جڏهن رات جا آخري پاڇا اَڃا ڌرتيءَ سان چنبڙيل هوندا آهن،
جڏهن آسمان جا تارا پَنهنجي ٿڪل ۽ مدهم روشنيءَ سان اونداهيءَ کي الوداع چوندا آهن،
جڏهن فضا ۾ هڪ ڳري خاموشي پَنهنجو مڪمل راڄ قائم ڪندي آهي، تڏهن ئي هڪ مزدور پَنهنجي
ننڊ جي مٺڙي جھولي مان اُٿي، زندگي جي سخت، اڻ ڏٺل، پٿريلي ۽ ڪنڊيدار رستن تي قدم رکي
ٿو. اُهو سفر ڪا عام مجبوري ناهي، پر اُها بقا جي جنگ آهي، اُها هر ڏينهن جي نئين شروعات
آهي، جيڪا اُميد، ضرورت ۽ مجبوريءَ جي وچ ۾ جُڙي ٿي. هِن جي اکين ۾ اڌورا خواب هوندا
آهن، پر اُنهن خوابن ۾ بہ هڪ عجيب روشني، هڪ اڻلڀ اُميد ۽ هڪ اندروني حوصلو هوندو آهي.
هِن جي دل ۾ اڻکٽ اُميدون هونديون آهن، ۽ هٿن ۾ قسمت سان مقابلي جو اٽل حوصلو ھوندو
آھي، هو نہ ڪنهن شڪايت سان نڪري ٿو، ڪنھن جي گلا سان، بس هڪ خاموش عزم سان، جيڪو هر
ڏينهن جي نئين جدوجهد جو اعلان هوندو آهي، اُهي هٿ جن جون آڱريون ڇالا بڻجي ويون، جن
جا پير رستن جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويا، جن جا چهرا سج جي تپش ۾ ساڙي ويا، پر پوءِ به اُنهن
جي اندر جي اُميد اڄ تائين زندھ آهي، جيڪو زندگيءَ جي سخت حقيقتن سان ٽڪرائڻ لاءِ تيار
هوندو آهي. مزدور اُهو لفظ آهي جيڪو پاڻ ۾ هڪ پُوري ڪائنات، هڪ مڪمل تاريخ، هڪ سماجي
حقيقت ۽ هڪ اڻکٽ انساني ڪهاڻي سموئي ويٺو آهي. اُهو صرف هڪ سڃاڻپ ناهي، پر هڪ اهڙو
زندھ باب آهي جنهن ۾ قرباني، صبر، استقامت، محنت، مجبوري ۽ انساني عظمت جا سَڀ رَنگَ
گڏ ٿيل آهن. دُنيا جي هر اوچين عمارت، هر شاهراه، هر پل، هر ڪارخانو، هر شهر جي روشني،
هر مشين جي گونج، هر ترقيءَ جي علامت جيڪڏهن غور سان ڏسجي تہ اُنهن سڀني جي پٺيان هڪ
مزدور جي خاموش محنت، سندس پگهر، سندس ٿڪاوٽ، سندس بي خوابي ۽ سندس رَتُ شامل هوندو
آهي. پر افسوس جو اُهو سچ اڪثر وساريو وڃي ٿو تہ جنهن جا هٿ دُنيا کي سنواري رهيا آهن،
اُن جي پَنهنجي زندگي اڪثر اونداهيءَ ۾ هوندي آهي. جيڪو ٻين لاءِ روشني پيدا ڪري ٿو،
اُهو پاڻ اونده ۾ رهندو آهي. جيڪو ٻين جي زندگين کي آسان بڻائي ٿو، اُهو پاڻ مشڪلاتن
جي ڳري بار هيٺ هوندو آهي. جيڪو دُنيا کي اڳتي وڌائي ٿو، اُهو پاڻ پٺتي رهجي ويندو
آهي. اُهو ئي انساني سماج جو سڀ کان وڏو، سڀ کان تلخ ۽ سڀ کان گهرو تضاد آهي. ھر سال
پهرين مئي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو پر ھي رُڳو هڪ تاريخ ناهي، پر انساني
تاريخ جو هڪ زندھ، دردناڪ، انقلابي ۽ فڪري باب آهي. اُهو باب جيڪو رَتُ، قرباني، جدوجهد،
شعور ۽ انساني حقن جي بقا سان لکيو ويو آهي. پھرين مئي 1986ع ۾ آمريڪا جي شهر شڪاگو
۾ جڏهن مزدورن پَنهنجا حق گهريا، تڏهن اُهو ڪو بغاوت جو جذبو نہ هو، پر هڪ بُنيادي
انساني ضرورت هئي. اُنهن جو مطالبو نہ بادشاهي هو، نہ دولت، نہ طاقت رُڳو سورهن ڪلاڪن
جي اذيت ساھه ۽ چوسيندڙ محنت جي مقابلي ۾ جڏهن مزدورن اَٺ ڪلاڪ ڪم، اَٺ ڪلاڪ آرام لاءِ
پَنهنجي زندگيءَ جو حق گهريو، تہ هنن پَنهنجي وجود جي ساه کي بچائڻ جي ڳالهہ ڪئي. پر
اُن سادي، فطري ۽ جائز آواز کي ظُلم جي بي رحم هٿن چيڀاٽي ڇڏيو، گوليون هليون، رَتُ
وهيو، لاش ڌرتيءَ تي ڪِري پيا، ۽ انسانيت زخمي ٿي رڙيون ڪرڻ لڳي. پر پوءِ بہ حق جو
آواز نہ مريو، اُهو هر زخم مان، هر رَتُ جي ڦڙي مان اُڀريو، خاموشيءَ جي اونداهي ٽوڙي
سَڄي دُنيا ۾ پکڙجي ويو، ۽ هڪ اهڙي تحريڪ بڻجي ويو جيڪا اڄ بہ ظُلم آڏو سر نہ جُهڪائي
ٿي. اڄ اُن آواز کي لڳ ڀڳ 140 سال گذري چُڪا آهن، پر شڪاگو جي اُنهن شهيد مزدورن جي
قرباني اڄ بہ هر مزدور جي دل ۾ زندھ آهي. پر سوال اُهو آهي تہ ڇا صرف تاريخ بدلجي آهي
يا مزدور جي زندگي بہ واقعي بدلجي آهي؟ افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ شڪل بدلجي آهي، پر
استحصال جو روپ اڄ بہ موجود آهي. سرمائيدار نظام، جاگيردار سوچ، ۽ معاشي اڻبرابري اڄ
بہ مزدور کي پَنهنجي گرفت ۾ رکيو ويٺي آهي. اڄ بہ مزدور گهٽ اجرت حاصل آهي، ڊگهن ڪلاڪن،
غير محفوظ ماحول، ۽ سماجي بي يقينيءَ جو بڻيل شڪار آهي. اسان جي سماج ۾ مزدور هر جاءِ
تي موجود آهي، پر سَڀ کان وڌيڪَ غير محفوظ بہ هو ئي آهي. هو صبح کان شام تائين پَنهنجي
جسم کي رَڙھي ٿو، مشينن سان گڏ ڪم ڪري ٿو، سرون کڻي ٿو، مٽي کڻي ٿو، لوهي شيخون کڻي
ٿو، ۽ گھرن کي، عمارتن کي ۽ شهرن کي ٺاهڻ ۾ پَنهنجو سَڀ ڪُجهہ لڳائي ڇڏي ٿو. پر جڏهن
شام جو گهر موٽي ٿو تہ سندس هٿن ۾ صرف ٿڪاوٽ هوندي آهي. سندس چهري تي پگهر هوندو آهي،
پر اُن پگهر ۾ هڪ اڻ ٻڌايل ۽ اڻ لکيل ڪهاڻي هوندي آهي. سندس ٻار، جيڪي سندس اُميدن
جا ڏيئا آهن، اُنهن جون خواهشون هِن جي ڪمزور ڪلهن تي بار بڻيل هونديون آهن. سندس گھرڀاتي،
اولاد ۽ زال، جيڪا هر ڏينهن هڪ نئين اُميد سان سندس واپسيءَ جو انتظار ڪندي آهي، جڏهن
حقيقت سان ٽڪرائجي ٿي تہ گهر ۾ هڪ ڳري خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي، جيڪا لفظن کان وڌيڪَ ڏُک
ڏيندڙ هوندي آهي. اُهو ڪيترو وڏو انساني الميو آهي تہ جيڪو ٻين لاءِ محل اَڏيندو آهي،
اُهو پاڻ هڪ سادي ڇت لاءِ ترسندو آهي. جيڪو ٻين جي زندگين کي آسان بڻائي ٿو، اُهو پاڻ
مشڪلاتن ۾ گهيريل هوندو آهي. جيڪو دُنيا کي روشني ڏئي ٿو، اُهو پاڻ اونداهيءَ ۾ رهندو
آهي. اُهو تضاد رُڳو معاشي نہ، پر اخلاقي، سماجي ۽ انساني شعور لاءِ هڪ وڏو سوال آهي.
