مصنوعي ذهانت، اصل دشمني: ڊجيٽل دور ۾ دفتري ”گيس لائٽنگ“ جو عروج ـ ناديه ٿلهو

تعليم توهان کي ڪم ڪرڻ جي مهارت تہ ڏئي ٿي، پر اها توهان کي ان ’اڻ ڏٺي ديوار‘ لاءِ تيار نٿي ڪري، جيڪا لفظن جي جادوگريءَ ۽ ڊجيٽل فريب سان اڏيل آهي. اسان جي اڄوڪي دور جي ڪم وارن هنڌن تي، توهان جي ايمانداري اصل ۾ توهان جي ئي خلاف استعمال ڪئي پئي وڃي. اڄڪلهہ، سچائي ۽ سڌي ڳالهہ ڪرڻ کي اڪثر ’ٻارڻي ٻولائي‘ چئي مذاق بڻايو وڃي ٿو، جڏهن تہ خاموشي کي ايماندار ماڻهن کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. هي اسان جي ڊجيٽل ارتقا جو اونداهو پاسو آهي: هڪ اهڙي دنيا جتي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيريئر ٺاهڻ بدران انهن کي تباه ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪيو پيو وڃي. اڄ جو دور ٽيڪنالاجي جو دور آهي، جتي مصنوعي ذهانت (AI) ۽ ڊجيٽل اوزارن ڪم کي ظاهري طور تي آسان بڻائي ڇڏيو آهي، پر ان ئي ٽيڪنالاجي جي آڙ ۾ هڪ نئين قسم جي دشمني جنم وٺي رهي آهي جنهن کي اسين ڊجيٽل گيس لائٽنگ (Digital Gaslighting) چئي سگهون ٿا. گيس لائٽنگ دراصل نفسياتي تشدد جي اها قسم آهي جنهن ۾ ڪنهن شخص کي ان حد تائين ذهني اذيت ڏني ويندي آهي جو هو پنهنجي ئي عقل، ياداشت ۽ سچائي تي شڪ ڪرڻ لڳي.

پهرين دور ۾ سازشون آمهون سامهون ٿينديون هيون، پر هاڻي اهي ڪمپيوٽر اسڪرينز ۽ واٽس اپ گروپن ذريعي ڪيون وڃن ٿيون. ماڻهو ChatGPT يا DeepSeek جهڙن اوزارن سان ٺهيل رپورٽون تيار ڪري ۽ مصنوعي اعتماد اوڙهي پاڻ کي بهتر ثابت ڪن ٿا، جڏهن تہ اهي مخلص ملازم جيڪي پنهنجي محنت ۽ ديانت تي يقين رکن ٿا، انهن کي ٽيڪنالاجي کان اڻواقف يا نااهل ثابت ڪري ڪنڊائتو ڪيو وڃي ٿو. سرڪاري آفيسن ۾ جڏهن من پسندي ۽ خوشامد جو ڪلچر پروان چڙهي ٿو، تہ اتي سڀ کان پهريون قتل ميرٽ جو ٿئي ٿو. ان زهريلي نظام ۾ مخلص ۽ اهل آفيسرن کي ڄاڻي واڻي سائيڊ لائن ڪيو ويندي آهي. ڪيترا ئي سال انهن کان ڪم کسي کين بيڪار ويهارڻ ۽ پوءِ اوچتو ڪنهن منجهيل ڪم جو بار وجهي سندن ڪردار ڪشي ڪرڻ دراصل هڪ سوچيل سمجهيل دفتري غنڊاگردي (Office Bullying) آهي. هي هٿڪنڊا صرف ان لاءِ استعمال ڪيا وينديون آهن تہ جيئن هڪ ديانتدار ملازم جي خوداعتمادي کي ٽوڙي کيس ذهني طور تي معذور بڻايو وڃي. جڏهن هڪ قابل شخص کي مسلسل نيچو ڏيکاريو وڃي ۽ خوشامدي ٽولو ملي کيس نااهل ثابت ڪرڻ جي مهم هلائي، تہ ان جي ڪارڪردگي ۽ ذهني صحت ٻئي تباه ٿي وينديون آهن.

