عورت جو مان ۽ مريادہ ـ حڪيم پريم چاندواڻي

اسان پنهنجي ڪالمن ۾ اڳ بہ ذڪر ڪري چڪا آهيون تہ عورت جو هر روپ ۽ رشتو عظمتن جو اهڃاڻ آهي، پوءِ اها امڙ هجي، ادي هجي، ڌيءَ هجي يا زال هجي۔ عورت کان سواءِ هيءَ ساري ڪائنات اڌوري ۽ نامڪمل آهي۔ عورت جي عزت رکڻ اسان سڀني جو فرض آهي۔ اهي شخص گهٽيا سوچ ۽ ڪريل ڪردار جا مالڪ هوندا آهن، جيڪي عورت کي پير جي جوتي سمجهندا آهن۔ عورت تي تشدد ڪندا آهن يا وري جيڪي عورت کي پنهنجي ذاتي مفادن ۽ نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل ڪندا آهن۔ عورت تي هٿ کڻڻ وارا دراصل نامرد آهن۔ 

عورت انسانيت جو اهڙو انمول روپ آهي، جنهن ۾ پيار، قرباني، ايثار ۽ جذبات جي پاڪيزگي گڏيل ۽ مڪمل صورت ۾ نظر اچي ٿي۔ هن جو وجود نہ صرف گهر جي زينت آهي پر سماج جي بقا ۽ انساني نسل جي تسلسل جو بنياد بہ آهي۔ عورت جي مريادہ ۽ مان ان وقت قائم رهي ٿو جڏهن سماج هن کي احترام، عزت ۽ برابري جي نظر سان ڏسي ٿو۔

عورت ڪنهن جي محتاج نہ آهي، هوءَ پنهنجي فڪر، محنت ۽ عمل سان هر ميدان ۾ پاڻ کي ثابت ڪري چڪي آهي۔ هن علم جي دنيا ۾ بہ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي، تہ قرباني ۽ خدمت جي ميدان ۾ بہ مثال بڻجي بيٺي آهي۔ پر افسوس اڄ بہ ڪيترن ئي سماجن ۾ عورت کي گهٽ سمجهيو وڃي ٿو، کيس مختلف طريقن سان، جبر ڪيو ۽ بي آواز بڻائي رکيو وڃي ٿو۔ اهو رويو نہ صرف ظلم آهي پر انساني قدرن جي توهين بہ آهي۔

عورت جي مريادہ ۽ مان تڏهن محفوظ رهندو جڏهن هن جي عزت تي، وار نہ ڪيو وڃي، هن جي سوچ کي گهٽ نہ ڄاتو وڃي، ۽ هن جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي۔ عورت کي جيڪڏهن حقيقي عزت ڏجي تہ هوءَ هڪ بهترين ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءَ جي صورت ۾ سماج کي سک ۽ امن ڏئي سگهي ٿي۔ عورت جيئن تہ نازڪ صنف هجي ٿي انهيءَ ڪري ان کي مرد جي سهاري جي ضرورت پوي ٿي۔ تنهنڪري هر رشتي جي نوعيت سان کيس ڀرپور سهارو ڏنو وڃي۔ بيماريءَ ۽ تڪليف جي حالت ۾ سندس هر مدد ڪندي هر ضرورت کي اوليت جي بنياد تي پورو ڪيو وڃي۔ عورت جو مان صرف لفظن سان نہ، پر عملن سان قائم رکڻ ضروري آهي۔ هن کي تعليم، روزگار ۽ برابريءَ جا موقعا ڏيڻ ئي اصل ۽ حقيقي عزت آهي۔ جڏهن عورت خودمختيار ٿيندي، تڏهن ئي سماج ۾ انصاف ۽ برابريءَ جا اصول ۽ قائدا مضبوط ٿيندا۔  عورت جي عظمت ڪنهن صنف مخالف جذبي ۾ نہ پر انساني برابريءَ ۾ لڪل آهي۔ هوءَ مرد جي دشمن نہ پر ساٿي آهي، جنهن سان گڏ هلڻ سان ئي سماج جي ترقي ممڪن آهي۔ عورت جو احترام ڪرڻ دراصل زندگي، محبت ۽ انسانيت جو احترام ڪرڻ آهي۔

عورت جو مان ۽ مريادہ قائم رکڻ اسان سڀني جو اخلاقي فرض آهي، ڇو تہ جنهن سماج ۾ عورت بي عزت ٿئي ٿي، اهو سماج پنهنجو ضمير ۽ وقار وڃائي ويهندو آهي۔ عورت جي عزت ئي انساني تهذيب جو اصل معيار آهي۔ ماءُ جي ممتا جهڙو مثال دنيا جهان ۾ ڪٿي بہ نٿو ملي۔ تنهنڪري اهڙي مهان هستيءَ جو مان مريادہ رکڻ وارو ئي بهترين انسان ۽ اعليٰ ڪردار جو مالڪ آهي۔ ٻي صورت اهو بد ڪردار، ۽ نيچ شخصيت جو مالڪ آهي۔ اها ماءُ جي هستي ئي آهي، جيڪا ٻار جي پالنا کان وٺي بهترين تربيت ڪري هڪ ڪامياب شخصيت يا ڪردار جو مالڪ بنائي ٿي۔ بااخلاق ۽ بلند ڪردار جو مالڪ آهي اهو شخص جيڪو عورت جو مان مريادا ڄاڻي ٿو ۽ عملي طور ان تي پابند رهي، انجو بهتر اظهار ڪندي ان تي عمل پيرا ٿئي ٿو۔ ٻي صورت اهو انسان گهٽ پر جبلتن حيوان ۽ نادان آهي۔

عورت کي بہ پنهنجي مان مريادہ رکڻ ۽ بچائڻ خاطر پردي ۽ پنهنجي عصمت ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ گهرجي۔ انهيءَ ۾ ئي سندس بهتري ۽ ڀلائي آهي۔


Previous Post Next Post