ھو، جيڪو سنڌو
درياءَ جي اولهہ پاسي ٻٻر جي
ڇانوَ ۾ وڻ ھيٺيان کٽ تي ٽُڪ جي رلي وڇائي وھاڻي جي ٽيڪ ڏئي ويهندڙ صوفي منش، باغي
فڪر جو انسان هو، جنهن جو جنازو ڪاٺ جي صندوق ۾ ازل کان نہ، پر صدين جي سوچن ۽ سوالن سان ڀريل هو، اُها گهڙي
جڏهن سائين جي ايم سيد کي مٽي حوالي ڪيو ويو، تڏهن برسات وسي رهي هئي. اُها برسات عام
نہ هئي، پر آسمان بہ اُن وڇوڙي تي روئي رهيو هو. هر بوند زمين
تي ڪري ڄڻ هڪ ڳوڙهو بڻجي پئي وئي. ھوا ڳري هئي، هوا خاموش هئي، ۽ هر طرف سوڳ جو احساس
پکڙيل هو. جنازي ۾ بيٺل ماڻهو خاموش هئا، پر اُنهن جي اکين مان لڙڪ وهندا رهيا. هر
دل اندر ۾ ٽٽل هئي. لڳي رهيو هو ڄڻ سنڌ پاڻ پَنهنجي عظيم عاشق کي الوداع چئي رهي هجي.
سائين جي ايم سيد، جو جسم جڏهن مٽيءَ جي حوالي ڪيو پيو وڃي، تڏهن لڳو ڄڻ زمين بہ عزت سان کيس پَنهنجي سيني ۾ سمائي رهي هجي.
ڪاٺ جي صندوق جي مٿان پوندڙ برسات جا ڦڙا هِن جي وڇوڙي کي وڌيڪَ ڳرو ڪري رهيا هئا.
هو جيڪو سَڄي عمر سنڌ ۽ انسانيت لاءِ جيئرو رهيو، اڄ خاموش ٿي مٽيءَ ۾ سمهي رهيو آهي،
پر سندس فڪر اَڃا بہ ماڻهن جي ذهنن
۾ زندھ هو. برسات اَڃا بہ وسي رهي هئي،
۽ اُهو ڏينهن هڪ اهڙو سوڳ بڻجي ويو جيڪو وقت بہ
وساري
نہ سگهندو. سج جيڪو صبح کان نٽھڻ اُس جي صورت
۾ ڄڻ زمين کي ساڙي رهيو هو، اوچتو پَنهنجو چهرو لڪائي ويو. آسمان جي رنگت بدلجي وئي،
ڄڻ قدرت بہ اُن وڇوڙي تي خاموش نہ رهي سگهي. گرميءَ جي سخت لهرن ۾ هڪ اوچتو
ٿڌڙي هوا جا ڇنڊا محسوس ٿيڻ لڳا، ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جھڙالي موسم پَنهنجا ڪارا ڪڪر کڻي
اچي مٿان ڇانئجي وئي.
سنڌو درياءَ،
جيڪو هميشہ پَنهنجي روانيءَ ۾ بي پرواه لڳندو آهي، اڄ
عجيب خاموش هو. سندس لهرن ۾ شور نہ هو، پر هڪ اداس
گونج هئي ڄڻ هو بہ ڪنهن عظيم سفر
جي پڄاڻي تي سوچ ۾ ٻڏل هجي. ڪنارن تي بيٺل وڻ بہ
جهڪي
ويا هئا، ڄڻ احترام ۾ پَنهنجا ڪنڌ لاٿل هجن. پکي جيڪي صبح جي پهرين روشنيءَ سان اُڏامندي
اچي جي ڀر ۾ ويھندا ھئا، اڄ خاموش هئا. سندن پرن ۾ اُڏام تہ هئي، نہ
آواز
هو. ڪُجهہ پکي آسمان ۾ چڪر هڻي وري واپس وڻن ڏانهن
موٽي رهيا هئا، ڄڻ اُنهن کي بہ خبر هجي تہ اڄ ھوا ۾ صرف هوا نہ، پر هڪ عظيم انسان جي وڇوڙي جو بار آهي. ۽ پوءِ
