سنڌ جي تاريخ
۾ ماضي بعيد کان ساھتي پرڳڻي جو علم، ادب، تعليم، تاريخ، تحقيق، ثقافت، ٻوليءَ توڙي
ٻين ڪيترن ئي لطيف فنن کان اڄ تائين اھم ڪردار رھيو آھي. ھي پرڳڻو ان وقت جي ضلعي نواب
شاهہ جي اترئين حصي قاضي احمد، دولتپور،
موري، نوشهري فيروز، ڪنڊياري، ڀريا، ٺاروشاھ، درٻيلي، ھالاڻي، محرابپور، جھڙن تاريخي
شھرن تي مشتمل رھيو آھي. ھي پرڳڻو قديم وقت کان سنڌ جي ٻين علائقن کان علم، ادب، ثقافت،
تھذيب، تمدن، رسم و رواج، رھڻ ڪرڻ ۽ ڳالھائڻ جي لھجي جي مخصوص نوعيت جي ڪري مرڪزي حيثيت
جي حامل رھيو آھي. انگريزن جي دؤر ۾ بہ سنڌي ٻوليءَ ۾ نثر لکڻ لاءِ ساھتي پرڳڻي جي
سنڌي لھجي کي سرڪاري سطح تي معياري لھجو مقرر ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين سنڌ جي نصابي
ڪتابن ۾ رائج آهي. سنڌ جي وچولي وارو ھي علائقو ماضيءَ کان خانقائن، درسگاھن، آثارِ
قديمہ، ماڳن مڪانن، علم، ادب، تعليم، ثقافتي ورثي توڙي ڪيترين ناميارين شخصيتن جي اعتبار
کان زرخيز رھيو آھي.
ڏٺو وڃي تہ
اسان وٽ تاريخ نويسن فلسفي جي رھنمائي ھيٺ شين جي فطرت تي نہ ڪي اونھي فڪر ۽ نہ ڪي
صحيح تاريخي نظر سان جاچ ڪئي آهي. ھنن بي بنياد اندازن، غلط بيانن، بھتانن ۽ من گهڙت
ڪوڙين ڳالهين سبب ماڻھن کي منجھائي اصل حقيقتن کي لڪائي رکيو آهي. تاريخ سان اھڙي ھٿ
چراند جي ڪري اڄ بہ نئون نسل سچ ۽ ڪوڙ جي ٻہ واٽي تي بيٺل آهي. اصل حقيقتون عوام کان
اڄ بہ اوجھل آھن. پر ڪي اھڙا بہ مرد مجاھد ھيا، جن سر جو سانگو لاهي بہ سچائيءَ سان
قوم کي صحيح دڳ ڏسڻ جي حام ھڻي بيٺا رھيا. ٽارچر سيل، پابنديون ۽ سخت قسم جا تشدد برداشت
ڪيائون. لالچن ۽ ڪرسين جي پرواھ بہ نہ ڪندي اڳتي وڌندا رھيا، جنھن جا مثال ڊاڪٽر مبارڪ
علي، جي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، سوڀو گيانچنداڻي، عطا محمد ڀنڀرو، جمن
دربد وغيرہ جھڙيون تاريخ ساز شخصيتون آهن، جن تاريخ
۽ ادب کي مذھبي، لساني ۽ فرقيوارانہ بنيادن تي لکڻ بجاءِ قومي ۽ بين الاقوامي بنيادن
تي لکي عوام ۾ تاريخي، سماجي، سياسي ۽ انقلابي شعور بيدار ڪيو آھي. ماضيءَ کان ھن جاگيرداراڻي
معاشري ۾ عورت کي ملڪيت سمجھي قلعن، ڪوٽن ۽ قيد خانن ۾ رکي مٿن پھرن جون پابنديون
۽ ھر طرح جون سختيون ڪيون ويون آهن. ان حوالي سان اسان جي قلمڪارن سماجي انقلاب برپا
ڪري ظلم ۽ استحصال کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ، عورت کي ملڪيت بجاءِ ھڪ مڪمل انسان جي
حيثيت ڏيڻ، آزاد ۽ خودمختيار ھئڻ جا خواب ڏٺا آهن. اھيا حقيقت آهي تہ سنڌي زبان ۾ تاريخي
توڙي تحقيقي انداز ۾ عورت جي موضوع تي ايترو ڪم نہ اچي سگهيو آهي، جيترو عورتن جو مختلف
شعبن ۾ ادا ڪيل ڪردار آهي. پوءِ بہ جيڪو ڪم ٿيو آهي، ان کي بنياد بڻائي اڄ بہ اسان
جا ليکڪ پنھنجي وس آهر اڃان بہ وڌيڪ بھتر ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. تازو ئي
عورت جي موضوع تي محترم زاھد حسين سومري جو ڪتاب ”پنکڙيون
گلاب جون“ ڊسمبر( 2022ع) ڄاڻايل آهي، جڏھن تہ ھي ڪتاب
جون 2023ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، خبر نہ آهي ڪھڙي سبب جي ڪري ڪتاب جي ٽيڪنيڪل پيج تي
ڊسمبر 2022ع ڄاڻايو ويو آهي. ھي ڪتاب ليکڪ جي تانگھ ۽ تشنگيء جو ثبوت آهي، جو ھن ساھتي
پرڳڻي جي ماضي بعيد کان اڄ تائين جي املھ عورتن جي مختلف شعبن ۾ ادا ڪيل ڪردار، خدمتن
۽ جدوجھد کي ساراهي سھيڙي پڙھندڙن تائين پهچايو آهي. ساھتي پرڳڻي جي علمي ۽ ادبي تاريخ
۾ ھي ڪتاب ان ڪري بہ انفراديت جي حامل آهي، ڇاڪاڻ جو ھن کان اڳ مڪمل عورت جي موضوع
تي ڪوبہ ڪتاب چپجي منظرعام تي نہ آيو آهي. ساھتي پرڳڻي جي علم، ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج
ڏيارڻ ۽ سماجي تبديليءَ مردن سان گڏ عورتن بہ اھم ڪردار ادا ڪيو آهي.
