پهرين مئي هر سال مزدورن جي عالمي ڏينهن طور پوريءَ دنيا
۾ شڪاگو جي مزدورن جي ياد ۽ پوري عالم جي مزدورن سان يڪجهتي، همدردي ۽ سندن عظمت ۽
محنت کي ساراهيندي سرخ سلام ۽ کين ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آھي. اڄ هيءَ دنيا جيڪا هيڏي
وڏي اوڄ تي پهتي آھي، ان جو جيڪڏهن مجموعي طور ڪاٿو لڳايو وڃي تہ دنيا جي ايتري ترقي
ڪرڻ ۾ مزدور يعني پورهيت طبقي جو تمام گهڻو تعاون ۽ سندن محنت ۽ ڪاوشون آھن، ڇاڪاڻ
تہ پاڻ ان شيءِ مان بلڪل اندازو لڳائي سگهون ٿا تہ دنيا ۾ روزمرہ جي زندگي جي ننڍي
کان ننڍي شيءِ ٺهي تيار ٿيڻ پويان ان مزدور جي ئي محنت لڪيل هوندي آھي. پورهيت دنيا
۾ موجود هر شعبي صنعت، زراعت، تعميرات، ٽرانسپورٽ، توانائي، تعليم، صحت، وڻج واپار
۽ آءِ ٽي سميت سمورن سرڪاري توڙي نجي شعبن ۽ ادارن سان گڏوگڏ گهرو ڪم ڪارن ۾ خدمتون
سرانجام ڏيندي دنيا ۾ موجود هر شعبي ۾ پورهيو ۽ محنت ڪري ملڪ ۽ دنيا جي ترقي ۾ اهم
ڪردار ادا ڪري رهيو آھي. مطلب تہ دنيا جو پورهيت پنھنجي پنھنجي ملڪ جي ترقي ۽ واڌ ويجهہ
۾ ڪرنگهي طور ڪردار ادا ڪندي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آھي.
پورهيت نہ رڳو اڄ جي دؤر ۾ بلڪہ ازل کان ئي غربت جي لڪير
هيٺ زندگي گذاريندي وقت جي حاڪمن ۽ سرمائيداراڻي نظام جي ڏاڍ توڙي جبر جو شڪار رهيو
آھي، جنھن جو تاريخ ۾ چٽو ثبوت شڪاگو جي مزدورن جي جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ آھي. تاريخي
حوالن موجب 1886ع ۾ آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ جڏهن ان وقت جي آمريڪي حڪمرانن ۽ سرمائيداراڻي
نظام جي بي واجبين ۽ غير انساني روين جو شڪار بڻيل پورهيت طبقي پنھنجي جائز مطالبن
جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج جو رستو اختيار ڪندي جائز اجرت ۽ 8 ڪلاڪ پنھنجون خدمتون
پيش ڪرڻ جهڙا مطالبا کڻي سندن اعلانيل ڪم ڇڏ هڙتال مان ڪو کڙتيل نہ نڪرڻ بعد جڏهن روڊن
تي نڪري پيا تہ ظالم حڪمرانن بوکلاهٽ جو شڪار ٿيندي پرامن ۽ جائز حقن جي گهر ڪندڙ پورهيتن
مٿان قيامت برپا ڪري ڇڏي هئي ۽ تاريخي حوالن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو تہ آمريڪا جي ان وقت جي
حڪمرانن سرڪاري مشنري استعمال ڪندي پنھنجي ڪنھن پوليس جلسي ۾ بم ڌماڪو ڪرائي ان انتشار
جو جواز بڻائيندي شڪاگو جي پوليس پورهيت مظاهرين تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنھن
سبب ڪيترائي بيگناه پورهيت فوت تہ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا، جڏهن تہ مزدور يونين جي
ڪيترن ئي اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪري کين ڦاهيون ڏئي پورهيت طبقي ۾ خوف ۽ حراس ڦهلائيندي
پورهيتن سان ناجائزين ۽ بربريت جو مثال قائم ڪري ڇڏيو هو.
اڄ بہ اهو پورهيت نہ رڳو آمريڪا پر دنيا جي هر ڪنڊ ۾ اها
ئي ڪسمپرسي جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيو آھي، سندن اڄ بہ اها ئي حق تلفي ٿي رهي آھي.
