انسان سدائين کان پنهنجي سڃاڻ کي ٻن اھم جزن سان جوڙي پيش ڪندو
آيو آهي.
سندس ٻولي ۽ لباس جو اوڍڻ.
پر جديد دور جي تيزيءَ سان بدلجندڙ سماج ۾،
انسان جي سڃاڻ ۽ وقار جو
معيار پڻ الڳ ۽ تيز انداز ۾ تبديل آهي. جتي ڪڏهن ماڻهوءَ جو قدر سندس اندروني ۽ ظاهري حقيقي
اخلاق،
سندس سماجي ڀلائي جي متاثر ڪندڙ ڪردار،
عقل ۽ فھم سان گڏ سندس اثر
وجھندڙ فڪري سوچن،
محنت ۽ بھترين انسانيت سان
ڪيو ويندو هو، اتي اڄوڪي دور ۾ ان سڀ جي ابتڙ، سندس ظاهري نمائش، لباس ۽ ڏيکاءَ جي تصوير کي بنيادي حيثيت ڏني وڃي
ٿي.
جيڪو ھڪ اھمڱ،
الميو آهي جيڪو نه رڳو فردن
جي شخصيت کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجي رھيو آهي پر سماجي شعور کي به هڪ خطرناڪ رستي طرف
وٺي وڃي رھيو آهي. هي عمل حقيقت ۾ خود جي اندر ئي مختلف تڪرار، ڏک ۽ طنز جو وڏو بار لڪائي بيٺي آهي. جنهن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي انسانيت جي اصل قدرن
کي مڃتا ڏيڻ ۽ سمجهڻ جي شروعات ڪرڻي پوندي.
انسان جي اصل سڃاڻ ڪڏهن به سندس لباس يا ظاهري سينگار
ناھي رهيو.
انسان جي وجود جو حسن هميشه
سندس دل جي پاڪيزگي، نيڪ ارادا، سماجي ڀلائي جو فڪر، سندس اخلاق ۽ سندس ڪيل عملن ۾ لڪل آهي. پر افسوس جو جديد دور ۾ هي سچائي کي ايترو،
لڪايو ويو آهي جو ماڻهو،
پنهنجي پاڻ کي ظاهري مٿاڇري
رنگن ۾ گم ڪرڻ لڳا آهن.
ڇاڪاڻ ته اڄوڪي سماج ۾،
سادگي کي سندس شخصيت جي
خوبصورتي نه پر ڪمزوري سمجهيو وڃي ٿو ۽ مهانگن لباسن کي عزت،
مرتبو ۽ سماجي وقار جو نشان
قرار ڏنو وڃي ٿو.انسان جي وجود جا اندروني خزانا، خلوص، ادب، محبت، من جي سچائي ۽ وقار،
روز بروز بي ملھ ۽ وسري
ويل شين ۾ شمار ٿيڻ لڳا آهن. پر حقيقي طور، انسان جي اصل قيمت ڪڏهن به ٻاهرين چمڪ سان جوڙڻ بلڪل
غير مناسب عمل آهي.
انسان جي محنت، سندس جي سوچ جي وسعت،
دل جي پاڪيزگي ۽ هن جا ٻين
لاءِ رکيل خلوص ڀريا جذبا ئي سندس جو اصل حسن آهن. مگر سماج ته ان جي ابتڙ،
اکين تي مڪمل ظاهري نمائش
جا پردا رکي ڇڏيا آهن.
ھا ظاهري نمائش.....
جيڪا اڄ جي سماج ۾هڪ نئين دنيا جي ڪنهن بت جيان اڀري
آهي.
جتي انسان سماجي, اقتصادي
۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقيءَ سان گڏ انسان نمائش جي نئين دنيا ۾ وڪوڙجي ويو آهي. اجايا مهانگا ڪپڙا، نوان اسٽائيل ۽ سوشل ميڊيا لاءِ چمڪندڙ تصويرون، سندس لاء نئين ”شناخت“ بڻجي بيٺا آهن.