زاھد حسين جو
شمار دولتپور جي سومرا خاندان جي علمي گھراڻي سان رھيو آھي. ھن پنھنجي سايہ دار درخت
جھڙي والد محترم سائين محمد عيسيٰ سومري جي علمي،
ادبي صحبت ھيٺ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي آهي. اھو ئي سبب آهي جو زاھد حسين ننڍي هوندي
کان ئي لکڻ پڙهڻ سان گڏ درس ۽ تدريس سان سلهاڙيل رهيو آهي. زاھد حسين محنتي استاد
۽ وسيع نظر ليکڪ آهي، جنھن ٿوري وقت اندر سنڌي ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ ٻن ڪتابن جو اضافو
ڪيو آهي. ھن کان اڳ سندس پھريون مجموعو ”ڪڻا
منجھ قرار“
نومبر
2019ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپيو، جيڪو دولتپور شھر جي مختصر تاريخ، ھاءِ
اسڪول دولتپور جي 68 سالا تعليمي تاريخ ۽ ورھاڱي کان پوءِ 1951ع کان 2018ع تائين جي
100 کان مٿي استادن جي تدريسي ۽ تنظيمي خدمتن بابت پروفائيل ڏئي معلومات فراھم ڪئي
آهي.
ڪتاب ”پنکڙيون گلاب جون“
۾ 47 علمي ۽ ادبي شخصيتن، 16 سياسي ۽ سماجي شخصيتن، دولتپور جي پسگردائيءَ جي 9 متفرقہ
شخصيتن سميت ڪل 72 سوانحي خاڪن کي قلمبند ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ،
گلبدن جاويد مرزا ۽ خود ليکڪ پاران خاڪن جو تعداد 71 ڄاڻايو ويو آهي. ھن ڪتاب ۾ شامل
خاڪا مختلف زاوين کان ساھتي پرڳڻي جي عورت شخصيتن جي ڪيل ڪم تي مختلف پهلوئن کان روشني
وجھن ٿا. ڪتاب ۾ سال 2014ع جي اسڪول وين حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ٻارڙن جو احوال، سنڌي عورت
اديبن ۽ شاعرن جي لکيل ڪتابن جي ڪيٽلاگ سان گڏ ڪجھ علمي، ادبي ۽ سماج سڌارڪ عورتن جي
جنم ڏينهن جي لسٽ بہ شامل آھي. ڪتاب جو مھاڳ ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ لکيو آهي. ڊاڪٽر
پروين ھن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ کي مختلف موضوعن تي 15 ڪتاب ۽ ڪيترائي مضمون ۽ تحقيقي
مقالا پڻ ڏئي چڪي آهي. جيتوڻيڪ عورت جو موضوع سندس پسند ۽ تحقيقي ڪم جو وڏو حصو رھيو
آھي، پر باوجود ان جي مھاڳ ۾ ڪتاب سان انصاف نہ ڪري سگھي آھي. ھن وڏي عرصي تائين ڪتاب
رکڻ کان پوءِ بہ روايتي انداز ۾ سطحي قسم جو تاثراتي تعارف لکي ان کي مھاڳ ڄاڻائي جان
ڇڏائي آھي. ھن تحرير مان معلوم ٿئي ٿو تہ ليکڪہ ڪتاب گھرائي ۾ پڙھڻ بجاءِ مٿاڇرو پڙھي
ڪابہ علمي راءِ قائم ڪري نہ سگھي آھي، جيڪو عمل سخاوت جي ڏڪار جي ذمري ۾ اچي ٿو. ساڳيءَ
طرح محترمہ گلبدن جاويد مرزا جيڪا سرتيون رسالي جي ايڊيٽر ۽ ھن وقت ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ
جي عهدي تي فائز آھي، جو ليک ”ٻہ اکر“ بہ ساڳي روايت جي ڪڙي آهي، جنھن ۾ عورت جي
