شاگرد يونين: تاريخ، بندش ۽ بحالي ـ زُبير آزاد

 

دور حاضر جي شاگرد سياست تمام گھڻن نون مسئلن کي مُنھن ڏئي رھي آھي. شاگردن پاران پنھنجن مسئلن سميت عوامي سوالن تي سياست ڪرڻ بابت ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ سندن جدوجھد جو ھڪ ڊگھو ۽ منفرد ڀاڱو رهيو آهي. انساني سماج جي چَرخي کي سُريلي ۽ انصاف ڀريي انداز ۾ ھلائڻ لاءِ اُھو انتھائي ضروري آھي تہ اُن ۾ شامل مختلف مظلوم طبقن ۽ پرتن کي ڳالھائڻ، سوچڻ، سَوال ڪرڻ ۽ حق گُھرڻ جي اجازت ۽ نمائندگي ھُجڻ گُھرجي. شاگرد پڻ سماج جي ھڪ اھڙي اھم ۽ نرالو پرت آھن جن کي ڀرپور نمائندگي ملڻ گھرجي، جيئن ھُو سماج اندر تخليقي ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري سگھن. ڪنھن بہ فرد کي غلام بڻائي کائنس ھر ڳالھ اکيون ٻوٽي قبول ڪرائيندي ڪو ڪم وٺبو تہ اُھو غير تعميري ۽ وقتي ھُوندو. جيڪڏھن سماج کي ترقي ڪرڻي آھي تہ پوءِ ان کي سوچيندڙ ۽ سوال ڪندڙ ذھن کپن نڪي غلام ذھن.

اِھو انتھائي ضروري آھي تہ شاگردن کي پنھنجي تعليمي ادارن اندر يونينز (Unions) ۽ سنگتن (Associations) جي صُورت ۾ پنھنجي ڳالھ رکڻ جو حق ھجي، شاگردن کي اھو حق حاصل ھجڻ گھرجي تہ ھُو طبقاتي، رجعت پسند ۽ غير سائنسي تعليم جي مخالفت ڪن، جديد ۽ غير طبقاتي تعليمي نظام جي گُھر ڪن، کين حق حاصل ھُئڻ گھرجي تہ ھُو پنھنجي تعليمي اداري ۾ درپيش سمورن مسئلن تي سوال اُٿاريندي اُنھن کي حل ڪرڻ جو مطالبو اڳيان رکي سگھن. اھڙا حق کين نمائندگيءَ جي چُونڊ ۽ اُن ذريعي پاليسي ساز ادارن ۾ پنھنجي ڳالھہ رکڻ ذريعي مُيسر ٿي سگھن پيا. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي تہ پاڪستان اندر وڏي عرصي کان اُھو بنيادي حق شاگردن کان جبري طور کسيو ويو آھي. جنھن سبب مُلڪ جا سمورا شاگرد ھڪ طرف انيڪ مسئلن کي برداشت ڪري رھيا آھن ۽ ٻئي طرف تخليقي ذھن پيدا ٿيڻ بجاءِ غلام ذھنن جي وڏي پئماني تي ڀرتي ٿي رھي آھي، جنھن سبب ملڪ جو ھر شعبو ترقي بجاءِ جُڳاڙ، نااھلي، وڏيراشاھي، ڪرپشن ۽ ٻين بُراين جي ور چڙھي رھيو آھي. نتيجي ۾ مجمُوعي طور سماج اڳتي وڌڻ بجاءِ جھالت جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي ۽ نئين روشني جو ڪو بہ ڪرڻو نظر نٿو اچي. ڇو تہ جنھن مُلڪ ۾ 65 سيڪڙو کان مٿي آبادي نوجوانن جي ھُجي ۽ اُنھن کان ئي سياسي نمائندگي کسيندي سندن ذھنن ۾ غُلاميءَ جا نظريا پوکيا وڃن تہ اُھو سماج ترقي بجاءِ تنزلي/تباهيءَ ڏانھن ئي رُخ ڪندو.