اڄ ماڻهوءَ جي پٺيان هلندڙ سڀ کان وڏو خوف آهي ته
اگر ھي پائيندس...ته
لوڪ ڇا چوندو...
ڪھڙي نظر
سان ڏٺو ويندو....
سماج جي نظرن ۾ سندس لاء هڪ تصوير،
لباس،
لباس ۽ لباس ۾ لڪل ظاهري ڏيک. جيڪو
اڄوڪي انسان جي قيمت مقرر ڪري رھيو آھي.
جڏهن ته اهڙي نمائش انسان کي اندر کان خالي ڪري ڇڏيندي
آهي.
ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ٻين
جي،
ڏيکارڻ لاءِ سينگارين ٿا
۽ پنهنجو وقار پنهنجي لباس جي قيمت ۾ ڳولين ٿا. اھڙي عمل سبب ماڻهوءَ جي اندر جو سچو انسان نمائش جي ۾ گم ٿي ويو آهي.
لباس جي وڌيل اھڙي اهميت سماج لاء هڪ نفسياتي زنجير
جيان بڻجي وئي آهي پر ڏسجي ته، جڏهن لباس کي انسانيت کان وڌيڪ اهميت ملي ٿي، تڏهن
اها رڳو سماجي مسئلو نه, پر نفسياتي غلامي جو سبب پڻ بڻجي ٿي. جنهن ڪري ماڻهو پنهنجي پاڻ کي ٻين جي معيارن مطابق بدلائڻ لڳن ٿا
۽ پنهنجي اصليت کان لنوائڻ شروع ڪن ٿا. غريبي يا سادگيءَ مان شرم محسوس ڪرڻ لڳن ٿا ۽ نيٺ پنهنجي وجود جي سچائي کان شرمائجي نمائش جا نقاب
اوڙھڻ لڳن ٿا.
اهڙي نفسياتي دٻاءَ جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو ماڻهو
پنهنجي ئي وجود کان غير مطمئن ٿي پون ٿا. انهن کي لڳندو آهي ته هو ايترا سٺا،
عزت لائق يا سماج لاء اهم
ناهن،
جيستائين مهانگو ۽ نمائشي ڏيک ۾ اضافو ڪندڙ ڪپڙو نه پائين،
يا دنيا جي آڏو پاڻ کي خوبصورت
نموني پيش نه ڪن، تيستائين سندن عزت ناهي. اھڙي نفسياتي غلامي انسان جي عزت نفس کي تباھ ڪرڻ
لڳي آهي ۽ سماج ۾ هڪ اڻ ڏٺو مقابلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انسان پاڻ کي وساري لباس جي غلاميءَ
۾ اچي جڪڙيو آهي.
اھڙو عمل سماجي نابرابري جو بي رحم آئينو پڻ بڻجي
ويو آهي.
آئيني جو اهو عڪس، انسانيت جي انهيءَ قدر کي لتاڙي ٿو جيڪو ڏسڻ ۾ ته
ناهي ايندو پر دل ۾ ضرور موجود هوندو آهي. تنهنڪري
سمجهڻ جي ضرورت اھا آهي ته ڪپڙن جي قيمت ۽ انسان جي قيمت هڪ ٻئي سان گڏ رکڻ،
سماجي شعور جو وڏو زوال
آهي.
جيتوڻيڪ لباس، سينگار ۽ ظاهري چمڪ ڪنهن به لحاظ کان ڪا برائي ناهي،
پر انهن کي انسان جي شخصيت کان وڌيڪ معزز ۽ اهم بڻائڻ
بلڪل غلط آهي.
شخصيت جو معيار، سچائي، محبت ۽ خدمت جي سان ھئڻ کپي. جنهن سان ھو ٻين کي عزت ڏيڻ سان گڏ پاڻ پڻ حقيقي
انساني قدر ۽ عزت حاصل ڪري سگھي.
جڏهن سمورو سماج اها سڃاڻ حاصل ڪري وٺندو،
تڏهن ذات ۽ سڃاڻپ جو زوال
ختم ٿيندو ۽ انسانيت پڻ ٻيهر پنهنجي بلند حيثيت تي پهچي ويندي.