ڪردار کان علاوہ سڄي ڪتاب مان
فقط ٽن شاعرائن، ماھين ھيسباڻي، حسينا ساند ۽ عطيہ داؤد جي شاعريءَ جا اسم ۽ شهناز
انصاريءَ بابت مختصر حوالو ڏئي وقت جي ڪميءَ جو جواز ڄاڻائي جان ڇڏائي آھي. مذڪورہ
ليکڪائن ڪتاب جي سھيڙ، ترتيب، مواد، ٻوليءَ، کوجنا، نئين معلومات، خوبين ۽ خامين وغيرہ جھڙن پاسن تي بابت ڪا بہ لکڻ جي زحمت نہ
ڪئي آهي. ھنن تحريرن مان پاٺڪ ۽ پڙھندڙ ڪھڙو لطف ۽ معلومات حاصل ڪري سگھندو؟ اھڙن نالي
چڙھين ليکڪن کان سٺو ھو تہ، ڪنھن نوجوان نياڻي ليکڪہ کان مھاڳ ۽ ٻہ اکر لکرائجن ھان
تہ بھتر ھو. ڪتاب جي ھڪ حصي ۾ ليکڪ جون تصويرون شامل آهن. جيڪڏھن ساھتي پرڳڻي جي ڪجھ
تاريخي ۽ ثقافتي جاين جون يادگار تصويرون بہ شامل ڪجن ھا تہ بھتر ھو، جيئن نئون نسل
ان تاريخي جھلڪ مان بہ شعور حاصل ڪري سگهي ھا. ڪتاب ۾ شامل مقدمي ۾ ليکڪ عورت جي، اھميت،
عظمت، تاريخي حوالي سان عورت جي ادا ڪيل ڪردار کي خوبصورت نموني بيان ڪيو آهي. جيئن
تہ ھي ڪتاب ساھتي پرڳڻي جي سورمين جي خاڪن تي مشتمل آهي، ان ڪري ھن ڪتاب جو پھريون
باب ”علمي ۽ ادبي شخصيتون“ رکڻ کان اڳ پھريون باب ”ساھتي پرڳڻو ھڪ تعارف“ جي نالي سان رکڻ گھرجي ھان، جنھن ۾ ساھتي
پرڳڻي جي تاريخي اھيمت، ٻوليءَ، لھجي، ان جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي، جاگرافيائي
اھميت ۽ مختلف تحريڪن ۾ ادا ڪيل ڪردار وغيرہ
تي
روشني وڌل ھجي ھان، جيئن ساھتي پرڳڻي جي مڪمل شڪل پڙھندڙ اڳيان اچي ھا.
ڏٺو وڃي تہ
سنڌي سوانحي ادب ۾ آتم ڪهاڻي/ ڪٿا ۽ خاڪا نويسيءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. آتم
ڪهاڻيءَ ۾ ڪو شخص پنهنجي ذات ۽ زندگيءَ جي واقعن، مشاھدن ۽ وارداتن کي قلمبند ڪندو
آهي، جڏھن تہ خاڪا نويسيءَ جو مطلب آهي تہ ڪنھن فرد جي تصوير، ڊانچو، نقشو ٺاھڻ ان
جي شخصيت بابت ھڪ مختصر مضمون ھوندو آھي، جنھن ۾ ڪنھن جي تفصيلي سوانح حيات بيان نہ
ڪبي آهي. سنڌي ادب ۾ جن شخصيتن تي خاڪا لکيل آهن تن ۾، غلام محمد گرامي جو ”ويا سي وِينجھارَ“،
علي نواز آريسر جو ”قومي تحريڪ
جا شھيد“ ۽ ”جي
مون سانڊيا ساھ ۾“، علي احمد
بروهيءَ جا ”ڄام ڄاموٽ ڄامڙا“ ۽ ”ڏيئا
تيل ڦليل“، موتي پرڪاش جو ”ڏٺي
ڏينھن ٿيام“، پير علي محمد راشدي جو
”اھي ڏينهن اھي شينھن“، غلام رباني آگري جو ”جھڙا گل گلاب“،
شيخ راز جو ”سانگي ڪي ساريام“، عبدالقادر جوڻيجي جو ”شڪليون“،
ماھتاب محبوب جو ”جيءَ جھروڪا“، تنوير عباسيءَ جو ”منھن تنين مشعل“
۽ ٻيا ڪتاب خاڪن ۾ شمار ٿين ٿا. ھن ڪتاب جي حصي پهرين ۾ 47 ساھتي جي سورمين جا خاڪا
شامل ڪيا ويا آهن. پھريون خاڪو ”خوش خصلت خاتون
دادي زيب النساء لاڙڪ“ جي سري سان