مُلڪ اندر شاگرد يونين يا شاگرد سياست جي تاريخ تي غور ڪبو تہ ھر دور جي ظُلم ۽ جبر خلاف ٿيندڙ عوامي مزاحمت يا سياست ۾ نوجوان شاگردن جو نمايان ڪردار نظر ايندو. ورھاڱي کان پھريان بہ شھيد ڀڳت سنگھ، شھيد ھيمون ڪالاڻي ۽ ھشو ڪيولراماڻي جھڙن بُردبار نوجوانن جي اڳڀرائي ۾ شاگردن ننڍي کنڊ جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ مُنفرد ڪردار ادا ڪيو، جنھن ۾ نوجوان ڀارت سَڀا ۽ آل انڊيا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جھڙيون شاگرد تنظيمون شامل رھيون. ورھاڱي کانپوءِ پاڪستان جھڙي بيٺِڪيتي (Colonial) اَصُولن تي ھلندڙ رياست اندر ساڳيو ظُلم ۽ ڏاڍ برقرار رھيو، جنھن خِلاف مزاحمتي تحريڪون پڻ جاري رھيون. 1950ع ۾ ڪراچيءَ اندر ملڪ جي مختلف ترقي پَسند نوجوانن پاران ڊيموڪِريٽڪ اِسٽُوڊنٽس فِيڊريشن (DSF) جي نالي سان مُلڪ گِير ترقي پسند شاگرد تنظيم جو بنياد وڌو ويو، جنھن تعليمي ادارن ۾ فين جي واڌاري ۽ تعليمي نظام جي خرابيءَ جھڙن بنيادي مسئلن خلاف ڀرپور جدوجھد ڪرڻ سميت ملڪ اندر سامراجي پاليسين ۽ مٿين طبقي جي ظُلمن خلاف ھلندڙ پورھيت مزاحمتن جو پُڻ ساٿُ ڏنو. 07 جنوري 1953ع جو ڏينھن مُلڪ جي شاگرد جدوجھد جي تاريخ ۾ سُنھرن اکرن سان لکيو وڃي ٿو، جڏھن ڪراچيءَ جي روڊن تي ڊي ايس ايف جي مزاحمتي شاگردن جو قتل عام ڪندي وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون ويون. اُنھي عوامي ۽ شاگرد جدوجھد کان خوف کائيندي، شاگردن تي بغاوت جو الزام مڙھيندي، رياست ڊي ايس ايف ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي پابندي مڙھي ڇڏي.

پر شاگردن ٿورڙي عرصي بعد نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (NSF) جي شڪل ۾ ھڪ دفعو ٻيھر ترقي پسند ۽ وطن دوست سياست کي جاري رکيو ۽ مُلڪ اندر ون يونٽ، فوجي آمريت ۽ ٻين شاگرد ۽ پورھيت دشمن منصوبن ۽ قُوتن خلاف آواز اُٿاريو. اوڀر پاڪستان (بنگال) اندر پڻ ٻوليءَ جي حق واري تحريڪ ۾ شاگردن لازوال قربانيون ڏنيون جن کي ھر سال ٻوليءَ جي عالمي ڏھاڙي تي لازمََ ڳايو وڃي ٿو. ساڳئي وقت ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽش فيڊريسن(JSSF) ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن(SNSF) جھڙيون ٻيون شاگرد تنظيمون پڻ آمِريت جي ڏاڍ خلاف ميدان عَمل ۾ رھيون. اِسڪندر مرزا کان ويندي جنرل ضياءِ جھڙن عوام جي قاتلن خلاف شاگرد يونين جھڙي مظبُوط اداري جي صورت ۾ شاگردن نہ صرف تعليمي ادارن جي مسئلن کي مُنھن ڏنو پر اُنھي رياستي جبر مُخالف جَمھوريت جي بحاليءَ وارين عوامي تحريڪن ۾ پڻ ڀرپُور ڪردار ادا ڪيو. جنرل ايُوب خان جھڙي آمِر کي پنھنجي عھدي تان لاھڻ ۾ پڻ شاگردن جي تحريڪن جو وڏو ڪردار رھيو، جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران ھلايل 04 مارچ 1967ع واري تاريخي شاگرد جدوجھد جو وڏو ڪردار رھيو، جنھن ڏينھن کي اڄ بہ ملڪ اندر شاگردن جي جدوجھد واري تاريخ ۾ ”مزاحمتي ڏھاڙي“ طور ڏٺو وڃي ٿو ۽ ھر سال ان ڏينھن جي ياد ۾ فڪري ويھڪون ۽ ريليون منعقد ڪيون وڃن ٿيون. بنگال جي آزاديءَ ۾ جتي مختلف عوامي قوتن پاڻ ملھايو اُتي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي بھادر شاگردن پڻ آزاديءَ خاطر پنھنجون قربانيون ڏنيون. ويندي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پڻ شاگرد تنظيمون، عوامي قوتن سان ڪُلھو ڪُلھي ۾ ملائي بيٺِيون رھيون. شھيد نظير عباسي ۽ اُن جھڙا ٻيا انيڪ لازوال ڪردار پڻ اھڙين شاگرد تحريڪن جي پيداوار آھن.