برسات شروع ٿي وئي. پهريان ڪُجهہ ٿورا ڦڙا، ڄڻ
اکين مان نڪتل خاموش ڳوڙها ھئا. پوءِ آهستي آهستي اُهو وسڪارو تيز ٿيندو ويو. آسمان
ڄڻ پاڻ بہ روئي پيو هو. برسات جا قطرا ڪاٺ جي اُن صندوق
تي ڪري رهيا هئا، جنهن گهڙي سائين جي ايم سيد محبوب سنڌ کي الوداع چيو پئي ويو، تہ اُها رُڳو هڪ جنازي جي رسم نہ هئي، پر هڪ اهڙو روحاني ميلو هو جتي فڪر،
محبت ۽ انسانيت گڏجي بيٺا هئا. هو جيڪو سنڌ جو فڪري روشن ڏيئو هو، جيڪو اڄ مٽي حوالي
ٿي رهيو هو، پر اُن گهڙيءَ ۾ ھوا ڪنهن هڪ مذهب يا هڪ عقيدي تائين محدود نہ هئي. هر آواز ۾ سُڏڪا هئا، هر لفظ ۾ احترام
هو، ۽ هر ساه ۾ هڪ عجيب جهڙو سڪون ۽ سوڳ گڏيل هو. لحد ۾ لاهڻ وقت قرآن پاڪ جون تلاوتون
جڏهن گونجيون تہ لڳو ڄڻ رحمت
جا در کلي ويا هجن. ڀڳوت گيتا جا اشلوڪ جڏهن پڙهيا ويا تہ ھوا ۾ هڪ عجيب روحاني سچائي پکڙجي وئي. رامائڻ
جا سبق، انجيل شريف جا پاڪ لفظ، توريت شريف جا حڪمت ڀريا پيغام، ۽ گرنٿ صاحب جون روح
کي ڇهندڙ وانيون اُهي سڀ گڏجي هڪ اهڙو منظر بڻيا، جتي انسانيت سڀ کان مٿانهين نظر آئي.
اُن گهڙيءَ ۾ ڪو بہ فاصلو نہ رهيو، ڪو بہ فرق نہ
رهيو.
صرف هڪ احساس زندهہ هو محبت، برداشت
۽ انسانيت جو احساس لڳو ڄڻ سڀ مذهب، سڀ ڪتاب، سڀ سچ هڪ ئي ساه ۾ گڏ ٿي سائين جي ايم
سيد کي سلام پيش ڪري رهيا هجن. اُهو منظر ٻڌائي رهيو هو تہ هو ڪنهن هڪ فڪر جو نہ هو، پر هر اُن دل جو هو جيڪا انسانيت تي
يقين رکي ٿي. سائين جي ايم سيد جو جسم تہ
خاموش
ٿي ويو، پر اُن گهڙيءَ ۾ هر آواز اُهو اعلان ڪري رهيو هو تہ سچ، محبت ۽ فڪر ڪڏهن بہ مرندا ناهن. جتي سائين جي ايم سيد جي جسم
کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو ۽ هر قطرو ڄڻ هڪ سوال هو، هڪ ياد هو، هڪ الوداع هو.
اُن گهڙيءَ ۾ لڳو ڄڻ وقت بہ رڪجي ويو هجي.
ماڻهو خاموش هئا، پر خاموشي اندر شور سان ڀريل هئي. هر اک مان وسندڙ پاڻي ۽ برسات جا
قطرا گڏجي هڪ ئي منظر بڻجي ويا هئا. اُهو صرف جنازو نہ هو، اُهو هڪ فڪر جو زمين ڏانهن موٽڻ جو وچن هو، هڪ اهڙي سوچ
جو سفر جيڪو هاڻي ماڻهن جي دلين ۾ رهڻو هو. برسات جي لهرن ۾ درياءَ وڌيڪَ اداس ٿي ويو.
