منهنجو پيغام محبت آ، آلودگي، درياه جو سڪڻ، ڌرتيءَ جون دانهون ـ حڪيم پريم چاندواڻي

وڌندڙ فضائي آلودگيءَ سبب آسمان جيان نظر ايندڙ او زون گيس جي نيري تھ ۾ سوراخ ٿي رهيا آهن۔ انهيءَ سبب سج جا تيز ڪرڻا ڌرتيء جي گرمي پد ۾ اضافو ڪري رهيا آهن ۽ تقريبن هر ٻن سالن کان پوءِ هڪ ٻن ڊگرين جي واڌ ٿي رهي آهي۔ سيارو سسندو ٿو وڃي ۽ اونهارو وڌندو ٿو وڃي۔ موسمون پنهنجو مزاج مٽائي رهيون آهن۔ گهڻي گرميء سبب اناج جي ٻوٽن جو ٻور ڇڻي وڃي ٿو، جنهن سبب اناج جي پيداوار گهٽجي وڃي ٿي۔ ميوا جيڪي گهڻي ٿڌ تي مٺا ٿيندا آهن. انهن ۾ گرميء سبب اها مٺاس نٿي رهي ۽ ٿوري وقت ۾ پچي جلدي اڪري وڃن ٿا۔

جيڪڏهن هر سال گرمي پد ۾ واڌ ٿيندي رهندي ته گليشيئر جلدي ڳرندا رهندا، نتيجي ۾ ٻوڏون اينديون ۽ اڳتي هلي وري خشڪسالي ٿيندي اهي سڀ ڳالهيون ڌرتيء ۽ جيوت لاءِ انتهائي خطرناڪ صورتحال جو سبب بڻجي سگهن ٿا۔ تنهنڪري هن وقت ۽ اکيون پٽڻ جي اشد ضرورت آهي ته جيئن اهڙي خطرناڪ صورتحال کان بچي سگهجي۔

انسانيت جي محسن، انسان دوست شاعر ۽ ڪالم نگار پريم  شاعر جو  هي چؤسٽو هڪ اهڙي دانهن مثل آهي جيڪا صدين جو سفر ڪري اڄ اسان جي شعور جي در تي دستڪ ڏيئي رهي آهي. اهي سٽون نه رڳو ماحولياتي تباهيءَ جو نوحو آهن، پر اسان جي مادي پرستي واري روش جو پڻ آئينو آهن. شاعريءَ جي هن مختصر پر گھڻ رخي معنيٰ رکندڙ اظهار ۾ سمنڊ جيتري گهرائي ۽ امبر جيتري اوچائي ۽ وسعت شامل آهي۔

ميوا مٺاس، ڇڏي ڏيندا،

گليشيئر سڀ ڳري ويندا۔

درياهـ خشڪ ٿي ويندا۔

جي آلودگيءَ سبب رهندا

آلودگيء جي سببن جي موجودگي برفاني ماٿرين جو خاموش ماتم آهي۔ شاعر پنهنجي پهرئين حصي ۾ جبلن جي اڇي چادر يعني گليشيئرز جي پڄاڻيءَ جو اشارو ڏيئي ٿو. گليشيئر ڌرتيءَ جا اهي تاريخي پاڻيء جا ذخيرا آهن، جيڪي هزارين سالن کان اسان جي درياهن ۽ زندگيءَ جي رڳن کي سيراب ڪندا آيا آهن. اهي ڄڻ ڌرتيءَ جو تاج آهن، پر آلودگيء جي وڌندڙ وبا ۽ ماحولياتي گرمي پد جي خوفناڪ واڌ سبب، اهي اڇا تاج تيزيءَ سان پاڻي ٿي وهي رهيا آهن. اهو وهڪرو اسان کي هڪ طرف وقتي ٻوڏن جو خوف ڏيئي ٿو، ته ٻئي طرف مستقبل جي هميشه لاءِ خشڪيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ جي علامت آهي. جڏهن جبل پاڻي وهائڻ ڇڏي ڏيندا، تڏهن ميدانن ۾ صرف رڻ ۽ ريتي هوندي.

درياهن جو خشڪ ٿيڻ ۽ مٺاس جي گمشدگي:

سنڌي ثقافت ۾ درياه نه رڳو پاڻيء جو ذريعو آهن، پر اهي اسان جي تهذيب ۽ جيوت جي ماءُ آهن. پريم شاعر جو چوڻ آهي ته درياه خشڪ ٿي ويندا۔ هي صرف پاڻيءَ جي کوٽ جو اعلان ناهي، پر ان تهذيب جي موت جو پيغام آهي، جيڪا درياه جي ڪنارن تي پلي آهي. اسان جي سنڌوء جهڙا عظيم درياه جيڪي اسان جي تاريخ جا شاهد آهن، جيڪي هر دؤر ۾ زندگي ورهائيندا آيا آهن، اڄ آلودگيء، غلط منصوبا بنديء ۽ تباهڪار صنعتي باقيات سبب سڪي رهيا آهن. خشڪ درياه هڪ اهڙي قوم جي بدقسمتي هوندي، جنهن پاڻيءَ کي پريشانيءَ جو عارضي سامان سمجهيو پر حياتيءَ جي حقيقي سچائي نه سمجهيو.