اسان جي ملڪ جي تمام گهڻي آبادي مزدور ۽ پورهيت
طبقي تي ئي مشتمل آھي، هتان جو پورهيت ڏينھن رات محنت مزدوري ڪندي بہ هو غربت جي لڪير
مان ٻاهر ڪو نہ نڪري سگهيو آھي، پاڪستان جو پورهيت حڪمرانن جي سخت فيصلن ۽ سرمائيداراڻي
نظام جي ظلمن جو شڪار اڄ بہ ٿي رهيو آھي، ملڪ ۾ هيڏي مهانگائي جو اثر سڌي طرح پورهيت
طبقي تي تمام گهڻو ئي پئجي رهيو آھي ۽ مهانگائيءَ جي ڀيٽ ۾ سندن اجرت جي شرح تمام گهٽ ۽ نامناسب هئڻ سبب اسان جي ملڪ جو مزدور غربت
جي چڪيءَ ۾ بريءَ طرح پيسجي بک ۽ بدحاليءَ واري زندگي بسر ڪري رهيو آھي. پورهيت لاءِ
پنھنجي ٻچن کي وقت جون آسائشون مهيا ڪري ڏيڻ تہ پنھنجي جاءِ تي پر پنھنجي ڪٽنب جي بنيادي
ضرورتن سان گڏ ٻہ وقت جي ماني ڏئي پيٽ پالڻ بہ ڏکيو ٿي پيو آھي.
پورهيت ويچارو جيڪو پنھنجي سموري ڄمار گرم توڙي سرد موسم
هوندي نٽهڻ اس ۾ بہ پنھنجي محنت مزدوري ڪري پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالي رهيو آھي تہ سخت
سردي هوندي بہ پنھنجي ٻچن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهندو آھي ۽ اهو بہ وڏي دعويٰ سان چئي
سگهجي ٿو تہ ملڪ جي ڪنھن بہ شعبي ۾ پورهيت کان بغير ان شعبي جي واڌ ويجهہ ۽ ترقي نا
ممڪن آھي، مطلب تہ پورهيت جي پگهر وهڻ سان ئي ملڪ ۽ سماج جي ترقي ممڪن آھي، پورهيت
جون ملڪ ۽ سماج جي ترقي لاءِ بي لوث خدمتون ۽ بي شمار قربانيون شامل آھن، پوءِ اها
ذراعت هجي يا صنعت، توانائي هجي يا ٽرانسپورٽ ۽ تعميرات هجي يا ملڪ جي ڪنھن بہ شعبي
لاءِ پورهيت ڪرنگهي جو ڪردار ادا ڪندڙ اهم اثاثو آھي. وفاق توڙي صوبائي حڪومتون وقتن
بہ وقت پيش ڪندڙ بجيٽن ۾ ڏهاڙيدار طبقي کي اجرت جي مد ۾ واڌاري جا سکڻا اعلان تہ ڪنديون
آھن پر ان تي عمل ڪرائڻ مشڪل نظر ايندو آھي، اڄ بہ اسان جو مزدور روز جي ڏهاڙي ايتري
حاصل ڪري رهيو آھي جو هو ان مان ٻہ وقت جي ماني بہ مشڪل سان پنهنجي ٻچن کي کارائي رهيو
آھي، مٿان وري اسان وٽ معاشري ۾ ساڻس غير انساني سلوڪ توڙي اڍنگي رويي ۽ اجرت جي مد
۾ کيس ملندڙ ضرب ۽ سخت لهجن سان گڏ کيس حقارت جي نظر سان ڏسڻ معمول بڻيل آھي. حالانڪہ
ٻنھي جهانن جي سردار حضرت محمّدﷺ جن بہ پورهئي ۽ پورهيت کي خاص اهميت ڏيندي کيس جائز
۽ پگهر سڪڻ کان اڳ سندس اجرت ڏيڻ جي تاقيد ۽ تلقين ڪئي آھي ۽ پورهيت کي خدا جو دوست
هئڻ جيترو شرف بخشيو آھي. ان ڪري مسلمان هئڻ جي ناتي اسان تي بہ اهو فرض بڻجي ٿو تہ
پورهيت کي ان ئي نظر سان ڏسون، جنهن نظر سان پاڻ سڳورنﷺ جن ڏٺو ۽ ساڻن پيش آيا.