پاڻيءَ ۾ ڄڻ هزارين اڻ پڇيل سوال وهي رهيا هئا. سج مڪمل طور تي ڪڪر پويان لڪي ويو هو،
ڄڻ هو بہ هِن منظر کي ڏسڻ جي سگهہ نہ
رکي
سگهيو هجي. ۽ آسمان تہ ڄڻ هڪ وڏي چادر
بڻجي هر شيءَ کي پَنهنجي سيني ۾ لڪائي رهيو هو. سائين جي ايم سيد جو جنازو اُن برسات
۾ صرف هڪ جسم جو دفن نہ هو، پر هڪ فڪر
جو زمين ۾ پوکجڻ هو. اهڙو فڪر جيڪو هاڻي برسات جي هر قطري سان وڌندو، درياءَ جي هر
لهر سان وهندو، ۽ ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڻ وسرندڙ ياد بڻجي رهندو. اُها برسات شايد موسم
جي تبديلي نہ هئي. اُها فطرت
جو پَنهنجو الوداعي سلام هو اُن انسان لاءِ، جنهن سَڄي زندگي انسان کي انسان سان ملائڻ
جو خواب ڏٺو هو. سنڌ جي عاشق جو وڇوڙو ٿيو تہ
سنڌ
روئي پئي. هو جيڪو سڄَي عمر هِن ڌرتيءَ لاءِ جيئرو رهيو، جنهن سنڌ جي سڃاڻپ، محبت
۽ حقن جي ڳالهہ ڪئي، اڄ خاموش
ٿي مٽي ماءُ حوالي ٿي ويو. سندس وڃڻ سان رُڳو هڪ انسان نہ ويو، پر ڄڻ هڪ سوچ، هڪ خواب ۽ هڪ سَڄي دور
جي روشني وڇڙي وئي. سنڌ جي هر ڪنڊ ۾ اداسي ڇانئجي وئي. درياءَ جون لهرون بہ اڄ بي آواز لڳيون، ڄڻ هو بہ سوڳ ۾ هجن. وڻن جا پن جهڪي ويا، ۽ هوا ۾
هڪ ڳري خاموشي پکڙجي وئي. سج بہ ڄڻ پَنهنجو
چهرو لڪائي ويو هجي، ۽ آسمان ڳوڙهن سان ڀرجي ويو. ماڻهن جون اکيون ڀرجي آيون. هر چهرو
غم ۾ ٻڏل هو. هر دل ۾ هڪ ئي سوال هو تہ
اهڙو
سچو عاشق هاڻي اسان کان الڳ ڇو ٿي ويو؟ پر اُن وڇوڙي جي درد ۾ بہ هڪ سچ آهي، هو جسماني طور وڇڙي ويو آهي،
پر سندس فڪر، سندس محبت ۽ سندس پيغام اڄ بہ
زنده
آهي. هو سنڌ جي دل ۾ هميشہ جيئرو رهندو.
سنڌ روئي پئي. پر اُهو روئڻ رُڳو غم نہ
هو،
اُهو محبت جو اظهار هو، هڪ اهڙي انسان لاءِ جنهن سَڄي زندگي سنڌ کي پَنهنجو سڀ ڪُجهہ سمجهيو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ
۾ صرف هڪ نالو نہ آهي، پر هڪ
مڪمل فڪري واٽ آهي. اُها واٽ جيڪا غلاميءَ جي اونداهين مان نڪري آزاديءَ جي روشنيءَ
ڏانهن وڃي ٿي. سندس سَڄي زندگي سنڌ جي آزاديءَ جي خواب جي تعبير لاءِ وقف رهي. سائين
جو فڪر اُهو هو تہ سنڌ رُڳو هڪ
خطو نہ، پر هڪ زنده قوم آهي، جنهن جي پَنهنجي تاريخ، ٻولي،
ثقافت ۽ شعور آهي. پر صدين جي سياسي حالتن اُن قوم کي پَنهنجي سڃاڻپ کان پري ڪري ڇڏيو
هو. اُن ڪري هُن سنڌي قوم کي ٻيهر جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. هُن جو ڏسيل رستو رُڳو سياسي
نہ هو، پر فڪري بہ هو. هو سمجهندو هو تہ آزادي صرف حڪومت بدلجڻ جو نالو نہ آهي، پر هڪ مڪمل شعوري تبديلي آهي. جڏهن
ماڻهو پَنهنجي حقن، پَنهنجي تاريخ ۽ پَنهنجي وجود کي سڃاڻن ٿا، تڏهن ئي آزاديءَ جو
سفر شروع ٿئي ٿو. سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ سنڌ جي آزادي هڪ خواب هو، پر اُهو خواب
خالي تصور نہ هو، پر هڪ واضح
فڪري واٽ هئي. هُن سمجهايو تہ غلامي صرف هٿڪڙين
۾ نہ هوندي آهي، پر سوچن ۾ بہ هوندي آهي. ۽ اُن سوچ کي ٽوڙڻ لاءِ شعور
