ھڪ حَقِيقي، دَردناڪ ۽ جِيءُ جھورِيندڙ ناول جنھن دُنيا کي اَفغانستانُ طَرف مائِل ڪَيو! ـ وفا وسيم

خالِد حُسيني ھڪ مَشھُور افغاني-آمرِيڪن لِيکڪُ آھي جنھن جا ڪِتاب پڙھندڙن کي جھورِي وِجھندا آھن. ھُن جو ڪِتاب The Kite Runner عالِمي طور تي بَھترِين وِڪرو ٿيندڙ (International Best-Seller) رھِي چُڪو آھي جنھن نہ صِرف افغانستان کي ھڪ الڳ سُڃاڻپ ڏِني، پر ڪِيترائي اِيوارڊ پِڻ ماڻيا. (پاڻ اُنھي ڪِتاب تي اڳ ۾ لِکي چُڪا آھيون). ھِن ڪتاب A Thousand Splendid Suns ۾ خالد حُسيني افغانستان جا جنگي مَنظَر پيش ڪندي عورتن جي زندگي جي اِھڙي تہ عڪاسي ڪئي آھي جو شايد ئي ڪو پٿر دِل اِنسان ھُجي جيڪو پڙھندي روئي نہ ڏِئي! خالد حُسيني جي لِکڻين ڪيترن ئي وڏن ماڻھن، تَنظِيمن ۽ اِدارن کي افغانستان اچي ڪم ڪرڻ تي مَجبور ڪيو، ۽ اڄڪلھہ ھو اُتي پناہ گِيرن لاءِ اقوامي متحدہ جي ھاءِ ڪميشن (United Nations High Commission For Refugees) ۾ خاص سَفِير طور ڪم ڪري رھيو آھي.

ھِي ناول اصل ۾ مريم (Mariam) نالي ھڪ ڇوڪريءَ جي دردناڪ ڪھاڻي آھي جيڪا افغانستان ۾ پيدا ٿئي ٿي، ننڍي عمر ۾ ھڪ وڏي شخص راشد (Rashid) سان پرڻائي وڃي ٿي ۽ آخر ۾ پنھنجي اُنھي مُڙس کي مارڻ جي ڏوھہ ۾ طالبانن ھٿان ماري وڃي ٿي. ناول ۾ ٻيو اھم ڪردار ليليٰ (Laila) جو آھي جيڪا لفظي طور مريم جي ڌيءُ آھي پر ھوندي اصل ۾ مريم جي مُڙس جي ٻي زال آھي! ھي سڄو ناول اُنھي ماءُ—ڌيءُ (Mother—Daughter) جي رشتي تي ٻَڌل آھي جنھن ۾ افغانستان جو سياسي، سماجي، تاريخي ۽ جنگي پسمنظر پيش ڪيو ويو آھي.

ڪِرادار، رِشتا ۽ احساس. . .

ناول جي شروعات ئي لفظ ’حرامي‘ سان ٿئي ٿي جيڪو مريم کي تڏھن چيو وڃي ٿو جڏھن ھو اڃا 5 سالن جي ھوندي آھي. کيس خبر ئي ناھي ھوندي تہ حرامي ڇا کي چيو ويندو آھي. اصل ۾ مريم کي پنھنجي ماءُ ئي حرامي چوندي آھي (لفظ ’حرامي‘ مريم کي سَڄي عُمر کائيندو رھندو آھي) اُنڪري جو ھو ناجائز طريقي سان پيدا ٿئي ھُئي. ليکڪ لِکي ٿو تہ ’’ٻار ڪڏھن بہ حرامي ناھي ھوندو. حرامي اُھي ماڻھو (والدين) ھوندا آھن جيڪي اُنھي ٻار کي پيدا ڪن ٿا!‘‘ دراصُل مريم جي ماءُ جليل (Jalil) نالي ھڪ شاھوڪار شخص (جنھن کي اڳي ئي ٻہ زالون ۽ ڪيترائي ٻار ھوندا آھن) وٽ نوڪرياڻي ھوندي آھي جتي کيس ناجائز طريقي سان حَمَلُ (Pregnancy) ٿئي ٿي. جليل پنھنجي گھر وارن توڙي ٻين ماڻھن کان بچڻ لاءِ اُنھي نوڪرياڻي (جنھن کي مريم پيدا ٿئي ٿي) کي شھر کان پري ھڪ ننڍڙو گھر ٺاھي ڏئي ٿو جتي ھو ھفتي ھفتي چڪر پيو ھڻندو آھي. مريم پنھنجي پيءُ جليل سان بيحد پيار ڪندي آھي جڏھن تہ ماءُ کيس چوندي آھي ’’تُنھنجو پيءُ ذليل قسم جو شخص آھي‘‘ ۽ اُھو تہ ’’ھِن دُنيا ۾ مون کان سواءِ تُنھنجو ڪير بہ ڪونھي!‘‘ ڪيترائي ڀيرا روڪڻ باوجود ھڪ ڏينھن مريم پنھنجي پيءُ سان ملڻ شھر ھلي ويندي آھي، نتيجي ۾ سندس ماءُ چيل لفظن مطابق خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي! پوءِ مريم کي پيءُ پنھنجي اصُل گھر وٺي اچي ٿو ۽ ٻِنھي زالن جي چوڻ تي جلد ئي ھُن کي راشد (Rashid) نالي ھڪ وڏي عمر جي شخص سان پرڻائي (کپائي) ڪابُل شھر ڏانھن موڪلي ڇڏي ٿو جڏھن ھو اڃا 15 سالن جي بہ ناھي ھوندي. مريم پنھنجي پيءُ کي اُھو عمل روڪرائڻ لاءِ ڪيتريون ئي منٿون ڪندي آھي، پر ھو ھڪ بہ ناھي ٻُڌندو. کيس ماءُ جا چيل اُھي لفظ ياد ايندا آھن تہ ’’ھِن دُنيا ۾ مون کان سواءِ تُنھنجو ڪير بہ ڪونھي.‘‘ مريم جو مڙس راشيد (عمر 45 سال) ڪابُل شھر ۾ ھڪ موچي (Shoemaker) ھوندو آھي ۽ ھُن تي وڏا وڏا ظلم پيو ڪندو آھي. ڪيترن ئي سالن تائين اُنھن کي ڪوبہ اولاد ناھي ٿيندو.

