تازو شماريات
کاتي موجب ملڪ ۾ هڪ هفتي دوران روزانو استعمال ٿيندڙ 24 شين جا اگهہ آسمان کي
ڇهڻ
لڳا آهن، جڏهن تہ ضروري شين جي قيمتن ۾ هفتيوار بنيادن تي
0.49 سيڪڙو ۽ سالياني بنيادن تي 4.57 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. سرڪاري
خبر ايجنسي (اي پي پي) موجب، ڳڻپ کاتي مهانگائي بابت هفتيوار رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن
موجب گذريل هفتي دوران 24 شيون مهانگيون ٿيون، 8 شيون سستيون ٿيون آهن، جڏهن تہ 19 شين جون قيمتون برقرار رهيون آهن. هفتيوار
رپورٽ موجب، گڏيل طور ضروري شين جي قيمتن ۾ هفتيوار 0.49 سيڪڙو ۽ سالياني 4.57 سيڪڙو
واڌ ٿي آهي. رپورٽ ۾ اهو بہ
چيو
ويو آهي تہ، گذريل هفتي دوران ٽماٽن جي قيمت ۾ 33.20 سيڪڙو،
بصر 8.70 سيڪڙو، آنا 2.18 سيڪڙو، اَٽو 1.42 سيڪڙو، ٿوم 0.85 سيڪڙو، پٽاٽا 0.71 سيڪڙو،
بناسپتي گيهہ 0.63 سيڪڙو، هڪ ڪلو بناسپتي
گيهہ 0.56 سيڪڙو، ڪاٺيون 0.40 سيڪڙو، ايل پي جي
0.18 سيڪڙو، وهنجڻ وارو صابڻ 0.08 سيڪڙو ۽ شرٽنگ جي قيمت ۾ 0.07 سيڪڙو واڌ ٿي. مطلب
تہ سڀ کان وڌيڪ ٽماٽن جو اگهہ وڌيو آهي.
يعني
ملڪ ۾ هر هنڌ ٽماٽن جا اگهہ آسمان کي ڇُهي
رهيا آهن،
جڏهن تہ ٽماٽن جي اگهہ جي خبر ٻڌي شهرين جا چهرا لال ٿي ويا آهن.
ملڪ جي مختلف
شهرن ۾ صرف 24 ڪلاڪن ۾ ٽماٽن جي اگهہ
۾ 200 رپيا في ڪلو واڌ ٿي آهي. لاهور ۾ ٽماٽا 700 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويا آهن،
پشاور ۾ ٽماٽا 500 رپين تائين في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيا آهن، ڪراچي ۾ ٽماٽا 500 کان
600 رپيا في ڪلو تائين دستياب آهن، جڏهن تہ
وفاقي
دارالحڪومت اسلام آباد جي مارڪيٽ ۾ ٽماٽا بلڪل بہ
موجود
نہ آهن. ڪوئيٽا ۾ ٽماٽن جي قيمت آسمان کي ڇُهندي
800 روپيہ ڪئي وئي آهي. شهر جي اندرين علائقن ۾ ٽماٽا 600 روپيہ في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيا آهن. ٽماٽن
جي نئين فصل جي اچڻ ۾ اڃا ڪجهہ ڏينهن باقي
آهن. ٽماٽن جي قيمتن ۾ واڌ نئين فصل جي نہ
هجڻ
جي ڪري آهي. ان کان علاوہ، ايران ۽ افغانستان
مان سپلاءِ جي اثر ۽ ٻئي طرف طلب ۾ واڌ جي ڪري بہ
ٽماٽن
جي قيمت وڌي رهي آهي. شهري ٽماٽن جي قيمت ۾ وڏي واڌ تي پريشان ٿي ويا آهن، انهن حڪومت
کان مطالبو ڪيو آهي تہ ان جي قيمت
کي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
پنجاب صوبي
جي حوالي سان، وزير مريم نواز ٽماٽن ۽ ڀاڄين جي وڌندڙ قيمتن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار
ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪوٺايل هڪ خاص اجلاس جي صدارت ڪندي، هن ٽماٽن ۽ ٻين ڀاڄين جي
وڌندڙ قيمتن تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ سرڪاري اختيارين کان قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو
مطالبو ڪيو آهي پر ٻين صوبن جون حڪومتون ماٺ جو روزو رکي ويٺيون آهن. جنهن سبب ٽماٽن سميت روزمرہ جو شيون مهانگيون ٿينديون ٿيون وڃن ڇوتہ ڪوبہ
کانئن
پڇڻ وارو ڪونهي۔ موجودہ صورتحال جيڪا سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت پيدا ٿي
رهي آهي. اهو سڀ ڪجهہ ٽماٽن جي ذخيرہ اندوزي ڪندڙ مافيا جي لالچ جو نتيجو آهي. يقيناً،
حڪومت افراط زر ۾ تيز واڌ کي روڪڻ جي سڌي طرح ذميوار آهي، پر اها وڏي حد تائين هن افراط
زر جي ذميوار آهي پر ذميواري اسان تي بہ
آهي
۽ انهن ماڻهن تي بہ آهي جيڪي معيشت
کان ٿورو بي خبر آهن، اهي بہ ڄاڻن ٿا تہ افراط زر جو سڌو سنئون تعلق طلب ۽ رسد سان
