عورت دشمن روايتن جي زنجير ۾ جڪڙيل سماج ـ امداد ”عاجز“ نصيراڻي

دنيا ۾ جتي انساني عقل ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري بنا ڪنهن جنسي فرق جي عورت ۽ مرد ڪلهوڪلهي سان ملائي سماج ۾ تعليمي، سماجي ۽ اقتصادي طور پنهنجي معاشري کي مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نہ ڇڏي رهيا آھن ۽ ان جي ڀيٽ ۾ افسوس تہ اسان جي عورت دشمن سماج ۾ عورت کي مرد کان حقير ۽ ڪمزور سمجهي کيس ڏينهون ڏينهن پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي معاشري ۾ هر روز ڪا نياڻي هڪ نئين ڪهاڻي بڻجندي وحشتپڻي ۽ سفاڪيت جو شڪار ٿي رهي آھي، ڪڏهن اها هوا ڄائي سماج ۾ موجود ڪڌي رسمن جو شڪار ٿيندي غيرت جي نالي تي ماري وڃي ٿي تہ ڪڏهن ڪا هوا ڄائي ڪنهن درندن جي ور چڙھندي زيادتين جو شڪار ٿيندي رهي ٿي تہ وري ڪڏهن ڪا نياڻي ڪنهن سفاڪ ۽ ظالم جي بليڪ ميلنگ جو شڪار ٿيندي پنهنجي حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويهي ٿي تہ ڪڏهن ڪا نياڻي آدم زادن هٿان گهريلو تشددن جو بي رحمي سان شڪار ٿيندي رهي ٿي۔

توڙي جو دنيا جي هر مذهب ۾ هميشہ عورت کي خاص مان ۽ مرتبو ڏيندي معاشري ۾ برابري جا حق ڏئي کيس ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ جيون ساٿي جهڙن عظيم رشتن ۾ منسلڪ ڪري سماج ۾ پيش ڪيو ويو آھي ۽ دنيا جي هر خطي ۾ عورت کي مذهبن ۽ انساني بنيادن تي پنهنجو پنهنجو معيار حاصل ٿي رهيو آھي ۽ اتي اهي عورتون برابري واري زندگي گذاريندي پنهنجي وطن جي واڌ ويجهہ ۽ ترقي لاءِ مردن سان برابر پنهنجو پنهنجو حصو وجهي  اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آھن، مگر افسوس اسان وٽ اڄ بہ عورت جي روپ ۾ هر رشتي جو تقدس پائمال ڪيو پيو وڃي، برابري تہ پنهنجي جاءِ تي مگر کيس صرف انسان جي ئي نظر سان ڏسي هن معاشري ۾ کيس جيئڻ ڏنو وڃي تہ آئي ڏينهن ڪا بہ هوا ڄائي نياڻي مظلوميت جو شڪار ٿيندي ڪا نئين ڪهاڻي نہ بڻجي.

