هوءَ منهنجي گوڏي، ننڊ سُتي ـ ارشاد علي پنھور

رات جي آخري پھرن جي نرم خاموشي، گھلندڙ ھير جي سرگوشي، دريءَ مان چمڪندڙ چانڊوڪيءَ  جي روشني، مھڪندڙ هوا جو احساس، ۽ منهنجي گوڏي تي هوءَ...

منهنجي دنيا، منهنجي محبت، آرام سان ستل، سونهن جي علامت، منهنجو محبوب سڄڻ سائين. سندس جي گل مثل چهري تي اطمينان جو اهڙو نُور، جھڙوڪ وقت بہ سندس لاءِ بيھي سلامي ڏيندو ھجي.

منهنجي دل خاموشيءَ سان سندس جي ساھ جي سرگوشي ٻڌي رهي هئي. هر ساه سان گڏ هڪ ڪهاڻي، محبت جي، قربت جي، ۽ اُن احساس جي ڪھاڻي، جيڪا لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان اڳتي جي آ. هوءَ نيند ۾ بہ مون سان ڳالهيون ڪري رهي ھئي. جھڙوڪ خواب ۾ بہ مونکي ڏسي رهي هجي، يا شايد مونکي محسوس ڪري رهي ھجي.

مون جڏهن هٿ وڌائي سندس جي وارن ۾ آڱريون ڦيريون، تڏهن هڪ نرم ڇُهاءُ محسوس ٿيو. ان احساس سان گڏ سندس جي مُرڪڻ، اھو محسوس ڪرايو ڄڻ خواب ۾ بہ مونسان ڳالهيون ڪندي مونکي جواب ڏئي رهي هجي. اھڙو مٺڙو منظر، جنهن لاءِ سموري زندگي بہ قربان ڪري سگهجي.

 ھا هوءَ منهنجي گوڏي ننڊ سُتي هئي،

۽ ان پلن ۾ ئي مونکي، زندگيءَ جو حقيقي سڪون مليو هو. دنيا جو شور، فڪر، خوف ڄڻ هن لمحي ۾ گم ٿي ويا هجن. محبت جو اھڙو پل، جنهن ۾ ننڊ ۽ باقي سموري جڳ جي وچ ۾ بيٺل، هڪ خواب بڻجي ويو ھجي. تڏهن منھجي سوچن ۾ آيو تہ، جيڪڏهن محبت اهڙي سڪون ڏيندڙ هجي، تہ پوءِ دنيا ۾ نفرت لاءِ ڪا جڳهہ باقي نہ رھي“

ڇا ت احساس جا لمحا ھئا، جو چنڊ بہ مُرڪي رهيو هو، ۽ ٿڌڙي گھلندڙ هوا پڻ همسريءَ سان چئي رهي هئي. ”هوءَ خوش آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ پنهنجي محبت جي گوڏي، ننڊ سُتل آ… ۽ سندس چهري تي اطمينان جو اهڙو نُور، ڄڻ وقت چنڊ جي چانڊوڪي ۽ وقت بہ سندس جي مرضيءَ سان ھلي رھيا هجن..

جڏهن رات جا ختم ٿيندڙ پھر پھتا، چنڊ پڻ موڪلاڻيءَ تي پھتو، ۽ هوا جي نرمي صبح تاڪ جي اچڻ جو احساس ڏئي رهي هئي، تڏهن مون دل جي ڌڙڪن جي ويجهو ٿيندي، ڇاتيءَ پکڙيل وارن جي حالت ۾، سندس نرم ھٿن تي ھٿ رکندي، معصوم ڳلن جي ويجهو ٿيندي، کائنس نرم آواز ۾ پڇيم تہ

تون نہ ٿي سمهي؟

جنهن تي هن اڌ سُتل اکين سان مرڪي چيو: تہ تون آهين تہ ننڊ بہ اچي ئي ويندي

۽ تنهن کانپوءِ ھوءَ ٻيھر، منهنجي گوڏي ڪنڌ رکي، ننڊ جي آغوش ۾ ھلي وئي۔

مون ڪجهہ دير لاءِ سندس چهري ڏانهن ڏٺو ۽ سندس چهري تي ننڊ جو سڪون، ۽ چپن تي هڪ ننڍڙي مُرڪ جيڪا هزار لفظن کان وڌيڪ ڳالهيون ڪندي هجي سا محسوس ڪيم۔

