نعمتن جو زيان ـ حڪيم پريم چاندواڻي


نعمتن جو، زيان،

قوم جو، نقصان.

زندگيءَ ۾ رب پاڪ انسان کي بيشمار نعمتون عطا ڪيون آهن، جن جو شمار ڪرڻ ممڪن ئي ناهي۔ هوا، پاڻي، اناج، صحت، وقت، علم، امن، اخلاق، ايمان ۽ اتحاد هي سڀ نعمتون جيڪڏهن محفوظ رهن تہ قوم ترقي ڪري سگهي ٿي، پر جڏهن انهن ۾ زيان اچي وڃي، تہ اهو زيان فقط فرد جو نہ پر پوري قوم جو نقصان بڻجي وڃي ٿو۔

قوم جو اصل سرمايو ماڻهو آهن، ۽ جڏهن ماڻهو انهن نعمتن جو قدر وڃائي ويهندا آهن، تڏهن زوال جا در کلي پوندا آهن۔ نعمتن جو زيان ڪنهن وقت دولت جو ضايع ٿيڻ سان ٿئي ٿو، ڪڏهن شادين ۾ بيجاءِ ۽ گهڻو کاڌو خوراڪ ضايع ٿئي ٿي۔ ڪنهن وقت جي بيقدري سان، تہ ڪڏهن پاڻيءَ جو اجايو زيان ڪيون ٿا، فصلن کي وقت بي وقت ۽ گهڻو پئي ڏئي سم سيڪ کي وڌايون ٿا، ڪڏهن اخلاقيات جي مرڻ سان۔ جڏهن قومن وٽ علم هجي پر انهن جو استعمال نہ ٿيندو هجي، جڏهن انهن وٽ صلاحيتون هونديون آهن پر ان کي مثبت رخ نہ ڏنو ويندو آهي، تڏهن اهو ئي قوم جو نقصان بڻجي ٿو۔

اسان ڏسون ٿا تہ ڪيترن سماجن ۾ قدرتي وسيلن جي کوٽ ناهي، پر انتظامي ۽ اخلاقي ناڪامي سبب اهي وسيلن جي نعمت بہ لعنت بڻجي وڃن ٿيون۔ پاڻيءَ جي ضايع ٿيڻ، بجليءَ جو غلط استعمال، وقت جي بيقدري، فضول خرچي، رشوت، خود غرضي ۽ بيحسي اهي سڀ نعمتن جي زيان جون صورتون آهن، جيڪي قوم کي آهستي آهستي ڪمزور ڪن ٿيون۔

اسان جي قوم کي اڄ بہ پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ڏسڻ جي ضرورت آهي۔ ڇا اسان رب جي ڏنل نعمتن جو شڪر ادا ڪريون ٿا، ڇا اسان علم کي علم جي جاءِ تي استعمال ڪريون ٿا يا مفادن جي هٿيار طور، ڇا اسان پنهنجي سماجي ۽ اخلاقي ذميوارين کي احساس سان نڀايون ٿا، جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ اهو نعمتن جو زيان آهي، جيڪو قوم جي وجود کي اڏوهيءَ جيان کائيندو رهي ٿو۔

قومون تڏهن ترقي ڪن ٿيون جڏهن اهي پنهنجن وسيلن، وقت ۽ قدرن جي حفاظت ڪن ٿيون۔ نعمتن جي قدر ڪرڻ جو مطلب آهي تہ اسان شڪر سان گڏ شعور بہ پيدا ڪريون۔ جڏهن شعور، ايمان ۽ عمل گڏ ٿين ٿا، تڏهن ئي ترقيءَ جو سفر شروع ٿئي ٿو۔

حاصلِ مقصد:

نعمتن جو زيان فقط فردي نقصان ناهي، اهو پوري قوم جي تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ ان لاءِ هر فرد کي گهرجي تہ هو رب جي ڏنل هر نعمت جي حفاظت ڪري، ان جو صحيح استعمال ڪري ۽ شڪر ادا ڪري۔ ڇوتہ جڏهن قوم پنهنجي نعمتن جو قدر ڪرڻ لڳندي، تڏهن ئي ان جو مستقبل روشن ٿيندو۔


Previous Post Next Post