ڏٺو وڃي تہ ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي ٿيندڙ ظُلمن، فوجي آمريتن ۽ نامنھاد جمھوري حُڪومتن جي ڏاڍَ واري دور ۾ تعليمي ادارن اندر ھاسٽلن اندر پيئڻ جي صاف پاڻي جھڙن بنيادي مسئلن کان ويندي پورھيتن ۽ مظلوم قومن جي سمورن سوالن تي شاگرد ھميشه اڳڀرا رھيا، جنھن ۾ شاگرد يونين جو موجود ھُجڻ انتھائي ڪارائتو ھٿيار ثابت ٿيو آھي. شاگرد يونين جي موجُودگيءَ سبب انيڪ تخليقي ۽ ترقي پسند ذھنن جنم ورتو جن ملڪ جي جمھوري ۽ مزاحمتي سياست ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. اُنھي شاگرد يونين جي ترقي پسند ۽ جبر مخالف ڪردار کان تنگ ٿيندي ۽ شاگردن جي سياسي ۽ عوامي قوتن سان مظبوط اتحاد کي ٽوڙڻ خاطر جنرل ضياء الحق پاران فيبروري 1984ع ۾ شاگرد يونين تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ۽ ملڪي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو شاگرد، آمريت ھٿان پنھنجي جمھوري نمائندگيءَ واري حق کان محروم ٿي ويا. رياست ھٿ وٺي اقتداري ڌُرين جي پُٺڀرائي سان مذھبي ۽ لِساني بنيادن تي سياست ڪندڙ رُجعت پسند شاگرد تنظيمن ذريعي شاگردن اندر جھيڙي ۽ ھٿيار ڪلچر کي متعارف ڪرايو. ھڪ آمر پاران جهيڙن جي ھٿرادو پيدا ڪيل سبب کي بھانو ڄاڻائيندي شاگردن کان سندن بنيادي انساني حق کسيو ويو.

شاگرد يونين جي بَندش کان پوءِ شاگردن کي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي انتظامِڪارين ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن بہ قسم جي جمھوري ۽ سياسي نمائندگي نہ ڏني وئي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ تعليمي ادارن اندر شاگرد دشمن قوتن کي کُلي ڇُوٽ ملي وئي آھي تہ ھُو جيئن چاھن ائين فيصلا ڪن. پابندي کان پھريان شاگردن جا چُونڊيل نمائندا تعليمي ادارن جي فيصلا ساز ادارن (Syndicates) ، نظم و ظبط جي ڪميٽين (Disciplinary Committees) ، نصاب تيار ڪندڙ بورڊن (Curricullum Designing Boards) ، ھاسٽل ۽ ڪينٽين جي سنڀال وارين ڪميٽين (Hostel & Cafetaria Management Committees) جھڙن ادارن ۾ شامل ھُوندا ھيا. جنھن سبب اُنھن ادارن ذريعي شاگردن جا بنيادي سوال ۽ مسئلا اُٿاري سگھبا ھيا ۽ پرامن نموني سان اھي حل بہ ڪرائي سگھبا ھئا. شاگرد يونين جي موجودگي ۾ تنقيدي ۽ تخليقي شاگرد پيدا ٿيندا رھيا جيڪي يونين جي بندش کان پوءِ غلام ذھنيت ۽ حڪمران ٽولي ھٿان يرغمال ٿيڻ لڳا. افسوس جھڙي ڳالھ آھي تہ تعليمي ادارن ۾ سڀ کان وڌيڪ شاگرد ئي آھن جن جي ڪري ادارا ھلي سگھن ٿا پر انھن کان ئي پنھنجي سوالن ۽ اعتراضن کي اٿارڻ وارو حق کسيو ويو آھي.