ڪابُل شھر ۾ ھڪ ٻيو پڙھيو-لِکيو گھراڻو ھوندو جيڪو طالبانن جي جنگ دوران راڪيٽ بَم لڳڻ سبب تباھہ ٿي وڃي ٿو. اُنھي گھر مان ليليٰ (Laila) نالي ھڪ 16 سالن جي ڇوڪري کي مريم ۽ سندس مُڙس راشد بچائي گھر وٺي اچن ٿا. راشد موقعي جو فائدو وٺندي اُنھي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ تي ضِد ڪري ٿو. ڇوڪري بہ بي-وسي، جنگي ماحول ۽ پيٽ ۾ ٻار ھُجڻ (ليليٰ جي پيٽ ۾ طارِق نالي ھڪ شخص جو ٻار ھوندو آھي جنھن جو راز ھو ڪنھن کي ٻُڌائڻ ناھي چاھيندي) شادي لاءِ راضي ٿي ويندي آھي. اصُل ۾ ليليٰ طارق (Tariq) سان شادي ڪرڻ واري ھُئي جو جنگي ماحول جي ڪري ھو پاڪستان ھليو ويندو آھي، ۽ کيس ٻُڌايو وڃي ٿو تہ ھو رستي ۾ طالبانن ھٿان مارجي ويو آھي. شروع ۾ مريم ليليٰ سان بيحد نفرت ڪري ٿي، پر راشد جو ظُلم ٻِنھي کي ويجھو ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿو. ايتريقدر جو ٻِنھي ۾ ماءُ—ڌيءُ (Mother—Daughter) جو رشتو ٺھي پوندو آھي ڇاڪاڻ جو ھاڻي مريم جي عُمر 35 سال ۽ ليليٰ جي عمر 16-17 سال ھوندي آھي. ھڪڙي ڏينھن ٻئي ڄڻيون افغانستان مان پاڪستان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، پڪڙجي پوَن ٿيون، ۽ راشد ٻِنھي کي وڏي مار ڏئي ٿو.

ليليٰ کي اُن وقت ٻہ ٻار ٿي ويندا آھن جڏھن ھُن کي طارق ملي ويندو آھي، جيڪو کيس ٻُڌائي ٿو تہ ھو اصُل ۾ پاڪستان ويل ھو، مَري ناھي ويو. ھو ٻئي ڄڻا چوري چوري ملڻ لڳن ٿا، جيڪا ڳالھہ جڏھن راشد کي خبر پوي ٿي تہ ھو ليليٰ کي اُڦَٽَ مارڻ چاھيندو آھي، جنھن کي بچائيندي مريم ڌڪ ھڻي راشد کي ماري وِجھندي آھي. مريم طالبانن وٽ پيش تي پنھنجو ڏوھہ قبول ڪندي آھي جنھن کي طالبان سزا طور ماري ڇڏيندا آھن، جڏھن تہ ليليٰ طارق سان گڏجي پاڪستان ھلي وڃي ٿي.

