سنڌ گريجوئيٽس
ائسوسيئيشن (سگا) هميشه سنڌ جي علمي، سماجي ۽ قومي شعور جي واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا
ڪندي رهي آهي. وقت جي بدلجندڙ حالتن، تنظيمي چئلينجن ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي
سگا پنهنجي قيادت کي وڌيڪ سگهارو، باشعور ۽ باصلاحيت بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم کنيو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ سگا جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (CEC) ۽ ڪائونسل آف ميمبرز (COM) لاءِ
“Transformational Leadership & Institutional Capacity Building” جي عنوان سان ٽن ڏينهن واري رهائشي تربيتي ورڪشاپ
جو شاندار اهتمام ڪنٽري سائيڊ شيليٽ ريزورٽ، ملير ڪراچي ۾ ڪيو ويو، جيڪا 24 کان 26
ڊسمبر 2025 تائين جاري رهي.
هن ورڪشاپ جو
بنيادي مقصد سگا جي موجوده ۽ ايندڙ قيادت کي اداري جي اڳواڻي، تنظيمي انتظام، پاليسي
سازي، فيصلا سازي، ٽيم ورڪ، جديد ڪميونيڪيشن اسڪلز ۽ سماجي ذميوارين لاءِ منظم نموني
سان تيار ڪرڻ هو، ته جيئن سگا مستقبل ۾ به هڪ مضبوط، اثرائتي ۽ نظرياتي تنظيم طور پنهنجو
ڪردار نڀائيندي رهي.
پهريون ڏينهن:
اداري جو ورثو، سڃاڻپ ۽ ٽيم بلڊنگ
ورڪشاپ جي پهرين
ڏينهن جي صدارت سگا جي چيئرمين محترم رفيق احمد جعفري ڪئي. ملڪ جي مختلف شاخن مان آيل
ڪام ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن مان شرڪت ڪندڙن جي دلچسپي ۽ اداري سان وابستگي
صاف ظاهر ٿي. پروگرام جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، جنهن جي سعادت شيخ
عبدالله ڪوهستاني، صدر سگا ڄامشورو شاخ حاصل ڪئي. تلاوت کان پوءِ دعا گهري وئي، جنهن
۾ اداري جي ڪاميابي، استحڪام، سنڌ ۽ ملڪ جي ڀلائي لاءِ دعائون ڪيون ويون.
سگا جي سيڪريٽري
جنرل محترم علي حسين بروهي ورڪشاپ جي تعارف ۽ مقصدن تي تفصيلي روشني وڌي. هن چيو ته
سگا رڳو هڪ تنظيم نه، پر هڪ فڪري ۽ نظرياتي تحريڪ آهي، جنهن جي مضبوطي ۽ تسلسل لاءِ
ضروري آهي ته اداري اندر قيادت جي صلاحيتن کي منظم نموني سان ترقي ڏني وڃي. هن وڌيڪ
چيو ته هن ورڪشاپ جو اصل مقصد اهو آهي ته ساٿي اڳواڻي ڪرڻ، ذميواري نڀائڻ، اداري جي
پاليسين کي سمجهڻ ۽ گڏيل فيصلن جي عمل کي بهتر نموني سان سمجهي سگهن.
سگا جي چيئرمين
محترم رفيق احمد جعفري پنهنجي صدارتِي خطاب ۾ چيو ته قيادت عهدن جو نالو نه، پر اعتماد،
قرباني ۽ ذميواري جو نالو آهي. هن چيو ته سگا هميشه شعور، علم ۽ جدوجهد جي علامت رهي
آهي ۽ اهڙيون تربيتون اداري کي وقت جي تقاضائن سان هم آهنگ رکڻ لاءِ انتهائي ضروري
آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ورڪشاپ ۾ سکيل علم ۽ تجربو عملي ميدان ۾ لاڳو ٿيندو.
سگا جي وائيس
چيئرمين پروفيسر خالد حسين چنا ”سگا جو سفر: ماضي، حال ۽ مستقبل“ جي عنوان سان جامع
۽ اثرائتو خطاب ڪيو. هن سگا جي تاريخي پس منظر، جدوجهد، تنظيمي واڌ ۽ فڪري بنيادن تي
روشني وڌي. هن چيو ته مضبوط ادارا تڏهن تعمير ٿيندا آهن، جڏهن ماضي جي ورثي کي سمجهي،
حالتن جو تجزيو ڪري ۽ مستقبل جي واضح منصوبابندي ڪئي وڃي. هن سگا جي جدوجهد تي مشتمل
هڪ ڊاڪيومينٽري ڏيکاري جنهن ۾ سگا جي گذريل 50 سالن جي تاريخ سمايل هئي. ورڪشاپ ۾ شامل
ساٿين کان سگا شناسائي جو پيپر پڻ ورتو ويو جنهن مان ساٿين کي سگا بابت ڀرپور ڄاڻ ملي.
پهرين ڏينهن
دوران ٽيم بلڊنگ، اداري جي سڃاڻپ ۽ تنظيمي هم آهنگي بابت سيشن رکيا ويا، جن ۾ شرڪت
ڪندڙن عملي مشقن، گروپ ڊسڪشن ۽ سوال جواب ذريعي ڀرپور حصو ورتو. شام جو غير رسمي نيٽ
ورڪنگ، بون فائر ۽ موسيقي محفل شرڪت ڪندڙن ۾ قربت ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.