آهي. جڏهن طلب وڌي ٿي ۽ رسد هن طلب کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي ٿي، تہ شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. ڪاروباري ماڻهو
ڪارخانن جا مالڪ ۽ واپاري ان کان چڱي طرح واقف آهن ۽ وقت بوقت مصنوعي کوٽ پيدا ڪن ٿا
۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ من ماني ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان لُٽين ٿا. بدقسمتي سان، اسان
جي ملڪ ۾ اڃا تائين نظام مضبوط نہ ٿيو آهي، جنهن
جي ڪري ڪو بہ انهن کان پڇڻ
وارو ناهي. هر ڪو پنهنجي پنهنجي قيمت لڳايو ويٺو آهي، ۽ اهو چوندا رهن ٿا تہ جيڪڏهن ڪا شيءِ توهانجي خريد ڪرڻ جي لائق
آهي تہ ان کي وٺو، ٻي صورت ۾ دڪان جي سامهون کان
هٽي وڃو ڇو تہ قطار ۾ بيٺل
ماڻهو پڇيل قيمت تي سودو خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن
عوام چاهي تہ مهانگائي کي
آساني سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، پر ان لاءِ انهن کي هڪ قوم بڻجڻو پوندو. گروهن ۾ ورهايل
ميڙ کي جذباتي بڻائي، انهن جو آساني سان استحصال ڪري سگهجي ٿو.
اسان کي پنهنجي
پسنديدہ حڪمران جي جائز ۽ جائز افراط زر ۽ مخالف
حڪومت جي غير قانوني ۽ حرام افراط زر جي چڪر مان نڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي حقن لاءِ هڪ
ٿيڻو پوندو. تڏهن ئي اسان افراط زر مافيا سان وڙهندا ۽ سستو سامان حاصل ڪري سگهنداسين۔
روزانو جي بنياد تي وڌندڙ قيمتون معتدل ٿي سگهن ٿيون. ان لاءِ اسان کي سياستدانن جي غلامي مان آزاد ٿيڻو
پوندو۔ اچو تہ آزاد ٿي جهالت
جي خول مان نڪري پنهنجن حقن جي حفاظت ڪري محرومين جو احساس ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ اسان کي متحد ٿيڻو پوندو. اسين هڪ قوم بڻجي
سگهون ٿا، جڏهن اسين هڪ قوم بڻجنداسين، جڏهن اسان جون سوچون هڪ ٿينديون تہ اسين ڪامياب ٿينداسين. جيڪڏهن
اها ساڳي سوچ رهي تہ پوءِ ان بادشاه جي قصي وانگر حشر ٿيندو جيڪو قصو
هن ريت آهي۔
هڪ ڀيري هڪ
بادشاه پنهنجي ٽن وزيرن کي گهرايو ۽ هڪ هڪ ٿيلهو ڏنو ۽ حڪم ڏنو تہ پنهنجي پنهنجي ٿيلهي ۾ ٽن الڳ الڳ باغن مان
ميوا پٽي اچو۔ آئون ڏسڻ ٿو چاهيان تہ
ڪير
تيزي سان ڪم ڪري ٿو۔ بادشاه جي حڪم تي ٽئي الڳ
الڳ باغن ۾ ويا. پهرين وزير سوچيو تہ ٿي سگهي بادشاه اهي ميوا چيڪ ڪري۔ انڪري
هن تازا ۽ مختلف ميوا گڏ ڪري ورتا۔
ٻئي وزير سوچيو
تہ بادشاھ ڪهڙو هي ميوا کائيندو هن کي جهڙا
ڪچا پڪا ۽ خراب ميوا هٿ آيا پٽي ۽ ٿيلهو ڀري ورتو۔
ٽئين وزير بہ سوچيو بادشاه اسانجي ڦڙتي ڏسڻ لاءِ اهڙو حڪم ڏنو آهي تہ وقت بچائي بادشاه جي نظرن ۾ سرخرو ٿيڻ بهتر
آهي۔ جڏهن ٽئي وزير هڪ ٻئي کان بعد پهتا تہ بادشاه ٽنهي وزيرن کي الڳ الڳ جيل ۾ هڪ مهينو
بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ بادشاه ٿيلها چيڪ ڪرڻ کان بغير هنن کي پنهنجا پنهنجا ٿيلها گڏ
کڻي وڃڻ جو حڪم ڏنو۔
پهرين وزير
جنهن سٺا ميوہ گڏ ڪيا هئا
ان جو تہ مهينو بهترين گذريو۔ ٻئي
وزير جنهن ڪچا پڪا ۽ خراب ميوا بہ گڏ ڪيا تنهن
جو ڪجھ وقت تہ
سٺو
گذريو مگر بعد ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿيس ۽ هن کي پنهنجا گڏ ڪيل خراب ميوا بہ کائڻا پيا۔ مهينو گذرڻ تي هو تمام گهڻو بيمار
ٿي نڪتو۔
ٽيون وزير جنهن
وقت بچائڻ لاءِ صرف گاھ ۽ پن
گڏ ڪيا هئا ان وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ نہ هو سو بک تي ئي مري ويو.