ڪيترن ئي سالن کانپوءِ، جڏھن حالات بھتر ٿين ٿا، ليليٰ واپس افغانسان اچي ٿي، ۽ پُڇا ڪندي مريم جي پُراڻي گھر وڃي ٿي جتي ھڪ شخص مريم جي نالي ھڪڙو کوکو (Box) پيش ڪري ٿو. اُنھي کوکي ۾ ڪجھہ پئسا ۽ ھڪ خط ھوندو آھي جيڪو مريم جو پيءُ جليل مريم لاءِ ڇڏي ويندو آھي. خط ۾ لکي ٿو ’’مريم، مون کي معاف ڪجان!! توکان پوءِ مُنھنجو سڀ ڪُجھہ ختم ٿي ويو. . . . مُنھنجو ڪاروبار تباھہ ٿي ويو، مُنھنجي پُٽن، زالن، ۽ سڀني گھر وارن کي طالبانن ماري ڇڏيو. . . مون ڪيترائي ڀيرا توسان مِلڻ چاھيو، پر ڪھڙي مُنھن سان مُنھن کڻي اچان. . . مون توسان وڏو ظُلم ڪيو، ۽ اُن کان وڌيڪ مونکي زندگي ۾ سزا ملي آھي. . . بس مونکي معاف ڪجان. . .‘‘!! خط جا اُھي لفظ پڙھندي شايد ئي ڪو پٿر دِل ماڻھو ھُجي جيڪو روئي نہ ڏئي، ۽ وڏي ڳالھہ تہ ليليٰ اُھو خط تڏھن پڙھي رھي ھوندي آھي جڏھن مريم توڙي جليل ڪيترائي سال اڳ مري چُڪا ھوندا آھن!!

سياست، سماج، جنگ ۽ تاريخ

افغانستان کي The Buffering State of Aisa چوندا آھن، اُنڪري جو اُھو سدائين ميدانِ جنگ رھيو آھي، ۽ اُنھي جا حالات ڪڏھن بہ بھتر ناھِن رھيا. افغانستان مان اڃا برطانيان پنھنجا پير مس ئي ڪڍيا ھُئا تہ 1979 ۾ روس ڪاھہ ڪئي. وري 1991 ۾ جڏھن روس ھٿ ڪڍيو تہ افغانستان تي طالبان قابض ٿي ويا. طالبان اڃا ويٺا ئي ھُئا تہ 9/11 واري واقعي کانپوءِ 2001 ۾ آمريڪا افغانستان تي قابض ٿي ويو. ھاڻي جڏھن آمريڪا افغانستان کي ڇڏيو آھي تہ وري طالبان پڳ ٻَڌيو ويٺا آھن! طالبانن تي ڳالھائيندي ليکڪ ھڪ جڳھہ تي لِکي ٿو:

‘‘Meet our real masters’’ Rashid said. ‘‘Pakistani and Arab Islamists! The Talibans are puppets. These are the big players and Afghanistan is their playground.’’

ترجمو: ’’اسان جي حقيقي مالڪن سان مِلو‘‘ راشد چئي ٿو ’’پاڪستاني ۽ عرب اسلام پسند!‘‘ طالبان تہ گُڏا آھن. ھي ئي اصل وڏا رانديگر آھن، ۽ افغانستان اُنھن جي کيڏڻ جو ميدان آھي.‘‘

اڄ بہ افغانستان تي طالبان قابض آھن، ۽ اُنھن ڊانس توڙي موسيقي کان ويندي ڇوڪرين جي پڙھائي تائين پابندي لڳائي رکي آھي. عورتون تہ جيئري ئي قبر ۾ آھن. خالد حُسيني جي 365 پيجن ۽ 4-5 حصن تي مُشتَمِل ھِن ناول ۾ ڪيترائي اِھڙا جُملا، واقعا ۽ احساس آھن جن کي ھِتي ڪُجھہ لفظن يا سِٽن ۾ پيش نٿو ڪري سگھجي، خاص طور تي 1979 ۾ سوويت يونين (Soviet Union) جي فوجين جو حفيظ  کي ماري قابض ٿيڻ، ڪميونيٽ اڳواڻ نجيب  جي حڪومت، ۽ پوءِ اُنھي کي ماري طالبانن جو قابض ٿيڻ - کي پنھنجي ڪردارن ذريعي بھترين طريقي سان پيش ڪيو آھي، ايتريقدر جو ڪِٿي ڪِٿي روئڻ لاءِ اکيون ڀرجي اچن ٿيون.

Previous Post Next Post