توڪل ڇا آھي؟ ـ آڪاش ڪورائي

توڪل ڇا آهي؟ اهو تہ سمجهڻ ضروري آهي، توڪل يعني انسان پنهنجو ڀروسو الله تي رکي ۽ پنهنجي هر ڪم ۾ الله تي يقين رکي. جڏهن انسان ڪنهن بہ ڪم ۾ نااميد ٿئي ٿو ۽ هو سمجهي ٿو منهنجي زندگي ختم آهي ۽ منهنجو مستقبل روشن نٿو ٿئي سگهي ۽ زندگي ۾ ڪاميابي نٿي ملي سگهي تہ اهڙي انسان کي صرف الله تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. توڪل ڪرڻ سان انسان جي اندر هڪ طاقت پيدا ٿيندي آهي، جيڪا ان جي مشڪلاتن کي اسان ڪندي.

اسان کي الله پاڪ تي پورو ڀروسو رکڻ گهرجي، ڇو تہ الله سڀ ڪجهہ ڪرڻ وارو آهي. الله پاڪ صبر ڪندڙن سان گڏ هوندو آهي. جيڪڏهن اسان ڏک ۾ بہ تہ الله کي ياد ڪريو ۽ اهو پڪو يقين ڪريو تہ الله اسان جي ضرور مدد ڪندو.

شيطان انسان کي وسوسا وجهي گمراه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر اسان کي گهرجي تہ شيطان جي ڳالهين ۾ نہ اچون. اسان کي پنهنجي ايمان کي مضبوط رکڻو آهي ۽ الله تي يقين رکڻو آهي.

توڪل ڪرڻ سان انسان کي اندروني سڪون حاصل ٿئي ٿو، ڇو تہ هو سمجهي ٿو تہ الله سندس هر ڪم ۾ مدد ڪندو. جڏهن انسان مشڪلاتن ۾ هوندو آهي، تڏهن الله تي ڀروسو ڪرڻ سان ان جا مسئلا آسان ٿي وڃن ٿا.

انسان کي گهرجي تہ هو هر حال ۾ الله تي ڀروسو رکي ۽ ڪڏهن بہ نااميد نہ ٿئي. ڇو تہ الله هر وقت پنهنجي بندن سان گڏ آهي.

هر ڏک ۾ انسان کي صبر ڪرڻ گهرجي ۽ الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان صبر ۽ توڪل سان زندگي گذارينداسين تہ الله اسان کي ڪاميابي عطا ڪندو.

توڪل جو سڀ کان بهترين مثال قرآن مجيد ۾ حضرت ابراهيم عليہ السلام جو آهي. جڏهن کين باه ۾ وڌو ويو، تڏهن بہ هنن الله تي مڪمل ڀروسو رکيو. الله کين بچايو ۽ باه کي ٿڌي ڪري ڇڏيو.

”اسان چيو: اي باه! ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي وڃ ابراهيم لاءِ“

قرآن مجيد، سورة الأنبياء 21:69

هي مثال اسان کي سيکاري ٿو تہ جيڪڏهن اسان الله تي سچو ڀروسو رکون تہ هو اسان کي هر مشڪل مان ڪڍي سگهي ٿو. الله انسان کي آزمائيندو آهي، پر جيڪو صبر ۽ توڪل سان ڪم وٺندو آهي، الله ان کي ڪامياب ڪندو آهي.

اسان کي گهرجي تہ الله جي حڪمن تي عمل ڪريون ۽ هر حال ۾ الله تي ڀروسو رکون. ڇو تہ توڪل سان ئي انسان کي ڪاميابي ملي ٿي ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ بهتري حاصل ٿئي ٿي.

ايئن جيڪڏهن اوهان بيمار آهيو تہ پريشان نہ ٿيو، تڪليف ۾ آهيو تہ زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ چاهيو ٿا تہ نماز پڙهو، دعا گھرو ۽ مڪمل الله تي توڪل ڪريو ۽ پروسو (ڀروسو) رکو. الله پاڪ جن دعائن کي ٻڌندڙ آهي ۽ دل سان يقين ڪري ڇڏيو تہ سڪون ملي پوندو. ياد رکو الله انسان کي مايوس نہ ڪندو آهي . اڄ اهڙا دنيا ۾ مثال موجود آهن جن صرف الله تي توڪل ڪئي تہ الله پاڪ انهن انسانن کي دنيا ۾ عاليشان مقام عطا ڪيو آهي. انهن انسانن کي آخرت ۾ وڏو شهر ڏيندو ۽ جنت جهڙو اعليٰ مقام عطا ڪندو. اسان کي سمجهڻ گهرجي تہ الله پاڪ ضرور ڪندو ۽  امتحان، آزمائش ۽ وقت ڪجهہ لڳي سگهي ٿو پر الله انسان جون دعائون ضرور ٻڌندو. انسان  پنهنجي عبادت کي مضبوط ڪريو، دعا گھرو تہ الله پاڪ جو شان اهڙو ناهي جو انسان دعا گھري ۽ الله پاڪ ان جي دعائن کي قبول نہ ڪري ائين نٿو ٿي سگهي.

حديث شريف: سنن ترمذي ”جيڪڏهن اوهان الله تي سچو توڪل ڪريو، تہ الله اوهان کي اهڙي طرح روزي ڏيندو جيئن پکين کي ڏئي ٿو.“

ان ڪري پنهنجي يقين کي مضبوط رکو الله غفور رحيم آهي. الله سڀ ڪجهہ ڪري سگهي ٿو جيڪو انسان سوچي بہ نٿو سگهي.


Previous Post Next Post