلو ڪندا آهن۔ اهڙا بي ضمير ماڻهون دراصل ذهني مريض هوندا آهن، جيڪي ٻين کي ستائي لطف اندوز ٿيندا آهن۔ اهڙن بي ضميرن ۽ نامردن جي بدتميزي دل تي نہ وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ تہ هو اڳ ئي قدرتي عذاب ۽ تڪليف ۾ مبتلا هوندا آهن ۽ ساري دنيا کي ئي دوشي سمجهي هر هڪ سان غلط رويو روا رکندا آهن۔ اهڙن ڪريل ڪردارن خلاف واحدالقهار جي درٻار ۾ دانهن ڏئي ڇڏجي۔ وقت ۽ فطرت کين عوام الناس جي آڏو هڪ ڏينهن ننگو ڪري بيهاريندي ۽ هر هڪ کين بد ڪردار ۽ بي ضمير سمجهي واسطا  ئي ڪاٽا ڪرڻ چاهيندو۔

رکي بد-نيتي، ٻي بي حسي

پوءِ سوچ اها، سڏبي کسي۔

بد-نيتي جي، وڌندي ويندي،

ڪار سٺي، پوءِ، خواب لڳندي۔

دنيا جو، دستور نرالو،

سوچن تي، لڳل آ تالو۔

جيڪو ستائي ٿو، سو پاڻ بہ ڪاٿي سک پائي ٿو۔ مرد جو درد نصيب، هيءَ دنيا آهي ڏاڍي عجيب۔ ظالم جو انجام برو آ،

ظالم جو عقل موڪل تي ويو آ۔

بيحد  غم، ٻي بي - وسي،

ڏاڍي ڏکي حياتي گذري ٿي۔

انا اجائي، پستي آهي،

 بيحسن جي بستي آهي۔

جيئن لهندڙ سج جا پاڇا، نڪي روشني نڪو سايا۔ مجبور جا، گذري ٿي، بيڪسيءَ ۾، نبري نٿي۔ هر  روز، تماشا آهن، بور سڀيئي ڊراما آهن۔ اهڙي صورت ۾، ڪيئن ڪٽجي نفرت ۾۔ وک وک تي جي واڳون هوندا، جيئڻ اهي ڪيئن ڏيندا، بک اڃ گهڻي اساٽ آهي، ونگيل هر ڪا واٽ آهي۔ ڏاڍي ڏکي پئي گذري ٿي، راھ نہ ڪائي پسجي ٿي۔ اهڙي صورتحال ۾، جيءَ لڳي ٿو جنجال ۾۔ ڪو چارا گر هجي، هن حال مان جيڪو ڪڍي۔ صحرا جو سفر، ٿي لڳي، ڇو بي حسي، ٿي وڌي۔  ٿيو جيئڻ، ڏاڍو  اوکو  آهي، وک وک  تي، جو دوکو آهي۔ ڄڻ ساھ مٺ ۾ آهي، جندڙي وڏي جٺ ۾ آهي۔

انسان هن جهان ۾ مسافر جيان آيو آهي۔ هڪ ڏينهن دنيا ۾ اچڻ جو آهي تہ ٻيو وري وڃڻ جو مقرر ڏينهن آهي۔ نڪو صحرا جو سفر ٿو کٽي نڪي انسان جي جان ٿي ڇٽي۔

اسان مسافر، صحرا جا بيوس ڏاڍو، گهايون ٿا۔ جر جي ڦوٽي وانگي جيون، اک ڇنڀ ۾ ٿو، گذري جوڀن۔ سج لهي ويو آ، جوت جهڪي ۽ ظلمت آ۔ مفلوج جيون جا سلسلا، بس مسئلا ئي مسئلا، الجهي پيا سڀ مامرا،