هاڻي اوهان
پنهنجو پاڻ کان پڇو تہ اوهان ڇا گڏ
ڪري رهيا آهيو؟ اوهان هن وقت ان باغ ۾ آهيو جنهن ۾ اوهانکي بادشاه موڪليو آهي۔ جتي
اوهان چاهيو تہ نيڪ اعمال جمع
ڪريون۔ ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ ڪم ڪريو تہ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻو پوندو۔ مگر
اھو ياد رکو هڪ ڏينهن بادشاه جو
حڪم ٿيندو،
تہ اوهانکي پنهنجي جيل ۾ الڳ الڳ يعني قبر
۾ وڌو ويندو جتي اسين اڪيلا هونداسين۔
بس اتي اسان
سان گڏ پنهنجي پنهنجي گڏ ڪيل ميون جو اعمال جو ٿيلهو هوندو!
اي ذخيرا اندوزي
ڪندڙو! ڪڏهن سوچو اٿوَ  تہ توهانجي عمل جي ڪري ماڻهن کي ڪيتري تڪليف
ٿي پهچي۔ اسان پنهنجن گهرن ۾ روزانو استعمال ٿيندڙ
ضروري شين جو ذخيرو ڪرڻ بدران، اجتماعي سوچ جو دائرو وڌائينداسين تہ اهو عمل ملڪ ۽ قوم لاءِ پائدار ٿيندو۔ جيڪڏهن اسان ڪجهہ ڏينهن تائين ميوا نہ کائينداسين تہ مرنداسين ڪونہ. جيڪڏهن اسان ٽماٽن جو بائيڪاٽ ڪنداسين تہ انهن جي خراب ٿيڻ جي خوف کان قيمتون پاڻمرادو
گهٽجي وينديون.
ياد رکو! غير
ضروري خريداري کان پاسو ڪندي افراط زر کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. صرف 95 سيڪڙو ماڻهن
جي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي 5 سيڪڙو ماڻهو ٻنهي هٿن سان لُٽي رهيا آهن.
هيٺ ڏنل هڪ
ٻي زندہ قوم جي ڪهاڻي پڙهي سبق حاصل ڪيو
.
ارجنٽائن جو
شهري ٽماٽا خريد ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ويو، ٽماٽا وڪرو ڪندڙ کيس ٻڌايو تہ ٽماٽن جي قيمت وڌي وئي آهي. جڏهن هن پڇيو
تہ ڇو؟ تہ
کيس
ٻڌايو ويو تہ اهو تمام گهٽ
لٿو آهي انڪري واپارين پاران اهو مهانگو ڪيو ويو آهي. اهو چئي تہ هن ٽماٽا نہ خريد جو پڪوپهہ ڪيو، شهرين گڏجي انهن ٽماٽن کي واپس انهن
جي جاءِ تي رکي ڇڏيو. اهو چئي تہ اسان ٽماٽن
کان سواءِ رهي سگهون ٿا، سڀني شهرين ٽماٽن جو بائيڪاٽ ڪيو. ڪا بہ هڙتال يا جلوس نہ هو، صرف هڪ اجتماعي بائيڪاٽ جي مهم شروع
ٿي وئي. دڪانن ۽ واپارين کان ٽماٽن جي فراهمي وٺڻ بند ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ تہ اڳي ئي پيل ٽماٽا اسٽورن ۾ خراب ٿي رهيا
هئا. آخرڪار شهرين جي اجتماعي سوچ واپارين کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو بلآخر عوامي مطالبي
تي، انهن سڀني ميڊيا جي سامهون پنهنجي عملن جي معافي ورتي ۽ پوئين قيمت کان بہ گهٽ قيمت تي ٽماٽا وڪڻڻ شروع ڪيا. اسان قيمتون
گهٽائي يا وڌائي سگهون ٿا، ان لاءِ ڪنهن بہ
وڏي
احتجاج، ريلي، جلوس يا هڙتال جي ضرورت ناهي. صرف اسان جي اجتماعي رضامندي ۽ عزم جي
ضرورت آهي. اچو تہ عهد ڪريون تہ غير ضروري خريداري ڪندي، اسين عملي طور تي
مهانگائي کي ختم ڪرڻ ۾ حصو وٺنداسين ۽ مهانگائي مافيا کي شڪست ڏينداسين.

