عاصم آخوند: جنهن جي خوابن جو محور نئين ۽ جديد سنڌ ھئي ـ نثار لغاري

ڪي فڪري دوست توهان جي زندگي تي گهرا نقش ڇڏي ويندا آھن، انهن دوستن ۾ اسان جو هڪ دل گهريو دوست ۽ استاد ڪامريڊ عاصم آخوند بہ هو، سندس بابت لکڻ منهنجي زندگي جو هڪ افسوس ناڪ باب آھي ڇو تہ هڪ مخلص دوست ۽ هڪ ئي وقت نظرياتي استاد تمام وڏا رشتا آھن.

مونکي تہ غم ۽ عشق جي گهري معنيٰ جي خبر ئي سندس موت کان پوءِ پئي، سندس موت جي خبر هڪ اهڙي گهري ضرب هئي جنهن سڀ ڪجهہ اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. مون پاڻ کي پولارن بليڪ هولس ۾ لڙڪيل محسوس ڪيو. هڪ پورهيت دوست، وطن دوست،  سنڌ دوست، انقلابي ساٿي عاصم آخوند جي موت جو صدمو اسان جي ڪاياپلٽ ڪري ويو.

عاصم جي موت جو صدمو ايترو گهرو آھي جو سندس جنم ڏينهن تي خوش ٿيڻ ئي اسان کي وسريو وڃي. ڪڏھن هڪ سٽ سندس لاءِ لکڻ مشڪل هوندو آھي، ڪڏھن دل چوندي آھي ساڻس گهاريل هڪ هڪ گهڙي کي ياد ڪري ايترو لکجي جو حقيقت افسانو بڻجي پوي، سچ پچ اڄ جي دور ۾ ھو افسانوي ڪردار ئي تہ هو. هو هڪ پل آيو ٻي پل هليو ويو، انهي واقعي تي ياد اچي ويو تہ هڪ هندستاني شاعر بہ لکيو آھي تہ آئون هڪ ٻہ پل جو شاعر آھيان، منهنجي هستي هڪ پل ئي تہ آھي. اسين انهي پل کي بي معني ڪئين ٿا بڻايون. اهي فلاسافيڪل بحث ڪچهريون رولاڪيون، اهي سڀ ياد ڪري ڪڏھن سوچيندو آھيان تہ ماڻھو ڪيترو نہ بي معنيٰ ۽ ڪڏھن تمام گهڻو بامعني ٿي پوندو آھي.

پنهنجو پاڻ کي فڪري طرح ھروقت متحرڪ رهڻ، متحرڪ رکڻ عاصم جي خاصيت هئي، هو مارڪسزم ۽ سنڌ جي عام ماڻھو جي مسئلن سنڌ جي تاريخ قومي تضاد ۽ قومي غلامي مان نجات لاءِ جيڪو ڪجهہ ڪري سگهندو هو، گهاٽ پيو گهڙيندو هو. سنڌ دشمن لاءِ اهو گهاٽ گهڙڻ ئي هوندو.

سنڌ جي قومي غلامي جو مسئلو هن لاءِ ايترو ئي اهم هوندو هو، جيترو مارڪسزم هو. سنڌ جي عوام جي قومي غلامي مان نجات کي سوشلزم جي سامراج مخالف جدوجهد جو تسلسل سمجهندو هو. هن هڪ ڀيري چيو تہ ٽين دنيا ۾ قومي غلامي کي ختم ڪرڻ انهن غلام قومن جي ڪميونسٽ جماعتن جو فريضو آھي ڇو تہ قومي غلامي مان نجات سوشلزم طرف پهرين وک هوندي.

سنڌ جي سڀني ڏاهن اديبن مارڪسزم جي ويجهو رهندڙ ھر قسم جي سياسي، سماجي، ڪارڪن سان عاصم جا تعلقات دوستاڻا هوندا هيا. هو سنڌ جي قومي طبقاتي جدوجهد جي فڪري جدوجهد جي علامت هوندو هو. ڪنهن بہ جماعت ۾ ھجي سنڌ جي قومي حقن مسئلن بابت هر وقت اڳڀرو رهندو هو. هو سماجي ۽ عوامي ڪارڪن سڏائڻ وڌيڪ پسند ڪندو هو، ليڊر يا دانشور ٿيڻ کي هو تمام اعليٰ گڻ سمجهندو هو، انڪري ڪڏھن بہ پاڻ کي وڏي ڄاڻو واري خوشفهمي ۾ نہ رکندو هو.

ڪامريڊ ناصر منصور چوندو آھي تہ عاصم وڏو پلانر هوندو هو، سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو وري جدت سان سوشلسٽ اسڪول، مذاڪرہ، ليڪچر، ڪچهريون، فڪري پروگرام ڪرڻ ۽ ڪرائڻ ۾ عاصم جو وڏو هٿ هوندو هو.“

ڇهہ مئي سندس جنم ڏينهن آھي پر مون اهو سمجهيو تہ سندس جنم ڏينهن تي ياد ڪرڻ بہ ڄڻ سندس طرفان مارڪسزم لاءِ ڪيل جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ آھي.

عاصم افسوس تہ باوجود هڪ تخليقي فڪري ماڻھو جي تمام ٿورو لکيو پر اهو بہ زبردست لکيو هو پاڻ چوندو هو تہ ابتدائي سطح تي فڪري تحريرون ئي اڳتي هلي عمل ۽ فڪر جي ڳانڍاپي وسيلي وڌيڪ حقيقت يا لينن جي بقول ٺوس معروض کي بيان جي قابل ٿينديون آھن.

عاصم ننڍي عمر ۾ ئي هليو ويو، جيڪو هڪ ٻيو افسوس ناڪ پهلو هو. جيڪو اسان جي دلين جا ڳچ ڳاريندو رهندو هو. فقط ٽيٽيهہ سالن جي ڄمار ۾ ھليو ويو، ڇا لکي ڇا لکان!

خالد چانڊيو چوندو هو تہ عاصم جنهن سان دوستي رکندو آھي، انکان پري رهڻ سندس لاءِ ڏکيو هوندو آھي، اهو دوست هن مان ڦاسي ويندو هو، جيڪو کيس وڻندو هو. هو اهو نہ سوچيندو هو تہ اڳيون دوست کيس ڪيترو ياد ڪري ٿو، وٽس اچي ٿو، انهيءَ کان بي نياز هوندو هو. هن جي دوستي فڪري وڌيڪ هوندي هئي ڇو تہ فڪري عمل کي تيز ڪرڻ ئي سندس اهم ترين ٽارگيٽ ھوندو هو.

سندس روح ۾ پنهنجو وطن سنڌ ھو، هو ماسڪو مان آيو تہ اها ڳالهہ اڃا شدت سان محسوس ڪندو هو تہ پنهنجي ڌرتي ۽ وطن دنيا ۾ ڪٿي بہ ملي نٿا سگهن. توهان جوروح توهان جو وطن هوندو آھي.


Previous Post Next Post