پيش ڪيل آهي. ھي خاڪو زيب النساء جي سوانح حيات، تعليمي ۽ انتظامي خدمتن تي روشني وجھي
ٿو. ھن خاڪي مان مزڪورہ شخصيت سان ڪيل گفتگوءَ جي جھلڪ بہ نظر اچي ٿي. ڪتاب جو ٻيو
خاڪو شيلا راماڻي جي سوانح حيات، فنونِ لطيفہ ۽ فلمي صنعت جي ماحول ۽ سندس ذاتي زندگيءَ
جي دؤر ۽ ٻين محرڪن تي جامع روشني وجھي ٿو. ڪتاب جو ٽيون خاڪو ڪلا پرڪاش جي زندگيءَ،
ادبي ماحول، ان دور جي سماجي حالتن ۽ سندس تخليقي ڪم جھڙوڪ افسانن ۽ ناولن جي فن ۽
فڪر کي حوالن سان بيان ڪري معلومات فراھم ڪري ٿو. ڊاڪٽر تھمينہ مفتي تي لکيل خاڪو سندس
زندگيءَ، ڪهاڻين جي فن ۽ فڪر، بحيثيت محقق ۽ استاد جي حوالي سان گھڻ طرفي ڄاڻ ميسر
ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح باقي شخصيتن جي زندگيءَ، فن فڪر توڙي علمي ادبي خدمتن بابت ڳالھايو
ويو آھي. ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي جيئن جو تيئن سوانح حيات پيش ڪئي وئي آهي، ڪٿي استفادو حاصل
ڪيل، ڪٿي تجزياتي ۽ تحقيقي طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، ڪٿي اسلوب بيان بہ مختلف نموني
استعمال ڪيو ويو آهي. خاڪن ۾ پيشڪش جو طريقيڪار ۽ ٻوليءَ جي رس چس بہ مختلف انداز
۾ بيان ڪيل نظر اچي ٿي. خاڪن ۾ ڏنل حوالا بہ تحقيق جي اصولن مطابق گھڻي ڀاڱي رکيل نہ
آهن. نہ ئي بيان ڪيل خاڪا خاڪا نويسيءَ جي فن، طريقيڪار ۽ پيشڪش تي پورا لھن ٿا، ڇاڪاڻ
تہ سوانح نگاريءَ ۽ خاڪا نگاريءَ ۾ فرق ھوندو آھي. پوءِ بہ جيتري محنت، ڪوشش ڪري محترم
زاھد حسين رنڊا روڙيا آھن، اھا محنت سندس ھن ڪتاب جي روپ ۾ عوام تائين ضرور ظاهر ٿي
آھي. ڪتاب جي آخر ۾ سنڌي اديب ۽ شاعر عورتن جي لکيل ڪتابن جي فهرست ڏني وئي آهي، جنھن
مان پڻ يڪجا معلومات ملي ٿي. اميد آهي تہ محترم زاھد حسين مٿين ڳالهين ۽ ڏنل تجويزن
کي سامھون رکندي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو وڌيڪ بھتر طريقي سان آڻيندو. ساھتي پرڳڻي جي مختلف
شھرن مان رھيل عورتن جي خدمتن کي سھيڙي پيش ڪندو. موري شھر مان دادي ممل ميمڻ جي سماجي
خدمتن، ماھ لقاءُ خوشبوءِ، غزل سنڌي، آس قاضي، سونھن قاضي، فائزه سولنگي، نوابزادي
سولنگي، رخسانہ ٻرڙو، ڏيپارجا
شھر مان آپا زرينہ ملاح جي سماجي ۽ ادبي خدمتن سميت ٻين عورتن جي خدمتن کي اُجاگر ڪندو.
ھي ڪتاب سنڌي ادب ۾ ساھتي پرڳڻي جي عورتن جي سورهيائي، علمي،ادبي، سياسي، سماجي ۽ فنون
لطيفہ جي مختلف پھلوئن کان ڏنل خدمتن جي حوالي
سان عام ماڻھن کي معلومات فراھم ڪرڻ سان گڏ آئيندہ
جي
محققن لاءِ عورت جي موضوع تي وڌيڪَ تحقيق ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو

