طبقاتي شعور کان وجودي بيگانگيءَ تائين ـ خليق ٻگهيو

ادبي تنقيد ناول مريم

ٻہ سَئو ٽيويھن صفحن تي مشتمل، هيءُ ناول بعنوان ”مريم“ سنڌي ادب جي هڪ ڪھاڻيڪاره نسيم لغاريءَ جو لکيل آھي، جيڪو ٻہ هزار پنجويھن ۾ ”وديا پبليڪيشن“ مان ڇَپايو ويو آھي. هِن ناول جو مهاڳ مَدهوش مير لِکيو آھي. ناول جي شروعات کان اڳ ۾ ”ٻہ اکر“ نظير قريشيءَ جا ڏنل آھن. ناول نگاره نسيم لغاريءَ ”پنھنجي پاران“ پڻ تحرير شامل آھي. ناول جو بئڪ پيج ڪنھن لِکاريءَ کان لِکرائڻ جي بھترين روايت ٽوڙيندي، ناول جي مختصر ـ ترين مڪالمن کي بئڪ پيج تي ڏنو ويو آھي. هِنن مڪالمن جو مقصد ڪمرشلزم ٿي سگهي ٿو. ڪمرشلزم تخليقي ـ ڇُھاءَ کي گَهٽائيندو آھي. اُهي مختلف مڪالما قاريءَ کي پاڻ ڏانهن ڇِڪڻ جي اُبتڙ عورت ـ زاد، ادبي رُجحان ۽ جلاوطنيءَ جا ٽِڙيل ـ پَکڙيل مُنتشر خيالَ ڏَئي ابھام جنمڻ جي ڪوشش آھن، جيڪا چُونڊ نسيم لغاريءَ جهڙي پُختي شعور واري تخليقڪاره کي ڪانہ ٿي سُونهين. هيءُ ناول ٻِن عورتن ماءُ ۽ ڌيءُ جي حياتين جي چوڌاري ڦِري ٿو. ادب، گهڻو ـ تڻو تصورن آڌارڪ هوندو آھي. ناول جي سير ـ حاصل تحت، ناول ۾ اُھو ئي طبقاتي سماجُ آھي، جنھن جي هڪ وڌيل ـ شڪل ۾ پاڻ اڄ ڪلهہ پاڻ رهون ٿا. ائين چئون تہ هِن ناول جي شروعات توڙي پڇاڙيءَ ۾ هڪ جاگيرداري ۽ نيم سرماياداري جي اندر ئي رهي ٿي. يعني هڪ جاگيرداري يا وڏيرڪو ـ نظام، جيڪو برطانيہ جي حاڪميت وقت بہ ڇانيل رهيو ۽ ڪجهہ شھرڪاري ۾ نيم ـ سرمايادار سماج اسري رهيو هو.

هِن ناول ۾ مريم جي ماءُ، پنھنجي بيمار مڙس عيسيٰ جي ٽي ـ بي مرض ۾ شڪار ٿيڻ باوجود معاشي ۽ سماجي جياپي جي جدوجهد ڪري جاري رکي ٿي. سندس ڪُل ـ خاندان سندس مڙس عيسيٰ، نوجوان ڌيءُ مريم ۽ سندس ننڍي پُٽ حُسين تي مشتمل آھي. چَئن ماڻهن تي مشتمل، هِيءُ لوڪ ـ لڏائُو خاندان پيدائش جي حوالي سان هندستان جي صوبي گجرات ضلعي ڪڇ ڀڄ جي علائقي جو آھي. هيءُ هڪ اِهڙو خاندان آھي، جنهن کي معاشي طرح غربت جي لَڪير کان بہ هيٺ حالتن جو مقابلو ڪرڻو پَوي ٿو ۽ اُها سموري معاشي ـ ويڙهاند، مريم جي ماءُ پنھنجي وت ـ وس کان بہ وڌيڪ وڙھي، پنھنجي گهر جو چرخو هلائي پنھنجي ٻچن جو گذر ـ سفر ڪمائي ٿي. هوءَ ڪڏهن پٿر ڪُٽي مزدوري ڪمائي ٿي، ڪڏهن جبلن ۽ رڻن پَٽن ۾ رُلي جَڙي ٻُوٽيون ڳولي نہ صرف حڪيمن کي وِڪرو ڪري ٿي، پر پاڻ بہ اُھي جَڙي ٻُوٽيون گُهوٽي پُسائي دوائون ٺاھي گهر جو گذران ڪري ٿي. ساڳئي وقت پنھنجي مڙس جو بہ حڪمت وارو علاج پڻ ڪرائي ٿي. مريم جي ماءُ نہ صرف پنھنجي خاندان جي گذران خاطر حياتين جي معاشي ـ جنگ پنھنجي مڙس هوندي وڙھي ٿي، پر مڙس جي مرڻ بعد وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي ٿي. هڪ اِھڙو سماج، جِتي پدراڻو سماج Patriarchal Society  هجي، اُتي بهادريءَ سان برادريءَ جي ماڻهن سان معاشي جدوجهد وسيلي مقابلو ڪري ٿي، کيس جيڪي ڀائپيءَ پاران شاديءَ جون آڇون ٿين ٿيون، تَن کي اُنهيءَ ڪري ٺُڪرائي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سندس شاديءَ بعد، کيس پنھنجي ٻچن جي حياتيون در ـ بدر ٿيڻ جو امڪاني انديشو آھي، جوان عورت جي رُوپ ۾ سندس ڪردار جي اُها قرباني، نہ صرف سندس ذاتي، جنسي ۽ عظيم رُوحاني قرباني آھي.

ڪردار نگاريءَ جي رخ کان، هِن ناول جو ٻيو اهم ڪردار، ناول جي نالي سان منسوب ڪردار، جيئن تہ مريم جو آھي. جنھن جي ڪردار جي حساسيت پنھنجي سموري جوهر سان ناول ۾ نمودار ضرور ٿئي ٿي. مريم جي ڪردار مان عورت ذات جي محسوسات جو هڪ اِهڙو عالَم پڌرو ٿئي ٿو، جنھن مان عورت جي وجود جي سموري خوبصورتي، نزاڪت ـ پڻو، نرملتائن، خوف، غير امڪاني بيقراري، لطيف ـ مزاجي، جمالياتي ۽ رُوحاني ڇِڪَ ويجهڙائيءَ سان پَسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو. جنھن مان لڳي ٿو تہ ناول نگاره، جيئن تہ هڪ عورت آھي، جنھن ڪري مريم جي ڪردار ۾، ھُن پنھنجي ذات جي گَهرائيءَ کي اُوتيو آھي. مريم جي ڪردار مان، هيءُ ناول زندگيءَ جي انهيءَ حقيقت جو انڪشاف ڪري ٿو تہ زندگي لاهين ـ چاڙھين جو هڪ اِهڙو سفر آھي، جنھن ۾ وقت جي واڳ، ماڻهوءَ جي مَن کي ڪَڏهن خوشين جي فضائن ڏانهن اُسهائي معطر ڪري ٿي تہ ڪَڏهن ڏُکن جو ڪُوسو واءُ، ماڻهوءَ جي زندگي عذاب بڻائي ڇَڏي ٿو. ناول جي مطالعي مان اِھا ڳالهہ پَڌري ـ پٽ ٿئي ٿي تہ پٺتي پيل جاگيرداري ـ سماج ۾ اڪثر ڪري، پورهيت طبقي لاء سُک، خوشي، آنند، شانتي ۽ مسرتون خواب ـ مثل يا دوکي برابر ئي رهن ٿيون. هِن ناول ۾ مريم جون احساساتي خوشيون، وقتي رنج ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، ڪَڏهن سندس اُميدن جا چراغ ٻَرن ٿا ۽ ڪَڏهن وري وِسامي وڃن ٿا. ناول جي اِھا بہ هڪ خاصيت آھي تہ هِن مان اُھو يقين پُختو ٿي وڃي ٿو تہ دنيا ۾ ڪابہ شيءِ مستقل ڪانهي. هر لمحو، زندگيءَ جي ڪھاڻيءَ جو پاسو اٿلائي ٿي ۽ ائين زندگي، پنھنجا انيڪ رُوپ بدلائيندي رهي ٿي. مريم جو پيءُ پنھنجي جيئري ئي سندس سَنڱُ پڦاٽ سان طئِہ ڪري ويو هو. سندس اُھا غير ارادي ـ شعوري بنياد تي شادي ناڪام تہ ٿيڻي هئي. ڪجهہ وقت بعد، سندس مڙس جوساڻس پُرتشدد رويو ۽ سندس پڦيءَ جي خراب ساڙيلو، روايتي ۽ فسادي سلوڪَ، سندس شاديءَ کي سخت بُري طرح ناڪام ڪري طلاق تائين پھچائي ڇڏيو. پڦاٽ مان مريم کي ڌيءُ نُوري ڄَمي ٿي. مريم جي ٻي شادي عثمان سان ٿئي ٿي. عثمان سان سندس شادي هڪ ٻي ڌيءُ سُھائي جي پيدائش کان پوءِ، ڪجهہ وقت خوشين بعد، عثمان جگر جي ڪينسر ۾ مري وڃي ٿو. سندس ٽئين شادي سماجي آزارن کان بچڻ لاءِ هڪ وڏيري جي پُٽ ابراهيم سان ٿيڻ واري ڏيکاريل آھي. مريم جي زندگيءَ جو هر جوهر ڪڏهن اهم ڪڏهن غير اهم ٿيندو رهي ٿو. ائين هيءُ ناول اڳتي وڌندو رهي ٿو، پر ناول ۾ موجود پورهيت طبقي جي غربت ڀري زندگي هر دَور جي بد ـ ترين جاگيرداري نظام ـ حڪومت لاءِ هڪ چئلينج آھي، ڇاڪاڻ تہ هِن ناول وسيلي هُنن کي بہ پيغام ملي ٿو تہ توهان جو حڪمرانيءَ واري نظام ڪيئن نہ پورھيت ماڻهن جي سُک ـ آرام حرام ڪندو رهي ٿو. مريم جي ڪردار وسيلي طبقاتي سماج جي خرابين کي ضرور ڏِسي سگهجي ٿو، پر ناول ۾ مريم جو ڪردار، پنھنجي ماءُ وانگر پورهيت طبقي جو نمائنده ڪردار نہ، پر سماجي غلاميءَ کي ”جيئن جو تيئن“ قبولڻ وارو ڪردار آھي. ٻِنهي ماءُ ڌيءَ جي ڪردارن ۾ ڏينهن ـ رات جو فرق آھي. مريم وٽ وجودي بيگانگي آھي، جڏهن تہ سندس ماءُ جاگيرداري دَور ۾ مزدوري ڪري، اُنهيءَ سماجي بيگانگيءَ جي خلاف اُٿي بيھي ٿي.

هِن ناول ۾ پيءُ جي حيثيت ۾ عيسيٰ، پڦاٽ جي حيثيت ۾ ڏنل مڙس، مريم جي سَسُ، سخاوت ۾ هڪ منفرد وڏيري يار محمد،سندس ٻِن گهر وارين وڏيري خاني ۽ وڏيري ڪريمان، مريم جي ڀاءُ جو حُسين ۽ سندس پٺاڻ ڇوڪريءَ سان اسڪينڊل جي نتيجي ۾ سندس مٿان پٺاڻن جو قاتلانہ حملو، ٺيڪيدار جي مريم جي ماءُ سان جنسي بد ـ سلوڪيءَ جي ڪوشش، مختلف ڪردار ۽ ناول جا سب ـ پلاٽس يا ذيلي ڪھاڻيون آھن، پر سڀ کان اَهم ڪردارَ، جيئن تہ صرف ٻہ آھن. هڪ مريم، ٻي سندس ماءُ. اُهي ٻئي ڪردار ادبي گفتگو يا ڳالهہ ٻولهہ Discourse جي نتيجي ۾ ناول جي فن ۽ فڪر جو فيصلو ڏَئي سگهن ٿا.

جِتي مريم جي ماءُ جو عورتاڻو ڪردار، هڪ مزاحمتي، باغي ۽ بهادريءَ جي علامت وارو ڪردار آھي، اُتي سندس ڌيءُ مريم جو ڪردار وڏيرڪي نظام ۾ پورهيت مفلس عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍ، جبر، ظلم، زيادتيءَ جو اڻ ـ سِڌي طرح عڪس پيش ڪندڙ ڪردار ضرور آھي.

هيءُ ناول، پنھنجي عنوان، موضوع، هيئت ۽ تخيلاتي طور مريم جي ڪردار کي مرڪزي بڻائي پيش ڪري ٿو، پر هن ناول جو سڀ کان سگهارو ڪردار مريم جي ماءُ جو آھي، جنھن کي مريم کان پوءِ، يعني ثانوي ڪردار ڪري پيش ڪيو ويو آھي. فَني توڙي فِڪري حوالي سان، مريم جي ماءُ جو ڪردار، حالتن جي اڳواڻي ڪندڙ، ڏُکين حالتن کي مُنهن ڏيندڙ ۽ زندگيءَ جي فيصلائتي مرحلي ۾ پھچائڻ وارو هڪ سچي پورهيت جي شجاعت ڀريو ڪردار آھي، پر مريم کي اُن جو سپورٽ ڪندڙ ڪردار ڪري پيش ڪرڻ هن ناول جو وڏو نقص آھي. مريم، پنھنجي ماءُ جي ڀيٽ ۾ ڪِٿي بہ عملي طرح نہ پدرشاھيءَ خلاف مزاحمت ڪري ٿي، نہ وري معاشي گُذر ـ سفر کي ڪنهن تعليم، هُنر حرفت سان اڳتي وڌائي ٿي. مريم جي ڪردار ۾ اُها سگهہ ڪانهي تہ هوءَ پرکي سگهي تہ جاگيرداري نظام ڪيئن پنھنجي بحاليءَ خاطر ماڻهوءَ کي مريم جهڙين مفلس عورتن کي غلام رکي ٿو. ان ڪري هر برٽ مارڪيوز چيو هو تہ؛ Repressive society perpetuates itself by repressing not only the instincts but also the imagination of its members.

مريم، ڳوٺاڻي ـ تھذيب جي هڪ روايتي ڇوڪري آھي، جيڪا پھرين، ٻي توڙي ٽيئن شاديءَ تي هڪ روايتي ڇوڪريءَ جي حيثيت ۾، بنا ڪنهن عملي ـ احتجاج جي قبولي ٿي. هوءَ  مرداڻي سماج جي خوف ۾ مرد جي پناھ ـ گاھ ڳولي ٿي. هُن جون سوچون تہ سُونَ ورنيون، پر اُهي سڀ سوچون بي ـ عمل آھن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ جاگيرداري ـ سماج ۾ روايتي پدراڻي روايتن جي اڳيان پاڻ کي لاچار ۽ بيوس سمجهي ٿي ۽ هوءَ، رڳو ماءُ ۽ مروج سماج جي تابع بڻجي زندگي گذاريندي رهي ٿي ۽ پدراڻي سماج جي خلاف عملي جُرئت جو سَتُ تہ نٿي ساري. ناول ۾ مريم جي ڪردار ۾ نہ تعليمي شعور جي مدد وٺڻ، نہ وري هُنر ڏانهن راغب ٿيڻ واري چونڊ يا امڪان Option ڏنل آھي. مريم جي ڪردار ۾ ڪا اِهڙي ڪشش ڪانهي، جو کيس هن ناول ۾ مرڪزي ڪردار ڪري پيش ڪيو آھي، جڏهن تہ ناول جي ڪھاڻيءَ جي اصلي سورمي سندس ماءُ آھي، جنهن کي ناول ۾ نہ ڪو نالو ڏنو ويو آھي، نہ وري سندس ڪردار سان مڪمل فني انصاف ڪيو ويو آھي. مريم توڙي سندس ماءُ ٻئي جوان هوندي بہ پيار محبت، جنسي يا رومانوي جذبن کان عاري ڏيکاريون ويون آھن، جنھن سان ٻِنهي ڪردارن جا جنسي يا فطري حق متاثر ٿيا آھن. مريم جي ماءُ جي  جنسي قرباني دراصل هڪ  Socio-economic resistance جي طور پنھنجو جدا نظرياتي جواز رکي ٿي، جڏهن تہ مريم جي ڪردار کي، Existential Feminism جي تصور ذريعي ڏِسجي تہ مريم نہ صرف جاگيرداري سماج جي غلام آهي، پر پنهنجي جنسي ۽ وجودي آزادي کان محروم ۽ غلام ڪردار رکي ٿي. مريم وٽ، جيڪي سماجي دٻاءَ جي صورت ۾ خيالَ اُڀرن ٿا، تَن کي فرائيڊ جي  انفرادي دٻاءَ واري اڪيلائيءَ Repression Individual Alienation جي روشنيءَ ۾ سمجهي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ مريم جون تڪليفون ۽ خواهشون لاشعوري تحرڪ ۾ دٻائجي وڃن ٿيون. ڪارل مارڪس ساڳئيءَ حالت کي سماجي بيگانگي سَڏيو آھي. مارڪس موجب فرد جي اهڙي بيگانگي کيس پورهئي کان پري ڪري ڪوڙو شعور False Conscious بخشيندو آھي، انهيءَ ڪري مريم جو ڪردار جو سائنسي يا نفسياتي ڇيد ڪبو تہ اُهو پنھنجي پورهيت ڪلاس جي شعور ۽ سڃاڻپ  Class Conscious کان محروم ڪردار آھي.ايرڪ فرام چيو هو تہ؛

  Man’s alienation today is not primarily caused by his economic poverty, but by the emptiness and meaninglessness of his life in an alienated society.

ناول ۾، انهيءَ ڪري مريم جي ڪردار کي مارڪس جي سماجي بيگانگي ۽ فرائيڊ جي نفسياتي دٻاءَ جي روشنيءَ ۾ ڏِسي سگهجي ٿي، جتي لاشعور ۾ دٻايل خواهشون سماجي غلامي جو نتيجو بڻجن ٿيون. توڙي جو مريم جي ڪردار مان عورت جي يتيميءَ جي ڀوڳنا، بُک ڪارڻ رومانوي جذبن جي اڻهوند، جلاوطنيءَ جي درد کي سميٽي، جاگيرداري سماج ۾ عورت جي مظلوميت، محڪوميت کي سُٺي نموني اظھاريو ويو آھي، پر مريم جي ٻِن ڌيئرن جي پيدائش جي وقت اِهڙي سماج ۾ خاندان وارن جي سرهائي ڏيکاري وئي آھي، جيڪا هڪ پدراڻي ـ سماج ۾ اڪثر ممڪن ڪانہ هوندي آھي. اُنهيءَ وقت، مريم پنھنجي حالت ڏِسي، ڌيئرن جي تعليم طرف پڻ راغب نہ ڏيکاري وئي آھي. وڏيري ڪريمان جي ڪردار جي رُوپ ۾ تصوف جو بہ ڪو نتيجہ ـ خيز يا جديد ڪردار نہ ڏنو ويو آھي. وڏيري ڪريمان جي ڪردار کي روايتي تصوف، رڳو روايتي مراقبي ۽ عبادت تائين محدود ڏيکارڻ جي برعڪس سندس ڪردار جي ذات ۾ معنيٰ جي بحران The crisis of Meaning ڳولڻ جي تخليقي ڪوشش ناول ۾ موجود ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ وڏيري ڪريمان جي ڪردار ۾ هڪ وجودي خلا Existential Void هو، جنھن کي دريافت ڪرڻ جي ضرورت هئي. جديد تصوف انسان جي اندروني شعورَ، وجودي سچائيءَ، شعور جي تبديل ارتقائي ڪيفيتن، جديد فڪري مراقبي ۽ ذات جي نفسياتي ۽ فلسفياڻي ڇنڊ ـ ڇاڻ جو موقعو ڏيندو آھي. جڏهن تہ ڪريمان جي اُھا رُوحانيت، جيڪا انساني ـ مرڪز مان ئي ڦُٽي ٿي، جنھن تحت انسان پاڻ پنھنجي ذات ۾ ئي وڏي توانائيءَ جو اظھار هوندو آھي، تنھن توانائيءَ کي ناول ۾ دريافت ڪري سگهجي ها. جديد تصوف وجودي ـ جاڳرتا Existential Awareness or  Existential consciousness  جي علامت هوندو آھي ۽ ساڳئي وقت وڏيري ڪريمان جي ڪردار کي ڪائناتي ـ وحدت Cosmic Unity جي وحدت الوجود کي سائنسي ۽ ذرڙياتي ـ طبيعاتي Quantum Physics جي شعور ۽ انساني ـ مرڪزيت واري رُوحانيت Human Centered Spirituality  سان بہ پرکي سگهجي ها. اسان وٽ تخليقڪارن وٽ جديد مطالعو ڪونهي نہ تہ هاڻي تخليقي ادب ۾ تصوف جي ڪردارن کي تصوف ـ پڄاڻان  Post- Sufism توڙي پوسٽ ـ ماڊرنزم جي گَهڻ ـ سچائي Plural truths پوسٽ - نهيلزم يا Altered States of Consciousness سان پڻ پيش ڪري سگهجي ٿو، پر ڪنھن بہ ناول ۾ اڄ تائين اهڙي تخليقي جستجو نظر نٿي اچي.