يونين جي بندش جي نتيجي ۾ اڄ تعليمي ادارن ۾ ڪرپشن، آفيسر شاھي ۽ غير سائنسي، رجعت پسند ۽ طبقاتي اڻبرابريءَ واري نصاب ۽ نظام جھڙا انيڪ مسئلا موجود آھن. تعليمي ادارن جي وائس چانسلرز، ھاسٽلن جي پرووسٽن ۽ ڪاليجن جي پرنسپالن کان ويندي پٽيوالن تائين، جنھن بہ آفيسر کي جھڙو بہ شاگرد دشمن فيصلو وٺڻو آھي اُھو بِنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي اھڙو فيصلو وٺي ٿو ۽ اُھو شاگردن تي جبري طور مڙھيو وڃي ٿو. فيُن ۾ واڌاري ۽ نجڪاري جھڙا فيصلا ان جا تازا ۽ چٽا مثال اسانجي سامھون آھن. اڄ تعليمي ادارن جي حالت اھڙي بڻائي وئي آ جو غريب طبقي سان لاڳاپيل ڪو بہ شاگرد اُنھن ۾ داخلا وٺڻ کان قاصِر آھي ۽ جيڪڏھن ڪنھن مناسب فِيس واري يا سرڪاري اداري ۾ وڏي جاکوڙ ڪري پڙھڻ لاءِ وڃي بہ ٿو تہ اُتي استادن جي کوٽ، غير معياري تعليمي نظام ۽ ٻين انيڪ بنيادي سھولتن جي کوٽ جھڙن مسئلن کي کيس مُنھن ڏيڻو پوي ٿو. جڏھن ڪي بہ تنقيدي ۽ تخليقي نوجوان شاگرد انھن سمورن مسئلن تي ڪا تنظيم يا ڪو اتحاد جوڙين ٿا يا ڇڙوڇڙ انداز ۾ انھن مسئلن خلاف آواز اٿارين ٿا تہ کين شاگرد يونين تي پابندي ۽ ادارن اندر انتشار ۽ بغاوت ڦھلائڻ جھڙن الزامن ھيٺ ڪوڙن ڪيسن ۽ شوڪاز نوٽيسن ذريعي ماٺِ ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ٿي وڃي.

تاريخِي اَعتبار کان ڏٺو وڃي تہ انساني معاشري ۾ اَھڙيون انيڪ ناڪام ڪوششون ٿيون آھن جڏھن حقَ ۽ سچَ جي آواز کي ڪُوڙ ۽ ڏاڍ جي ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. پر اُن سَڀ جي باوجود سماج جي سوچيندڙ ذھنن ۽ مظلوم ماڻھن ھميشه پنھنجي حقن خاطِر خوفَ ۽ جبَر جي ديوارن کي ٽوڙي، ڀرپور مزاحمت سان پنھنجي حقن کي حاصل ڪيو آھي. انساني سماج جي سموري تاريخ طبقاتي ڇڪتاڻ جي تاريخ ئي رھي آھي جنھن ۾ سَدائين محڪُوم ۽ مَظلوم طبقي جي ماڻھن پنھنجي صِفن کي نئين سِر مُنظم ڪندي مزاحمتي تحريڪون اُڀاريون آھن ۽ وقت جي ظالم ۽ حاڪم طبقي کي شِڪست ڏني آھي، جيڪا جنگ اڄ ڏينھن تائين جاري آھي. پاڪستان اندر پڻ شاگرد يونين تي پابندي خلاف شاگردن ٻيھر مُنظم ٿيندي جنگ جوٽِي ۽ انيڪ مِثالي ڪاميابيُون پُڻ حاصل ڪيون آھن. شاگرد يونين تي پابنديءَ جي باوجود ترقي پسند ۽ وطن دوست قُوتن شاگردن کي پنھنجن مسئلن تي گڏ ڪندي شاگرد ۽ عوام دُشمن قوتن خلاف جدوجھد جو عَلَم اُوچو ڪيو آھي.