جيئن سٽ منجهيل ايئن مرحلا۔ رڻ ۾ ڦاٿل قافلا، سڀ مونجهارن جي ور چڙهيا۔ راھ نہ ڪائي نڪري ٿي، هر گهڙي ڪنڊن سان الجهي ٿي۔ ڏھ ويري ڇا سؤ ويري ٿيا، سي نانگن وانگي چنبڙي ويا۔ ور وڪڙ ۽ خاڪ بسر، هر آھ لڳي ٿي بي اثر، هر ڪار لڳي ٿي بي ثمر۔ دل جان لڳي ٿي پنڊ پٿر۔ هر آس لڳي ٿي بي گهر۔ ڪيئن اچي آهن ۾ اثر۔ هر ڪوشش جو جيئن مٺو ثمر، فتح هجي سامهون حاضر۔ خوشين ۾ گذري پل پهر۔ ٻولن ۾ گهرجي اهڙو اثر، فتح دلين سڀ سربسر۔ قائم هوش ۽ حوصلو ناهي ٿيڻو ويسلو۔ ٿي زندگي جو بي ثمر مشڪل ٿو گذري هر پهر۔ هيءَ زندگي سامونڊي وير مثل آهي، جيڪا ڏاڍي تيزيءَ سان ڪناري طرف وڌي ٿي پر جڏهن ان کي اڳتي جو رستو نٿو ملي تہ بيوس ۽ لاچار ٿي واپس پوئتي موٽي وڃي ٿي۔ بس هڪڙي وير جي ايتري ئي زندگي هجي ٿي۔

هيءَ بيوسيءَ جي، زندگي،

ڇو بي ڪسيءَ ۾ گذري ٿي۔ 

چوندا آهن تہ هيءَ زندگي مانجهاندي جو ماڳ آهي، ان ۾ سهارا ڇپر ڇانؤ هجن ٿا پر جڏهن اهي سهارا دل وارا ۽ جيءَ جيارا هجن ورنہ سڀ ڪو وقت کي ڌڪو پيو ڏي ۽ ٽائيم پاس ڪرڻ واسطي اڻ تاروء انسان وانگر ٿاڦوڙا پيو هڻي۔

سڀ سهارا، مطلب وارا،

سچا رشتا، جيءَ جيارا۔

هن درد جي درياه دنيا ۾، ڪو ٻڏي ٿو تہ ڪو وري تري وڃي پار پوي ٿو۔ هن جيون جا سڀ بکيڙا ڏاڍا اوکا ڏاڍا سخت ۽ جان ليوا ٿين ٿا۔ انسان جي بک ۽  پياس ڪڏهن بہ پوري نٿي ٿئي۔ زندگيءَ جون اڪثر ڪهاڻيون اڌوريون ئي رهجي وڃن ٿيون۔ اڪثر خواهشون اڻپوريون رهجي وڃن ٿيون ۽ اهي حسرتن جو روپ ڌاري بيوسيءَ ۽ بيڪسيءَ جو مظهر بنجي انسان کي رڃ جي رڻ پٽ ۾ رولي، حيران ۽ پريشان ڪنديون رهن ٿيون۔ پر جيڪڏهن ڪو سالڪ ضرورت ۽ خواهش جي فرق کي پرکي ۽ سمجهي وٺي ٿو، اهو ڪافي حد تائين پريشانين کان بچيل رهي ٿو۔ بيحس سماجن ۾ جيئڻ جو نہ تہ مزو يا لطف رهي ٿو، ويتر وک وک تي روڙا ۽ رنڊڪون انسان کي بيحد غمگين، پريشان ۽ بيحال ڪري ٿيون ڇڏن۔ اهڙي سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ بہ مٿير مڙسن جو ڪم آهي۔ ڪي ويچارا تہ بيوسيءَ ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿي خودڪشي ڪري غمن کان نجات حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪن ٿا۔ پر آتم هتيا مهان پاپ آهي۔ هيءَ زندگي الله پاڪ وٽان مليل امانت آهي ان ۾ ڪا بہ خيانت ڪرڻي ناهي ۽ صبر شڪر سان عاجزيءَ جي عالم ۾ جيون بسر ڪري سرخرو ٿيڻو آهي۔ زندگيءَ جون رنگينيون ۽ رونقون پنهنجي جاءِ تي بيحد حسين بيحد دلفريب ۽ پرڪشش پر سختيون، سنگينيون ۽ رنجشون انسان کي بيوسيءَ جي عالم ڏانهن ڌڪي مجبور ۽ لاچار بنائي ٿيون ڇڏن پر اهڙي صورت ۾ بہ هنيانؤ ناهي هارڻو ۽ زندہ دليءَ سان جيون گهاري بهتر ڪردار ۽ عمل سان نانؤ نيڪي پٺتي ڇڏي وڃڻي آهي ۽ ٻين لاءِ مثال قائم ڪرڻو آهي۔