ناول ۾ڪريمان ۽ وڏيري خاني جي مڙس وڏيري يار محمد جي اوچتي وفات بہ ناول ۾ فطري نہ پر مصنوعي لڳي ٿي. وڏيري يار محمد جو اڪيلو مثبت وڏيري هوندي خوبصورت ڪردار ڀلي ناول جو ڀراءُ هجي، پر جنھن جاگيرداريءَ دَور جي نظام سبب مريم جو خاندان لوڙي ٿو، تنھن سموري ڪھاڻيءَ ۾ وڏيرن جو اڪثريتي منافقانہ ۽ ناڪاري ڪردار ڪو بہ اِھڙو ناول ۾ پيش نہ ڪيو ويو آهي، جنهن وسيلي انهيءَ جاگيرداري نظام جي ظلمن کي سڌي نموني پڌرو ڪيو وڃي ها.

مريم جي ڪردار ۾ نسوانيت عورت ـ زاد Feminism جي زبردست عڪاسي انهيءَ حوالي سان ڪئي وئي آھي تہ هڪ عورت پنھنجي ذات ۾ اٿاھ گَهرائي رکي ٿي. هوءَ ظلم، ڏاڍ کي پنھنجي اندر جي آويءَ ۾ ڪيڏي مھارت سان جذب ڪرڻ جي اعليٰ صلاحيت رکي ٿي، پر مريم جي ڪردار جي و ڌيڪ، فلسفياڻي ـ ڇنڊ ڇاڻ ڪجي تہ سندس ڪردار مزاحمتي، متحرڪ يا اڳواڻي ڪندڙ ڪردار ڪونهي، پر هڪ ”وجودي بحران“ وارو ڪردار آھي. مريم وٽ حالتن جو جنميل مُونجهارو، ابھام ۽ شادين هوندي بہ، اندر جي اڪيلائيءَ، پيار جي کوٽ، سماجي عدم ـ تحفظ جي احساس، بيگانگي يا اجنبيت Alienation آھي. مريم ۽ سندس ماءُ جي ڪردارن جي ڀيٽ ڪجي تہ مريم جي ماءُ جو ڪردار مارڪسٽ فيمينزم ۽ مريم جو ڪردار وجودي فيمينزم تحت تضاد ۾ آھن. وجوديت جي فلسفي موجب، ناول ۾ مريم جو ڪردار عملي طور جامد Being- in- itself  آھي. اُن ڪري، هوءَ رڳو ڪنهن شيءِ جيان آھي، پر پنھنجي پاڻ ۾ محدود يا بند وجود Being enclosed in itself آھي، سندس شخصيت مذھب، روايتن جي بندشن ۽ سماجي تقدير جي مقابلي ۾ سماج جي مروج يا ٺاھيل ثقافتي وجود Cultural Construct آھي. ھُن وٽ عقيدي يا قسمت جي سامهون، وجودي عدم ـ حاصلات، بي ـ مقصديت، غير منطقي احساس واري زندگي ۽ وجودي بي ـ معنويت Absurdity آھي، پر اُن وٽ سموري لقاءَ کي پاڻ تبديل ڪرڻ جو سعيو ڪونهي. جيئن  Simone de Beauvoir چيو هو تہ ”عورت پيدا نٿي ٿئي، پر ٺاھي ويندي آھي.“ ناول ۾ وجودي فيميزم هوندي، ڪردارن جي تشڪيل، اُنهيءَ انداز سان نہ ڪئي وئي آھي، مريم جي زندگيءَ جون معنائون خاندان توڙي ٻين ماڻهن جي موجودگيءَ سان تخليق ٿئي ٿي. يعني هوءَ Being - for - others آھي. مريم جي ڪردار زندگيءَ جي معنيٰ پاڻ نٿو ٺاھي. مريم جي ڪردار ۾ مروج سماجي روايتن جي بدلي ڪا وجودي خود مختياري، غم ۽ فيصلن جي چونڊ Authenticity ڪانهي. سندس ڪردار ۾ وجودي فلسفي جي لحاظ کان خود آگهي، آزادي ۽ چونڊ جو شعور  Being - for - itself نہ ڏنو ويو آھي، جنھن تحت هوءَ ٻين ماڻهن جي نظرن سان پاڻ کي ڏِسڻ جي برعڪس، پنھنجي وجود جو الڳ وجودي احساس ماڻي سگهي. حالتن جي رحم ڪرڻ تي هلڻ بجاءِ هوءَ حالتن جي بدلاءَ جي ڪوشش ڪري سگهي. حقيقي زندگيءَ ۾ سارتر کي پڙھڻ بعد اها ڳالهہ سمجهي سگهجي ٿي تہ جيڪو جيڪو ڪردار، خود مختيار وجود Authentic Existence حيثيت ۾ رهي ٿو، سو خود فريبيءَ واري بقول سارتر مصداق Bad Faith کان پري رهي ٿو. انهيءَ ڪري سماج ۾ مريم جهڙين عورت ڪردارن کي عصري تقاضائن موجب هاڻي  Being -for - itself پنھنجي پاڻ لاءِ بہ هئڻ يا  جيئڻ گُهرجي، جيئن اُھي عملي زندگيءَ جي معنيٰ پاڻ ڳولي سگهن. سماج جي شديد اثرن باوجود، پنھنجي وجود کي الڳ نموني محسوس ڪري سگهن ۽ فيصلائتي شعور حاصل ڪري زندگيءَ جي پاڻ چونڊ ڪري، ان جي ذميواري پاڻ قبولي سگهن. مجموعي طور هيءُ ناول ڪافي ناولن کان بھتر هڪ پڙھڻ جهڙو ناول آھي، جنھن ۾ فطرت يا ڳوٺاڻي تھذيب خوبصورت نمنوني سان ڏنل آھن. عورتن جي پنھنجي هڪ اندروني ڪائنات جا مختلف عڪس ناول ۾ پَسي سگهجن ٿا، پر جيئن تہ ناول نگاره جو ناول نويسيءَ جو پھريون تجربو آھي، جنھن ڪري سندس ناول ۾ مذڪوره نقص بہ آھن.


Previous Post Next Post