سنڌ جي ڌرتي، جيڪا محبت، صوفيت، اَمن، قرباني ۽ انسانيت جي
درس لاءِ مشهور آهي، اُتي بہ مزدورن جا حال گهڻو مختلف ناهن. هتي جا پورهيت، جيڪي پَنهنجي
هٿن سان زمين کي زرخيز بڻائين ٿا، جيڪي بازارن ۽ شهرن کي زندگي ڏين ٿا، اُهي اڄ بہ
غربت، قرض، بي وسي ۽ ناانصافي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. ڪيترائي هاري پَنهنجي ئي زمين
تي بي وس زندگي گذارين ٿا، جتي جاگيردار نظام اَڃا بہ پَنهنجي طاقت ۽ اثر برقرار رکيو
ويٺو آهي. اھڙي سماج ۾ عورت مزدور جو درد تہ اَڃا بہ گهرو، وڌيڪَ خاموش ۽ وڌيڪَ اندروني
آهي. هوءَ صرف مزدور ناهي، پر ماءُ بہ آهي، ڌيءَ بہ آهي، ڀيڻ بہ آهي، زال ۽ زندگيءَ
جي هر محاذ تي ويڙهاند ڪندڙ هڪ خاموش جنگجو آهي. هوءَ گهر جي ذميوارين سان گڏوگڏ ٻاهر
جي محنت بہ ڪري ٿي، پر اُن جي باوجود کيس گهٽ اجرت، گهٽ عزت، ۽ گهٽ تحفظ ملي ٿو. سندس
محنت کي اڪثر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سماج جي وڏي ناانصافي آهي. مزدورن جو عالمي
ڏينهن اسان کي صرف ماضي جي قربانين جي ياد نہ ٿو ڏياري، پر اُهو اسان جي ضمير کي بہ
جاڳائي ٿو. اُهو ڏينهن اسان کان سوال ڪري ٿو: ڇا اسان اُنهن ماڻهن لاءِ انصاف ڪيو آهي،
جيڪي اسان جي دُنيا کي ٺاهين ٿا؟ ڇا اسان اُنهن کي اُنهن جو حق ڏنو آهي يا اَڃا بہ
اُنهن کي وساري ڇڏيو آهي؟ اسان کي اُهو سمجهڻ گهرجي تہ مزدور ڪنهن بہ قوم جي ريڙه جي
هڏي آهن. جيڪڏهن اُها ريڙه ڪمزور هوندي تہ قوم ڪڏهن بہ بيهڻ جي قابل نہ رهندي. جيڪڏهن
مزدور مايوس هوندو تہ مُلڪ ڪڏهن بہ ترقي نٿو ڪري سگهي. تنهن ڪري مزدورن جي بهتري لاءِ
قدم کڻڻ صرف حڪومتن جي ذميواري نہ، پر هر فرد جو اخلاقي، انساني ۽ سماجي فرض آهي. حڪومتن
کي گهرجي تہ مزدورن لاءِ مضبوط، شفاف ۽ عملي قانون ٺاهين، اُنهن تي سختي سان عمل ڪرائن،
۽ اُنهن جي حقن جي مڪمل حفاظت ڪن. مزدورن کي مناسب اجرت، محفوظ ڪم جو ماحول، صحت جون
بنيادي سهولتون ۽ تعليم جا موقعا ڏيڻ رياست جي بُنيادي ذميواري آهي. ڪارخانيدارن کي
بہ گهرجي تہ هو مزدورن کي انسان سمجهن، نہ تہ صرف ڪم جو اوزار نہ، ساڳئي وقت، سماج
