قبيلائي تڪرارن جو خوني رقص ـ رحمت ﷲ ”عاجز“ لاشاري

اتر سنڌ، جيڪو ڪڏهن پنھنجي مُڙس ماڻھن ۽ مھمان نوازي جي ڪري مشھُور هو، اڄ اتي بارودَ جِي بُوءِ ۽ ماتم جو راڄ آهي. اتر سنڌ جي ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، سکر، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾  خاص رائونتي جي ڪَچي کان وٺي سَڄي پٽيءَ تائين، شَر، سِيلرا، ڪوش، ڌونڌا، ڀُٽا، سولنگي ۽ تَڙت سميت مختلف قبيلن جي وچ ۾ هلندڙ ويڙھہ 103 کان وڌيڪ انساني جانيون ڳڙڪائي چُڪي آهي. هي صرف انگ اکر ناهن، پر سوين گهَرن جا چراغ آهن جيڪي اجهامي ويا.

ڏٺو وڃي تہ هي ڪنھن جِي جنگ ناهي ڇو تہ جڏهن ٻہ قبيلا وڙهن ٿا، تہ کَٽي ڪو بہ نٿو پر هارَ پَرَ ھارَ سڄي سنڌ جِي ٿئي ٿي. هڪ قتل جي بدلي ٻيو قتل ڪنھن مسئلي جو حل ناهي، پر اهو هڪ اڻ کُٽ سلسلي جي شروعات آهي. سنڌ اندر  هنن برادرين يا قبيلن جي جهيڙن سبب اسڪول بند آهن، اسپتالون ويران آهن ۽ انھن جا ٻارَ قلم بَدران بندوق کڻڻ تي مجبور آهن.

ياد رکو: جن سردارن جَي چوڻ تي توهان هڪٻئي جو رت وهائي رهيا آهيو، انھن جا پنھنجا ٻارَ ڪراچي يا اسلام آباد جي مھانگن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا.

سردارن صاحبان  لاءِ بہ عاجزاڻو عرض آھي تہ اوھان رسمي ميڙاڪن کان ٻاهر نڪرو سکر ريسٽ هائوس جھڙا ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا فيصلا نٿا ڪري سگهن، جيستائين نيت ۾ سچائي نہ هجي. سردارن کي گهرجي تہ اهي پنھنجي اثر رسوخ کي ڏوهارين جي پُٺڀرائي ڪرڻ بدران انھن کي قانون جي حوالي ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن.

جيڪڏهن سردار امن ڪرائڻ جي سگھہ نٿا رکن، تہ پوءِ انھن کي سرداريءَ جي پڳ ٻَڌڻ جو ڪو بہ حق ناهي. رسمي گڏجاڻيون رڳو فوٽو سيشن تائين محدود نہ هجڻ گهرجن.

سنڌ سرڪار کان اسانجو مطالبو آھي تہ سنڌ ۽ سنڌ واسين کي امن امان جي سلسلي ۾ رڳو آپريشن نہ، پر انصاف گهرجي

سنڌ سرڪار ۽ باوردي ادارن جي اها ذميواري آهي تہ اهي رياست جي رٽ قائم ڪن. ڪچي جي علائقن ۾ راڪيٽ لانچر ۽ جديد هٿيار ڪيئن پهچن ٿا؟ اها انتظاميا جي وڏي ناڪامي آهي.

حڪومت کي گهرجي تہ اهڙن سردارن ۽ بااثر ماڻھُن تي هٿ وجهي جيڪي انھن تڪرارن مان سياسي فائدا حاصل ڪن ٿا انھن جي روڪٿام لاءِ پنھنجو اثرائتو قدم کڻن.

اسان جو عدالتي نظام ايترو سُست آهي جو ماڻهو عدالتن مان انصاف ملڻ جي اميد وڃائي ويهن ٿا ۽ پوءِ قانون هٿ ۾ کڻن ٿا. ان حوالي سان مختصر حاضريون ختم ڪيون وڃن سالن تائين هلندڙ ڪيسن جي ڪري دشمنيون وڌي وڃن ٿيون. قبيلائي تڪرارن لاءِ فاسٽ ٽريڪ عدالتون قائم ڪيون وڃن. مقامي سطح تي انصاف جي فراھمي عام ڪئي وڃي. جڏهن هڪ غريب کي خبر هوندي تہ کيس عدالت مان مهيني اندر انصاف ملندو، تہ هو ڪڏهن بہ بندوق نہ کڻندو.

اتر سنڌ جو امن ڪنهن هڪ ڌر جي وس ۾ ناهي. جيسين سنڌ سرڪار سختي نہ ڪندي، سردار پنهنجي انا کي ختم نہ ڪندا ۽ عدالتون جلد انصاف نہ ڏينديون، تيستائين هي خوني رقص جاري رهندو. سنڌ جي ڌرتي هاڻي وڌيڪ لاشا کڻڻ جي سگھہ نہ ٿي رکي. هاڻي بس ٿيڻ گهرجي!


Previous Post Next Post