خبر ناهي ڇو؟ مگر عورت هميشہ ازل کان ئي مظلوم بڻجي مرد طبقي طرفان مختلف طريقن سان مظلوميت جو شڪار ٿيندي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسبي رهي آھي پر وقت سان گڏ اهڙي ذهنيت واريون دنيا جون ٻيون قومون مهذب ۽ تهذيب يافتہ بڻجي انهن ڪڌن رسمن مان جان آجي ڪري ترقي طرف وڌي رهيون آھن پر اسان جا ذهن اڄ بہ عورتن جي حقن جي معاملن ۾ مفلوج بڻيل آھن، جنهن جي نتيجي ۾ اسان وٽ هر روز بجاءِ جو عورت کي تعليمي ۽ سماجي يا اقتصادي طور برابري ڏني وڃي ويتر عورت کي ڪڌن رسمن جو شڪار بڻائيندي سندن زندگي مفلوج بڻائي وڃي ٿي. روزاني جي بنيادن تي اهڙا ڪيترائي واقعا جيڪي اسان جي سماج ۾ هر روز رونما ٿي رهيا آھن، انهن ۾ يا تہ نياڻي غيرت جي نالي تي بيدردي سان گولين جو کاڄ بڻجندي رهي ٿي يا تہ اڻ برابري واري سلوڪ جو شڪار ٿي رهي آھي ۽ جيڪڏهن ڪي مھذب ۽ سلجهل خاندان پنهنجي نياڻين کي برابري جي سطح تي رکي کين سماج ۾ سٺو مقام ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ وري اڪثر واقعن ۾ اهي نياڻيون سفاڪ درندن جي ور چڙهنديون رهن ٿيون۔ اهڙن ڪيسن جو جيڪڏهن پاڻ مختصر جائزو وٺنداسين تہ اڪثر مظلوم نياڻين جون دانهون، فرياد ۽ انصاف جون منتظر خاموش تصويرون پنهنجي سامهون نظر اينديون، تازو سنڌ جي شاگرد نياڻي فهميدہ لغاري، ان کان اڳ بہ مختلف مظلوم شاگرد نياڻيون جهڙوڪ: ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي، نائلا رند، ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي ۽ ڊاڪٽر سنيها ڪسواڻي سميت ڪيتريون ئي شاگردياڻيون خودڪشين جي نالي تي موت جو بک بڻيون آھن ۽ تعليمي ادارن ۾ ٿيل سندن موت هن وقت تائين ڳجهارت بڻيل رهندي انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن.

ان کان علاوہ بہ خاص طور تي اسان جي سنڌ ۽ بلوچستان عورتن جي حقن ۽ آزادي جي معاملن ۾ ڪيترن ئي نياڻين جي موت جي قصن سان ڀريا پيا آھن، جيڪي اسان جي ذهنن جي کلي نموني عڪاسي ڪري رهيا آھن تہ اسان عورتن جي حقن ۽ آزادي جي معاملي ۾ ڪٿي ۽ ڪهڙي صف ۾ بيٺا آھيون؟ تازو سنڌ جي شھر ٽنڊي مستي ۾ غيرت جي نالي تي ڪارو ڪاري رسم جي ور چڙهندي بيدردي سان ماڻهن جي هجوم ۾ قتل ڪيل نياڻي روبينا چانڊيو جو واقعو هجي يا ان کان اڳ بلوچستان ۾ ساڳي غيرت جي نالي تي قتل ڪيل نياڻي نور بانو بيبي هجي، انهن کان علاوہ بہ ڪيترائي واقعا جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي وڏو واقعو بڻجي ظاهر ٿين ٿا نہ تہ اهڙا تہ روزاني ڪيترائي واقعا پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي ظاهر ٿيندا رهن ٿا مگر انهن واقعن خلاف لاڳاپيل ڌريون خاموش تماشائي بڻجي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ خاطر خواہ قدم ڪٿي بہ کڻندي نظر ڪو نہ اچي رهيون آھن.

عورتن جي حقن ۽ تحفظات لاءِ قانون تہ ڪيترائي متعارف ڪرايا ويا آھن پر انهن تي عملدرآمد ٿيندي مشڪل نظر اچي رهيو آھي، جيڪڏهن قانون جي بالادستي ۽ رٽ قائم هجي ها تہ هر آئي ڏينهن ڪا بہ نياڻي ڪنهن بہ وحشي يا درندي هٿان لاقانونيت جو تماشو نہ بڻجي ها. ان لاءِ حڪمرانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائيندي انهن وحشي درندن ۽ نياڻين جي سفاڪ قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائي کين ڪنهن عبرت جو نشانو بڻائيندي سماج ۾ موجود باقي اهڙن ڪارندن لاءِ مثال بڻائين ۽ سماج ۾ رهندڙ هر فرد کي بہ عورتن جي حقن ۽ تحفظن بابت سنجيدگيءَ سان سوچيندي عورت کي اظهار ۽ خوابن جي آزادي جو حق ڏيندي پوري پوري مرضيءَ موجب زندگي جيئڻ جو حق ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ گهرجي.

 


Previous Post Next Post