ضروري آهي. هو مسلسل سنڌي قوم کي اُهو احساس ڏياريندو رهيو تہ جيڪڏهن قوم پَنهنجي تقدير پاڻ نٿي ٺاهيندي،
تہ ٻيا اُن جي تقدير ٺاهيندا. اُن ڪري هِن قوم
کي پَنهنجي سڃاڻپ ڏانهن موٽڻ جو پيغام ڏنو. سندس واٽ ۾ قربانيون بہ هيون، جيل بہ هئا، نظربنديون بہ هيون، پر هو ڪڏهن بہ پَنهنجي فڪر تان پوئتي نہ هٽيو. هُن هر سختي کي پَنهنجي فڪر جي طاقت
۾ بدلائي ڇڏيو. سنڌ جي آزادي جو سندس خواب رُڳو سياسي نعرو نہ هو، پر هڪ اخلاقي، ثقافتي ۽ شعوري انقلاب
هو. هو چاهيندو هو تہ سنڌي قوم پَنهنجي
پاڻ کي سڃاڻي، پَنهنجي وسيلن تي مالڪي جو حق رکي، ۽ پَنهنجي فيصلي جي مالڪ بڻجي. اڄ
بہ سندس ڏسيل واٽ زنده آهي هر اُن ذهن ۾ جيڪو
سوال ڪري ٿو، هر اُن دل ۾ جيڪو آزادي چاهي ٿو، ۽ هر اُن سوچ ۾ جيڪو غلاميءَ کي قبول
ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو.
سائين جي ايم
سيد جو سنڌ جي آزادي جو خواب هڪ اهڙي فڪري واٽ آهي جيڪا ختم نہ ٿي آهي، پر وقت سان گڏ وڌيڪَ واضح ۽ وڌيڪَ
مضبوط ٿي رهي آهي ۽ اُها واٽ اڄ بہ سنڌ جي هوائن
۾ پَنهنجو سفر جاري رکيو ويٺي آهي. سائين جي ايم سيد جو فڪر ڪنهن هڪ دور، هڪ مُلڪ يا
هڪ نسل تائين محدود نہ هو. اُهو هڪ
اهڙو فڪري سفر هو، جيڪو انسان جي وجود کان شروع ٿي انسانيت جي مستقبل تائين پکڙيل هو.
هُن جي زبان تي جيڪو نعرو هو اَمن، عالم، ترقي بني آدم، اتحادِ انسان اُهو رُڳو لفظن جو ميل نہ هو، پر هڪ مڪمل فلسفو هو، هڪ اهڙو خواب هو
جيڪو دُنيا کي جنگن کان ڪڍي محبت جي رستي تي آڻڻ چاهيندو هو. سائين جي ايم سيد، جي
نظر ۾ دُنيا جو سڀ کان وڏي جنگ نہ، پر غلامي
هئي. اُها غلامي صرف زنجيرن جو نالو نہ
آهي،
پر اُها هڪ اهڙي حالت آهي جنهن ۾ قوم پَنهنجي سوچ، پَنهنجي فيصلي، پَنهنجي وسيلن ۽
پَنهنجي سڃاڻپ تي اختيار وڃائي ويهندي آهي. هو سمجهندو هو تہ جڏهن انسان پَنهنجي ڌرتيءَ تي اوپرو بڻجي
وڃي، جڏهن سنڌ جي تاريخ حملہ آورن جي ھٿان
تلوار جي نوڪ تي لکي وئي، تڏهن ھُن اِھو محسوس ڪيو تہ
غلامي
صرف جسماني نہ، پر ذهني، شعوري، فڪري
۽ روحاني بڻجي ويندي آهي. پاڻ اُن وقت سچائي جو قلم کڻي پَنهنجن لکڻين ۽ ڪتابن جي ذريعي
گم ٿيل تاريخ کي ٻيهر زندھ ڪيو، جيڪا ڪتابن جي صفحن تان حملہ آورن جي ھٿان دفن ٿي وئي هئي، اُها تاريخ
سائين جي ايم سيد جي اکين ۽ رَتُ ۾ اَڃا بہ
جيئري
هئي. هو ٻڌائيندو هو اُنهن ڏينهن جو، جڏهن سنڌ پَنهنجي سڃاڻپ سان سرفراز هئي، ھو اهڙي
سنڌ جو خواب کي حقيقت بڻائڻ چاهي پيو، جتي ھندو، مسلم ۽ عيسائيت جا پيروڪار نفرتن کان
آزاد ٿي، هڪ ٻئي سان گڏ ڏک سک ۾ شريڪ هجن. اهڙي سماج ۾ خوشي صرف پَنهنجي نہ، پر سڀني جي خوشي هوندي. ڏُک صرف پَنهنجو نہ، پر هر انسان جو گڏيل درد هوندو. عيد هجي يا ديوالي،
ڪرسمس هجي يا ڪو مقامي تهوار اُهي سڀ گڏيل خوشين جا رنگ بڻجي وڃن. اُهو تصور ڪنهن تصوراتي
جنت جو نہ، پر زمين تي هڪ ممڪن حقيقت جو هو. جتي انسان جي
سڃاڻپ سندس مذهب نہ، پر سندس عمل،
محبت ۽ رواداري هجي. جتي سڀني عقيدن جا ماڻهو هڪ ئي درياه جي ڪناري تي گڏجي ساه کڻن.
