اڙي جانا… ڊسمبر تون وري آئين…
ڊسمبر تون وري
آئين،
وري ھيءَ برفباري
آ،
وري ڪا يارو
ياري آ،
وري ڪا عشق
بازي آ،
وري ڪا شعر
و شاعري آ،
وري ڪي گھوٽ
گھائل ٿيا،
وري ڪي سونھن
سائل ٿيا.
وري ڪا ياد
تنھنجي جي وري موسم،
وري ڪا پيار
تنھنجي جي چري موسم،
وري ڪا ولھه
جي موسم،
وري ڪا باھ
جي موسم،
وري ڪا چاھ
جي موسم،
وري ڪا مڌ جي
موسم،
وري ڪا سڌ جي
موسم،
وري ڪا منڌ
جي موسم،
وري ڪا سنڌ
جي موسم سڏي ٿي پيئي،
اڏي ٿي پيئي
ڪي تنھنجي سڪ جا پکڙا،
اھا پر دل ته
اوڏن جو لڏو آھي.
جڏو آھي ھي
من توکان سواءِ او من…
حسن مجتبيٰ
ڊسمبر جو مھينو، اڪثر هوا ۾، اڻڄاتل
اداسي کڻي ايندو آهي. جيڪو مهينو
سيءَ سان گڏ، يادين
جو هڪ ڊگهو قافلو پڻ ساڻ کڻي ايندو آهي. جنهن جون اڪثر
راتيون تمام ڊگهيون ٿي پونديون آهن. جن
راتين جي خاموشي تمام گھري ھوندي آهي. اڪثر انهن خاموشين
پٺيان، دل اندر لڪل احساس جاڳي پوندا آهن. اهڙين
راتين منجھ، جڏهن هر شيءَ سڪتي ۾ جڪڙيل هوندي آهي، اتي تنهنجون يادون من اندر ۾، شور مچائينديون رھنديون آهن ۽ مان اڪيلو انهن يادن
سان ويهي ڳالهائيندي وقت گذاريندو آهيان. تنهنجي
ياد دل تي نرم، گهري لهر بڻجي لهندي آهي. سرد
هوا سان گڏ سندس، ھر سرلاٽ ۾، تنهنجو نالو پڻ ذهن ۾ گونجڻ لڳندو آهي. اھي
راتيون جيتريون ڊگهيون ۽ خاموش ٿي پونديون آهنڱ. تڏهن
رات جي هر پھر ۾، تو محبوب جي موجودگيءَ
جو احساس جاڳي پوندو آهي. ھر پل تنهنجي
موجودگيَ جو احساس ھڪ عجب، گرمي پڻ محسوس
ڪرائيندو آهي. ظاهري
ته ڊسمبر جو سخت سيءَ، جسم کي ڇهندو
پيو آهي پر گڏ محبوب جي ياد سڌي دل تائين پهچي ويندي آهي ۽ ھر
سرد رات کي پنهنجو الڳ رنگ ڏئي ڇڏيندي آهي. يادن
سان ڀرپور، اھڙين سرد رات جو منظر عجيب هوندو آهي. جنهن
۾ اڪثر چنڊ جي روشنيَ ۾، کليل آسمان
هيٺ، تارن جي هلڪي ٽم ٽم ۽ هوا ۾ ٿڌ جو نرم ڇهاءُ، دل کي وڌيڪ حساس بڻائي رھيو ھوندو آهي. سرد
راتين جي ان خاموشي منجھ، ذهن ھڪ اھڙي گرميءَ
جي ڳولا ۾ گم هوندو آهي جيڪا شايد تنهنجي
موجودگيءَ سان ئي ممڪن ٿي سگھندي ھجي. جتي
ڊسمبر جو سيءَ، جسم کي ٿڌو ڪري رھيو ھوندو
آهي، اتي تنهنجون يادون روح کي ساڙي رھيون ھونديون آهن.