ان سان گڏوگڏ، شاعر جو هي فڪري نقطو ته ميوا مٺاس، ڇڏي ڏيندا، انتهائي ادبي ۽ استعاراتي معنيٰ رکي ٿو. مٺاس فطرت جي پڌرائي، پاڪائي ۽ اصليت جي علامت آهي. جڏهن پاڻي آلوده ٿي ويندو، هوا زهر بڻجي ويندي، ۽ مٽي زهريلي ٿي ويندي، تڏهن فصلن ۾ ڪيميائي زهر سمائجي ويندا. ميوا ۽ اناج پنهنجي فطري مٺاس ۽ لذت ڇڏي ڏيندا. اهو صرف ذائقي جو نقصان ناهي، پر اسان جي سڄي حياتياتي نظام ۾ زهر جي داخلا جو اعتراف آهي.

آلودگي انساني شعور جي بدتر ناڪامي آهي۔

شاعر چؤسٽي جي آخر ۾ آلودگيءَ کي سڄي تباهيءَ جو سبب ڄاڻائي ٿو، جيڪا انسان پنهنجي هٿن سان پيدا ڪئي آهي. اڄ اسان جي آس پاس هر طرف آلودگيء جو راڄ آهي: ڪارخانن جو دونهون جيڪو آسمان کي ڪارو ڪري ٿو، پلاسٽڪ جا ڍير جيڪو ڌرتيءَ کي غيرآباد ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا، جنهن ڪري پيداوار گهٽجي ٿي، ۽ آواز جي گجگوڙ جيڪا روح جو سڪون کسي ٿي۔ اسان ترقيءَ جي نالي تي پنهنجي ڌرتيءَ جو اهڙو استحصال ڪيو آهي، جو هن جو ساه سڪي ويو آهي.

هي سڄي ڪهاڻي خود انسان جي حرص ۽ لالچ جي آهي. اسان وسيلن جي اڻٿڪ ڊوڙ ۾ هي وساري ڇڏيو آهي ته ڌرتي اسان جي ملڪيت نه پر امانت آهي. اڄ جيڪي گليشيئر ڳري رهيا آهن يا ميوا پنهنجي مٺاس ڇڏي رهيا آهن، اهو اسان جي پنهنجي ڪمن جو ئي انجام يا نتيجو آهي. جيڪڏهن اسان هاڻي به سجاڳ نه ٿياسين، ته اها صرف درياهن ۽ ميوَن جي مٺاس جو مسئلو ۽ سبب نه هوندي پر ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي ڏارون ڏئي ويندي ۽ زندگي آهستي آهستي ختم ٿي ويندي، يعني انساني زندگيءَ جو اصل سڪون ۽ حسن پڻ هميشه لاءِ ميسارجي ويندو.

محبت جو پيغام ۽ عمل جو وقت:

شاعر جو آواز ته منهنجو پيغام محبت آ. سچي محبت جو اظهار آهي۔ اها محبت صرف ماڻهن سان نه، پر ڌرتيءَ سان، درياهن سان، ۽ وڻن سان پڻ ٿيڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ترجيحات بدلائڻيون پونديون. صرف ڪالم لکڻ يا شاعري پڙهڻ ڪافي ناهي. هر فرد کي ننڍي سطح تي به ماحول دوست قدم کڻڻا پوندا: پلاسٽڪ جو استعمال بند ڪرڻ، وڻ پوکڻ، ۽ آلودگي ڦهلائڻ وارين شين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي۔

پريم شاعر جو چؤسٽو اسان جي ضمير کي جھنجھوڙي ٿو. اڄ عمل جو وقت آهي. جيڪڏهن اسان ڌرتيءَ سان محبت نه ڏيکاري، ته سڀ ڪجهه باقي نه رهندو، جي آلودگيءَ جا ئي سبب رهندا، پوء اناج ۽ ميون ۾ مٺاس نه هوندي، نه ڪا جيوت، باقي بچندي ۽ نه ئي ڪو انسان ذات يا ٻي مخلوق جو ڪو مستقبل يا وجود ئي باقي رهندو.


Previous Post Next Post