اُھا اکين جي خواب ۾ سانڍيل سنڌ نيٺ آزاد سنڌ
وطن جي حيثيت سامھون ايندي جنھن سائين جي ايم سيد خواب ڏٺو، غلاميءَ جي زنجيرن، بي
حسيءَ جي اونداهين، ۽ وساريل خواب سنڌو درياءَ جي ڪناري ھڪ ڏينھن ضرور روشن ٿيندا.
25 اپريل 1995ع تي هو ڪڪرن جيان سنڌ جي آسمان تان لهي ويو، پر وڃڻ سان گڏ برسات نہ، فڪر جي بوندون ڇڏي ويو سندس خاموشي اڄ بہ هوائن ۾ ڳالهائي ٿي، ۽ سندس ياد هر وسندڙ
بادل ۾ جيئرو محسوس ٿئي ٿو. اڄ 25 اپريل 2026ع رھبرِ سنڌ سائين جي ايم سيد جي 31 ھين
ورسيءَ جي موقعي تي، اسان جي قومي شعور کي جاڳائڻ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن اسان کي اُهو
سبق ڏئي ٿو تہ قومون اُنهن
ماڻهن سان سڃاتيون وڃن ٿيون، جيڪي ڪنهن بہ
ظُلم
آڏو ڪڏهن بہ نہ جهڪندا آهن. سائين جي ايم سيد اُهو صوفي
منش باغي انسان هو، جنهن کي جيلن جون سختيون، نظربنديون، ڏاڍ ۽ جبر بہ نہ
ٽوڙي
سگهيا. هِن هر تڪليف کي سنڌ ڌرتيءَ جي خاطر مُرڪندي قبول ڪيو، هر اذيت کي پَنهنجي فڪر
جي قيمت سمجهي سهيڙيو. سندس حوصلو هر آزمائش کان مٿانهون ۽ سندس ارادو هر زنجير کان
مضبوط هو. اڄ جڏهن اسين سندس مزار تي سيس نوائيون ٿا، تہ اُهو رڳو احترام نہ، پر هڪ وچن آهي تہ اسين بہ
ڪنهن ناانصافي ۽ ظُلم آڏو نہ جهڪنداسين. اسين بہ پَنهنجي فڪري رهبر سائين جي ايم سيد جيان
پَنهنجي ڌرتي، پَنهنجي سڃاڻپ ۽ پَنهنجي حقن لاءِ همت ۽ حوصلو اختيار ڪنداسين. سنڌ جي
ساڃاه وندن ليکڪ، وڪيل، اُستاد، شاگرد ۽ نياڻيون جيڪي قومي شعور کي نينڊ ڏجي ٿي جيڪي
مستقبل جا امين آهن. اڄوڪي ڏينهن جو اصل پيغام اُهو آهي تہ اسان جاڳون ۽ پَنهنجي ڌرتي ۽ وسيلن جي مالڪي
ڪيون. ۽ سائين جي ايم سيد جو فڪر تي عمل ڪري ۽ ڏسيل واٽ تي ھلون، اُهو وچن ورجايون
تہ اسين سچ سان گڏ بيهنداسين، شعور کي زندھ
رکنداسين ۽ پَنهنجي ڌرتيءَ سان وفاداري نڀائينداسين.