اُھا پُڻ تاريخ جي سِتم ظريفي آھي جو جنرل ضياءِ جي آمريت کي ختم ٿيندي اڄ 41 سال گُذري چُڪا آھن پر ڪنھن بہ نامنهاد جمھوري حڪومت شاگردن جي ان جمھوري حق کي بحال ناھي ڪيو. اُھا پيپلز پارٽي جي حڪمراني ھجي يا نُ ليگ يا وري تحريڪ انصاف جو حڪومتي دور ھُجي، ڪنھن بہ حڪمران ٽولي تعليم دوست پاليسين يا شاگرد يونين کي اوليت ناھي ڏني. اُن سميت ملڪ جي اعلي عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پڻ 1993 جي ھڪ فيصلي ۾ شاگرد يونين تي پابنديءَ کي قانوني قرار ڏيندي شاگردن جي حقن جي لتاڙ ڪئي، جڏھن تہ مُلڪ جي آئين جو آرٽيڪل 16 ۽ ٻيا ڪُجھ قانون رياست جي ھر شھري کي ايسوسيئيشن ٺاھڻ سميت نمائندگي جي اجازت ڏين ٿا. اُن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ اُھي جمھوريت ۽ آزاد عدليہ جو راڳ آلاپيندڙ قُوتون پڻ ساڳئي آمريتي پاليسين تي ھلندي مزاحمتي آوازن کي دٻائڻ جون قائل رَھيون آھن. پر ترقي پسند ۽ وَطن دوست قُوتن ڪڏھن بہ اُنھن اڳيان ماٺ رھڻ جو ڪلمو ناھي ڀريو ۽ سدائين انھن سان ھر ميدان تي ڀرپور جھيڙيو آھي. حڪمران ٽولي سدائين شاگردن کي سپاف، جميعت ۽ ٻين غير سياسي ڪائونسلن جھڙن شاگرد دشمن ۽ حڪمران دوست گروھن ھٿان يرغمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر ترقي پسند ۽ مظلوم دوست شاگردن ھميشہ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندي ظالم حڪمرانن ۽ اِنتظاميائن خلاف حقيقي سياسي قوتن جو ساٿ ڏنو آھي.

مُختلف ترقي پسند ۽ وطن دوست شاگرد تنظيمن جي سَگھارين مزاحمتي تحريڪن جي نتيجي ۾ 2019 ۾ حمڪران ٽولي مجبور ٿي گوڏا کوڙيا ۽ صرف سنڌ اندر شاگرد يونين جي اڻ پوري بحالي ڪئي وئي، جڏھن تہ ملڪ جي ٻِين قومن اندر اڄ تائين ضيائي آمريت وارو فيصلو برقرار آھي. حقيقت اُھا آھي تہ جيڪو يونين بحالي وارو بل 2019 ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪيو ويو، اُن ۾ جنھن شاگرد يونين کي بحال ڪيو ويو، ان ۾ شاگردن کي ڪنھن بہ قسم جا سياسي ۽ اصولي اختيار ناھن ڏنا ويا، صِرف نالي ماتر ۽ شاگردن جي مزاحمتي تحرُڪَ کي ماٺيرو ڪرڻ لاءِ اھڙي اڻ پوري بحالي ڪئي وئي.ان بحاليءَ کي بہ پنج سال مڪمل ٿيڻ وارا آھن پر هن مهل تائين ان ۾ ڪا بہ اڳڀرائي ناھي ٿي ۽ شاگرد پنھنجي بنيادي ۽ جمھوري نمائندگيءَ کان محروم آھن. اڄ بہ تعليمي ادارن ۾ مَزاحمتي شاگرد تنظيمن ۽ شاگرد سياست ڪرڻ تي اڻ اعلانيل پابندي پيل آھي ۽ جڏھن بہ شاگرد ڪنھن مسئلي تي ڳالھائڻ يا جدوجھد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ کين مختلف ھٿڪنڊن ذريعي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