ٻيون ڏينهن:
قيادتي مهارتون، ڪميونيڪيشن ۽ ذهني صحت
ورڪشاپ جي ٻئي
ڏينهن جو آغاز تلاوت ڪلام سان ڪيو ويو جيڪا سعادت سگا ڪاڇو شاخ جي جنرل سيڪريٽري غياث
الدين شاهاڻي جي حصي ۾ آئي جنهن بعد گذريل سيشن جي جائزي سان ڪم شروع ڪيو ويو. ان کان
پوءِ موثر ڪميونيڪيشن بابت تفصيلي سيشن ٿيو، جنهن ۾ ٽرانزيڪشنل اينالسس
(TA) ذريعي
رابطن کي بهتر بڻائڻ جا طريقا بيان ڪيا ويا. شرڪت ڪندڙن سکيو ته قيادت ۾ ڳالهائڻ، ٻڌڻ
۽ روين جي سمجهه ڪيتري اهم آهي.
ان کان پوءِ
جديد دور جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) اسڪلز ۽ انهن جي حڪمت عمليءَ
۾ استعمال بابت سيشن ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيئن جديد ٽيڪنالاجي تنظيمن کي وڌيڪ
اثرائتو بڻائي سگهي ٿي.
ذهني صحت ۽
جذباتي بهبود بابت سيشن ۾ قيادت جي دٻاءُ، ذهني توازن ۽ خود آگاهي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي
وئي. هن سيشن شرڪت ڪندڙن کي سيکاريو ته صحتمند ذهن کان سواءِ موثر قيادت ممڪن ناهي.
ٻئي ڏينهن سماجي
ڪاروباري قيادت (Social Entrepreneurial Leadership) بابت به تفصيلي سيشن ٿيو،
جنهن ۾ سماج جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تخليقي ۽ پائيدار قيادتي ماڊلز تي روشني وڌي وئي.
ٽيون ڏينهن:
عملدرآمد، رٿابندي ۽ اختتام
ورڪشاپ جي ٽئين
۽ آخري ڏينهن ۾ اداري جي انتظام، گورننس، مالي احتساب ۽ شفافيت بابت سيشن ٿيو، جنهن
۾ ٻڌايو ويو ته مضبوط نظام بنا مضبوط ادارا قائم نٿا رهي سگهن. ان کان پوءِ ايڪشن پلاننگ
۽ گروپ پريزينٽيشنز ٿيون، جن ۾ شرڪت ڪندڙن عملي تجويزون پيش ڪيون.
شرڪت ڪندڙن
گڏيل طور فيڊ بيڪ ڏنو ۽ مستقبل جي راهه جو تعين ڪيو. ورڪشاپ جي آخر ۾ مهمان خاص پروفيسر
ڊاڪٽر محمد طفيل جوکيو وائيس چانسلر اي اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي هڪ پر اثر خطاب ڪندي
سگا مرڪز جي هن ورڪشاپ جي عمل کي ساراهيو ويو .
سگا جي چيئرمين محترم رفيق احمد جعفري
ورڪشاپ کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون تربيتون اداري جي مستقبل لاءِ انتهائي اهم
آهن. هن ٽريننگ ڪرائيندڙ عملي جا بهترين ٽريننگ ڪرائڻ تي ٿورا مڃيا.
اختتامي تقريب
۾ شرڪت ڪندڙن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا ۽ سگا جي وائيس چيئرمين پروفيسر خالد حسين چنا آيل
سڀني مھمانن ۽ ورڪشاپ ۾ حصو وٺندڙ ساٿين جا ٿورا مڃيا ۽ ڪامياب ورڪشاپ ڪرائڻ تي ڪاميٽي
ميمبرن احمد حسن پنهور ،نور محمد سيال، پيرل خان کوسو ۽ سيڪريٽري جنرل محترم علي حسين
بروهي ۽ سموري ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. آخر ۾ جمعي جي نماز، گڏيل ماني ۽ روانگي سان ٽن
ڏينهن واري هن اهم تربيتی سفر جو اختتام ٿيو.
هي ٽن ڏينهن
واري “Transformational Leadership & Institutional Capacity
Building Workshop” ۾ سگا جي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ يادگار قدم ثابت ٿي.
شرڪت ڪندڙن ان کي انتهائي ڪارائتو قرار ڏيندي چيو ته هن ورڪشاپ نه صرف سندن ذاتي ۽
قيادتي صلاحيتن کي نکاريو، پر اداري کي وڌيڪ منظم، مضبوط ۽ مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ ۾
به اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙيون تربيتون يقيناً سگا کي هڪ مضبوط، باوقار ۽ اثرائتي اداري
طور اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.هنن خاص طور سگا جي سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي
طرفان پهرين ڏينهن شروعاتي سيشن کان آخر تائين مسلسل ٽي ڏينهن سگا جي ساٿين سان گڏ
رهڻ ۽ انهن جي صلاح مشورن سان پروگرام کي بهترين بڻايو ۽ بذات خود ورڪشاپ جي هرهڪ ڪم
ڪار تي گهري نظر رکي جڏهن سندس طبعيت ۾ به مزو نه هيو ان هوندي به پاڻ هڪ ورڪر وانگر
سڀني ساٿين سان گڏ رهڻ واري عمل جي ساراه ڪئي ۽ سگا مرڪز مان اڳتي باقي رهيل ساٿين
جي اهڙي تربيتي پروگرام ڪرڻ جي اميد ڪندي چيو ته جلد انهن جي به اهڙي قسم جي تربيت
ڪرائي ويندي۔
هن ورڪشاپ
۾ گڏاپ پبلڪ اسڪول جي سينيئر مئنيجر صيف ﷲ ڀٽو تمام گهڻو
سهڪار ڪيو ۽ سگا هيڊ آفيس جي عملي کي به جس هجي جن ٽئي ڏينهن محنت ڪئي،