بيحس بي فيض ۽ اڻاسو شخص، پاڻ بہ تاحيات بي فيض ۽ نامراد ئي رهي ٿو۔ ۽ نامراد ٿي بي موت مري وڃي ٿو۔ سندس مرڻ تي ڪنهن کي بہ ڪو ڏک سور نٿو ٿئي۔ ويتر گهڻن کي تہ اهڙي اڻاسي فرد کان نجات تي خوشي ٿئي ٿي ۽ هو سک جو ساھ کڻن ٿا۔ في فيض ۽ بيحس ماڻهو وعدہ شڪن ۽ ڪوڙو هجي ٿو ۽ وعدي جو پاس رکڻ سندس نصاب يا دستور-عمل ۾ ئي شامل ناهي۔ 

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تہ انهيءَ صحرا جي سفر کي ڪيئن خوشگوار ۽ ڪامياب بنائجي۔

انهيءَ جو جواب اهو ئي آهي تہ خواهشن کي ختم ڪرڻ، گهرجي، صبر شڪر، سادگي، بيحد برداشت، زندہ دلي، رواداري، ديانتداري، خودداري، الفت، اهنسا، ايڪتا، اخلاقي قدرن ۽ انساني وصفن سان، زندگيءَ کي زندگي سمجهي خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي بسر ڪجي۔ گهڻي گهڻي جي تمنا نہ رکڻ گهرجي۔ ڪنهن ۾ بہ حد کان وڌيڪ اميد نہ رکڻ گهرجي۔

بس همت ناهي هارڻي باقي تہ ڪنهن مان بہ ڀلائيءَ جي آس اميد نہ رکڻ گهرجي۔ پر پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي، ۽  قدم قدم اڳتي وڌڻ گهرجي، محنت ۽ محبت سان ماڳ ماڻي زندگيءَ کي سڦل بنائجي ۽ ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪجن۔

دنيا مين کتنا غم هي،

ميرا غم کتنا کم هي۔

زندگيءَ کي خوشگوار بنائڻ لاءِ غمن سان ٺاھ ڪرڻ گهرجي،

جيئڻ ۽ خوش رهڻ جو ڏانؤ اچڻ گهرجي۔ ڪيچڙ ۾ ڪنول گل جيان ٽڙڻ ۽ جهومڻ گهرجي۔

بيوسيءَ کي باوس ٿي بسر ڪرڻ گهرجي۔ ڪاوڙ کي قوت ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي۔ سوچن کي قوي ڪرڻ گهرجي ٻي صورت اشڪبار اکيون کڻي دکڙا بيان ڪرڻ سان ڪنهن کي ڪا بہ ڪهل نہ ايندي، الٽو اهي ٽوڪون ٺٺوليون ڪندا، کلندا ٽهڪ ڏيندا، چٿرون ۽ الرون ڪندا۔ ڇو تہ هيءَ دنيا ڏاڍي ظالم آ، غم ونڊڻ بجاءِ غم وڌائي ڇڏيندي آ، راهن ۾ رولي ڇڏيندي آ، ڪنڊن تي سمهاري ڇڏيندي آ، ۽ نانگن وانگي ڏنگيندي ۽ زهر پياريندي رهندي آ۔ هيءَ دنيا انڌي ٻوڙي گونگي آ۔ اي ڪمزور دل ڪنهن اڳيان فرياد نہ ڪر۔ صبر ڪر ۽ سڀ کان وڏي سهاري الله پاڪ کان مدد گهر۔

بيشڪ الله پاڪ صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي ۽ صبر ڪرڻ وارن جو سهارو بنجي ڪڏهن بہ اڪيلو ناهي ڇڏيندو۔ ظالم جو انجام ڏاڍو ڀيانڪ ۽ عبرتناڪ ٿيڻو آهي، تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي۔

هيءَ زندگي آ، مختصر،

ڇو غمن ۾، ٿي وڃي گذر۔

 

ٻئي جي ڪار بنگلي کي ڪبو ڇا،

مزو آهي پنهن جن جهوپن پکن ۾۔

پريم هڪ وار، ملندو آهي جيون

اجايو ڇو وڃايون هينئن غمن ۾

 

بدنيتيءَ کي، ڌوڙ وجهجي،

بي حسيءَ کان دور رهجي۔

 

الا! بد نيتي، ٻي بي حسي،

ان مان جان ڇٽي ئي نٿي۔

 

نامردن جي، گار ايئن،

آرسيءَ کي، ڀونڊو جيئن۔

Previous Post Next Post