انگ اکر هن مسئلي جي سنگيني جي شاهدي ڏين ٿا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) مطابق، سڄي دنيا ۾ تقريبن 22 سيڪڙو ملازمن ڪم جي جاءِ تي تشدد يا هراسانگي جو سامنا ڪيو آهي. پاڪستان ۾ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي جتي 70 کان 90 سيڪڙو عورتون ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿيون. ان عذاب کان مرد بہ محفوظ ناهن؛ تقريبن 30 کان 40 سيڪڙو مرد بہ دفتري سياست ۽ 'گيس لائٽنگ' جو شڪار ٿين ٿا، پر سماجي انا سبب اهي ڪڏهن آواز ناهن اٿاريندا. سڀ کان لرزائيندڙ ڳالهہ اها آهي تہ هي هراسانگي صرف ذهني بيماري ناهي پر موت جو سبب بہ بڻجي ٿي. بين الاقوامي تحقيقات مطابق، دفتري غنڊاگردي جو شڪار ٿيندڙ تقريبن 30 سيڪڙو ماڻهو خودڪشي بابت سوچين ٿا. جڏهن انسان کي ان جي پنهنجي نظرن ۾ ڪيرايو وڃي ۽ ان جي رزق جا رستا بند ڪيا وڃن، تہ هو اڪثر موت کي زندگي تي ترجيح ڏئي ٿو.

اڄڪلهہ آفيسن ۾ هڪ نئون رجحان هلي پيو آهي: خوشامد ذريعي برتري ڪجهہ ماڻهو پنهنجي پيشي ورانہ ڪمزورين کي لڪائڻ لاءِ مئنيجرن کان وٺي پرڏيهي وفدن تائين کي پنهنجن گهرن تي گهرائي شاهي دعوتون ڏين ٿا. ان کي مهمان نوازي جو نالو ڏنو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ هي اعليٰ اختيارين جا ڪن ڀرڻ ۽ مراعتون حاصل ڪرڻ جو هڪ سياسي حربو آهي. ٻاهر کان ايندڙ وفد بہ اڪثر انهن چرب زبان ماڻهن جي ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا، جنهن جو نتيجو اهو نڪري ٿو تہ هڪ حقيقي محنتي ملازم کي نااهل ۽ انهن خوشامدين کي هارڊ ورڪر قرار ڏنو وڃي ٿو. خاص طور تي سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾، مخصوص گروه 'مٿي' جي سرپرستي ۾ ميرٽ جو قتل ڪن ٿا، جنهن ۾ ڪردار ڪشي، پيشي ورانہ رڪاوٽ ۽ ٽيڪنالاجي جو استحصال عام حربا آهن. جڏهن ڪو مظلوم ملازم اعليٰ عهديدارن وٽ دانهن کڻي وڃي ٿو، تہ کيس انصاف ملڻ بدران وڌيڪ ذليل ڪيو وڃي ٿو.

هي تحرير انهن خاموش پيشيور ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي هر روز پنهنجي آفيسن ۾ صرف ان ڪري ويندا آهن تہ جيئن سندن عزتِ نفس کي لتاڙيو وڃي. ياد رکو تہ مسئلو توهان ناهيو، ۽ توهان يقينن اڪيلا بہ ناهيو. اسان هڪ اهڙي موڙ تي بيٺا آهيون جتي چونڊ اها ناهي تہ اسان ٽيڪنالاجي استعمال ڪريون يا نہ، پر چونڊ اها آهي تہ ڇا اسان ان ٽيڪنالاجي کي پنهنجي انسانيت کي دفن ڪرڻ جي اجازت ڏينداسين؟ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) تيز بہ آهي ۽ طاقتور بہ، پر ان ۾ روح ناهي؛ هي ان همت، ايمانداري ۽ ڪردار جي پختگي جو مٽ نٿي ٿي سگهي جيڪا توهان جي اصل سڃاڻپ آهي. ڊجيٽل گيس لائيٽنگ اونداهيءَ ۾ پلجي ٿي، پر اها سچ جي روشنيءَ آڏو جٽاءُ نٿي ڪري سگهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ اسان سهولت جي بدران ڪردار کي چونڊيون ۽ پنهنجي ورڪ فورس جي انساني جذبن جي حفاظت ڪريون.


Previous Post Next Post