جي هر فرد کي پَنهنجو رويو بدلائڻو پوندو. اسان کي مزدورن کي عزت ڏيڻي پوندي، اُنهن
جي محنت کي تسليم ڪرڻو پوندو، ۽ اُنهن جي جدوجهد کي سمجهڻو پوندو. ڇو تہ اصل ۾ اُهي
ئي اسان جي زندگي کي آسان بڻائين ٿا، اُهي ئي اسان جي ترقي جو بُنياد آهن. اڄ جڏهن
اسان مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، تڏهن اسان لاءِ اُھو ضروري آهي تہ ھِن
ڏينھن کي رُڳو لفظن تائين محدود نہ رکون، پر اُن لاءِ قدم کڻون ۽ اهڙو سماج ٺاهيون
جتي ڪو بہ مزدور پاڻ کي اڪيلو محسوس نہ ڪري. جتي هر مزدور کي عزت، انصاف ۽ سڪون نصيب
ٿئي. مزدور جي ڪهاڻي رُڳو درد جي ڪهاڻي ناهي، پر اُها اُميد، جدوجهد، انقلاب ۽ انسانيت
جي بقا جي ڪهاڻي آهي. اُها ڪهاڻي هر دور ۾ نئين سر لکي وڃي ٿي، ۽ هر دور ۾ مزدور اُن
کي پَنهنجي رَتُ، پگهر ۽ حوصلي سان زندھ رکي ٿو. مزدور جي هٿن ۾ صرف اوزار ناهن، اُنهن
۾ تقدير بدلائڻ جي طاقت آهي. مزدور جي اکين ۾ صرف ٿڪاوٽ ناهي، اُنهن ۾ روشن مستقبل
جا خواب آهن. مزدور جي دل ۾ صرف درد ناهي، اُن ۾ حوصلي، جدوجهد ۽ تبديليءَ جو سمنڊ
آهي. ۽ تاريخ هميشہ اُهو ثابت ڪيو آهي تہ جڏهن مزدور جاڳي ٿو، تڏهن نظام ڏڪي ٿو. تنهن
ڪري اچو تہ سڀ گڏجي مزدورن جي محنت ۽ اُنهن جي قربانين ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪيون.
ڇو تہ جيڪڏهن مزدور نہ هوندو، تہ دُنيا جو وجود بہ اڻپورو ھوندو، ۽ جيڪڏهن مزدور کي
انصاف ملي ويندو، تہ دُنيا صرف ترقيءَ جي رستن تي اڳتي نہ وڌندي، پر هر قدم سان انسانيت
جي اندر بہ هڪ نئون سج اُڀرندو. هر دل ۾ احساس جا ڏيئا ٻرڻ لڳندا، هر ضمير ۾ انصاف
جي روشني جا ڪرڻا ڦهلجي ويندا. تڏهن ئي سماج جي خشڪي ۾ بہ محبت جا مينهن وسڻ لڳندا،
نفرتن جون ديوارون ڀڄڻ لڳنديون، ۽ دلين جي وچ ۾ حقيقي همدردي جا پل جُڙڻ لڳندا. اُن
وقت انسان رُڳو جسماني طور نہ، پر روحاني طور بہ جيئرو ٿيندو. انسانيت پَنهنجي اصل
معنيٰ ۾ جيئري ٿي پوندي. اهڙي انسانيت، جيڪا درد کي سمجهي، خوشيءَ کي ورهائي، ۽ هر
انسان کي انسان سمجهي عزت ڏئي.