اڄ اَسان جي سامُھون صُورتحال وڌيڪ واضِع ۽ چِٽي ٿي بيٺي آھي، ظُلم ۽ جَبر جا ذريعا پنھنجي پاڻ کي پاڻ ئي نروار ڪري بيٺا آھن. ملڪ اندر غُربت، جَھالت، بيروزگاري، اِنتھاپَسندي، وَسيلن جي لُٽمار، جَبر ۽ ڏاڍِ عُروج تي آھن. مُلڪ جو مظلوم عوام ڪارپوريٽ فارمنگ، سامراجي مالياتي ادارن جي غلامي، ماحولياتي تباھي، وسيلن جي لُٽمار، نجڪاري ۽ مزاحمتي آوازن کي ڪُچلڻ جھڙن انيڪ مسئلن کي مُنھن ڏئي رھيو آھي. سرڪاري تَعليمي ادارن کي تباھ ڪندي تعليمي ادارن کي ھٿ وٺي نِجڪاري طرف ڌِڪيو ويو آھي. اڄ تعليم کي مَھانگو ڪندي اُن کي غريب طبقي جي شاگرد جو لاحاصِل خواب بڻايو ويو آھي. تعليمي ادارن ۾ ھِراسميٽ، غير سائنسي، رجعت پسند ۽ غير معياري تعليمي نظام ۽ نصاب مڙھيل آھي. قابليت جي لتاڙ، ھر تعليم ۽ روزگار ڏيندڙ شعبي جو بُنيادي اُصول ٿي پيو آھي. ملڪ اندر شاگردن جي تخليقي ۽ تنقيدي قابليتن کي انفراديت پسند ۽ بئنڪاري تعليمي سرشتي ذريعي چِيڀاٽيو ويو آھي. نوجوانن کي مَجبور ڪيو ويو آھي تہ ھُو سماج جي مجموعي ترقي بجاءِ انفرادي ترقيءَ لاءِ ھڪ ٻئي جي حقن جي لتاڙ ڪن ۽ حڪمرانن جي لُٽ مار ۾ سندن ساٿ ڏين.

اُھي سَمورا مسئلا ڪِٿي نہ ڪٿي شاگرد يونين جي بندش ۽ طبقاتي تعليمي سرشتي سبب ئي موجود آھن. ھڪ طرف سرمائيداراڻين پاليسين تحت عوام ۽ شاگرد دشمن فيصلا ڪيا ٿا وڃن تہ ٻِئي طرف شاگرد سياست ۽ عوامي مزاحمتن تي پابندي مُڙھيندي سياسي ۽ مزاحمتي آوازن کي دَٻايو وڃي ٿو. اڄ ضرورت آھي تہ ترقي پسند ۽ وطن دوست شاگرد تنظيمون مُنظم ٿين، پنھنجُون نظرياتي ۽ عملي صِفون دُرست ڪن ۽ ھڪ مظبوط اتحاد جي شڪل ۾ پنھنجي شاگرد يونين واري بنيادي حق لاءِ ٻيھر سگھارو آواز بُلند ڪن. گڏوگڏ ضرورت آھي تہ تعليمي ادارن ۾ وڌندڙ شاگرد دشمن قوتن کي چِٽو ڪن ۽ اُنھن خلاف نظرياتي ۽ عملي جدوجھد ڪن. ھن وقت ڪنھن بہ مفاھمتي ۽ حڪمران ٽولي جي شاگرد دشمن گروھن کي تعليمي ادارن ۽ ٻين جڳھين تي وڌڻ نہ ڏين ۽ پنھنجي ترقي پسند ۽ شاگرد دوست اتحاد کي سگهارو ڪن. ضرورت ان ڳالھ جي بہ آھي تہ موجُودہ جبر ۽ ڏاڍ جي ڏانءِ کي وڌيڪ چِٽو ڪجي ۽ پنھنجي سياست جي پراڻن، جذباتي، پاپُولسٽ ۽ غير انقلابي طريقن جو تنقيدي جائزو وٺندي نئين سِر پنھنجن نظرياتي بنيادن کي بُختو ڪجي. ترقي پسند، وطن دوست ۽ انقلابي شاگرد سياست ئي اسان کي ھن طبقاتي تعليمي نظام ۽ سامراجي ڏاڍ کان بچائي سگھي ٿي.

Previous Post Next Post