محبوب، تون شايد نٿو ڄاڻين ته
تنهنجيون يادون مون لاءِ ڪنهن موسم جيان ئي آهن. ڪڏهن
ٿڏي، هير جيان جيڪا
دل کي سڪون ڏئي رھي ھجي ته ڪڏهن وري واچوڙي
وارين هوائن وانگر جيڪي هر سوچ کي اڏائي ڇڏينديون
ھجن. ڊسمبر ۾ اهي يادون وڌيڪ ضديريون ٿي پونديون آهن. گذرندڙ
ھر گھڙي ۽ گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ هر خاموش پھر تنهنجي
ئي نالي سان ڳنڍيل لڳندو آهي. ان
اڪيلائي ۾ تون مڪمل وجود
سان منهنجي ڀر ۾ محسوس ٿيندي آهين. پر سھڻا محبوب توکي
خبر ھئڻ کپي ته اھا
اڪيلائي ڪو اڪيلو اجنبي احساس ناهي. پر
اھا ساڳي اڪيلائي، مونکي ڀڃي ڀور
به ڪريو ڇڏي. جڏهن اڪيلائي
۾ تڏهن تنهنجي ڳالهين ۽ انداز جا ٽڪر ۽ منظر توڙي تنهنجا ٽھڪ ۽ خاموش نظرون دل
جي پردي پٺيان ھلڻ لڳنديون آهن. جيتوڻيڪ ائين
اڪيلائي ۾ توکي ياد ڪرڻ ڪنهن چڀندڙ
درد جيان ضرور آهي پر ڪنهن حسين موسيقي جي
ڌن کان گھٽ به ڪونهي. جيڪا دل کي اداس ته ڪري
ٿي پر سازن کان خالي نٿي ڇڏي. اھا ڌن مونسان
ڪچھريون ڪندي پئي ٻڌائيندي آهي ته محبت
شايد موجودگيءَ جو نالو ئي ناهي. محبت، نالو ئي
محبوب جي ياد جو آهي. اگر
ائين نه هجي ها, ته پوءِ ڊسمبر جي هن سرد رات ۾، تون ائين, ايتري
شدت سان منهنجي دل ۾ موجودگي جو احساس ڏيندڙ
نه هجين ها. تنهنجي اڪيلائي
۾ ايندڙ ياد ئي مون کي اهو سيکاري ٿي
ته محبت فاصلن سان ڪڏهن به ختم نٿي ٿئي، پر
وڌيڪ گهري ضرور ٿي پوي ٿي. روز نه يا هر
اڻپورو پل، محبت کي ھڪ نئون ۽ خوبصورت رنگ پڻ ڏئي ٿو.
ھر رات جي پوئين
پهر ۾، جڏهن سڀ آواز خاموش ٿي پوندا آهن، تڏهن ھڪ تنهنجو نالو ئي پيو دل ۾ گونجندو رھندو آهي. تڏهن
مان دريءَ منجھان ٻاھران
گذرندڙ ٿڌي ماڪ ۽ ويران گهٽين منجھ، تنهنجي قدمن
جي آھٽ محسوس ڪرڻ جي ڪندو آهيان. تنهنجي قدمن
جا اھڙا وھم به منهنجيا ڪيلائي ۾، بھترين ساٿي بڻجي پوندا آهن ۽ گڏ تنهنجي يادن جون، هڪ عجيب سڪون ميسر ٿيندو آهي. جيڪو
سڪون، ڪنهن نعمت کان گھٽ ناھيان ڀائيندو. مان
تنهنجي نه هجڻ تي ڪا شڪايت به نٿو ڪريان، ڇاڪاڻ
ته تنهنجي ياد جو منهنجي ساٿي بڻجي پوي ٿي.
ضرور ڪا رات
ته، ڊسمبر جي آخري رات ۽ ڊسمبر ختم ٿيڻ واري رات به
ٿيندي. ھي سيءَ
۾ سٽيندڙ راتيون به نيٺ ختم ٿينديون. مگر ڇا ان کان
پوء تنهنجون يادون، باقي نه رھنديون...؟؟
محبوب تنهنجون
يادون، ڪڏهن نه ختم ٿيڻ جھڙيون آهن. انھن
جو ڳانڍاپو، موسم کان بلڪل آزاد آهن. ائين ئي
اڪيلائي به شايد وقت سان بدلجي وڃي, پر پاوجود ان
جي, اڪيلو مان هميشه تنهنجي نالي سان جڙيل رهندس. تنهنجي
محبت، من ۾ گهر ڪري ويهي رھي آهي. جنهن
کي ميسارڻ نه منهنجي وس ۾ آهي، نه ئي اھڙي منهنجي سگھ.
مان ڪڏهن به
تو کان جدا ناهيان. تون مون لاءِ، منهنجي زندگيءَ جي هڪ اھڙي ڪهاڻي بڻجي ويو آهين، جيڪا هر سال نئين شدت سان ورجائجي پئي ۽ مان خاص هر ڊسمبر ۾، ساڳئي شدت، محبت
۽ ساڳئي اڪيلائيءَ ۾، ساڳي آسمان
۽ تارن ڀري رات منجھ، ساڳي چنڊ سان
ساٿاري بڻجي، تنهنجي ياد کي دل سان لڳائي، جيئندو پيو اچان.