تنهن وقت من ۾ اھو خيال اڀريو تہ، ڪهڙو نہ عجيب احساس آهي محبت، جنهن ۾ نہ ڪنهن واعدي جي ضرورت، نہ ڪنهن لفظ جي۔ پر بس ضرورت آهي تہ هڪ نظر جي، هڪ ڇُهاءُ جي، ۽ سڀ ڪجهہ چپ چاپ چئي ڇڏيندڙ قربت جي۔

ٻاهر چنڊ پنهنجي ويندڙ چانڊوڪيءَ سان هن لمحي کي وڌيڪ دلڪش بڻائي رهيو هو, ۽ نيٺ اڀرندڙ سج جي پهرين شعاع دريءَ مان اندر داخل ٿي، ۽ چنڊ جي هلڪي روشني آهستي آهستي غائب ٿيڻ لڳي۔ ڪمري ۾ صبح جي خوشبو پکڙجڻ لڳي ۽ ھڪ نئين شروعات جو احساس ٿيڻ لڳو.

هوءَ اڃا تائين منهنجي گوڏي ننڊ ستل هئي۔ سندس چهري تي چنڊ جي روشنيءَ جي جاءِ تي هاڻي سج جون نرم سونهري شعاعون رقص ڪري رهي هيون۔ جيڪي منهنجيءِ دل کي هڪ اڻ کٽ سڪون ڏئي رھيون ھيون۔

مون آهستي آھستي، سندس ڪنڌ هيٺان هٿ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هوءَ بہ ڪنهن معصوم ٻار جيان، وڌيڪ ويجهو ٿي وئي۔ سندس ساهہ جي سراڻ منهنجي ڇاتيءَ تي محسوس ٿيڻ لڳي هئي۔ ائين لڳي رھيو ھئو، جھڙوڪ سموري ڪائنات جو سڪون هتي اچي ترسيو هجي۔

اٿي مٺي؟ مون نرم آواز ۾ چيو۔

هن ننڊاڳي اکين سان مرڪي، وراڻيو اڃا نه…اڃا ننڊ اڌ ۾ آهي

آئون بہ پنهنجي مرڪ کي روڪي نہ سگهيس، ۽ چيم توکي خبر آهي، تون سڄي رات منهنجي گوڏي سُتي آھين؟

هن بہ کلندي چيو،تڏهن تہ ننڊ ايتري مٺي هئي

ڪجهہ لمحن لاءِ، ٻئي بلڪل چپ ٿي وياسين۔ ڪمري ۾ رڳو دل جي ڌڙڪنن جو ساز ٻڌڻ ۾ پئي آيو۔ ٻاهر پکي صبح جي سجاڳيءَ جا گيت ڳائي رهيا هئا، ۽ صبح جي ٿڌڙي هوا نئين زندگيءَ جو پيغام ڏئي رهي هئي۔

مون سندس چهري ڏانهن ڏٺو ۽ محسوس ڪيم تہ جھڙوڪ سندس اکين ۾ خوابن جا رنگ اڃا باقي هئا۔ مون آھستگي سان چيو: جيڪڏهن هر صبح اهڙي ٿئي، تہ زندگيءَ جو مطلب ئي بدلجي وڃي...

ھن بہ مرڪي، ۽ پنهنجي نرم آواز سان چيو:

پوءِ وعدو ڪر، هر صبح مون کي ائين ئي پنهنجي گوڏي، جاڳائيندين

مون سندس هٿ هٿ ۾ وٺي چپ تي رکيو، ۽ وراڻيم

اهو وعدو نہ، پر عبادت آهي

آخر سج جي ڪرڻن بہ اچي، اسان ٻنهي کي چميون ڏنيون، جھڙوڪ فطرت پاڻ بہ انهي محبت جي شاهدي ڏئي رهي هئي۔

هوءَ بہ منهنجي گوڏي کان مٿي ٿي ويٺي، وارن کي پاسي ڪري، ۽ مرڪي چوڻ لڳي،

رات محبت هئي، ۽ ھيءَ صبح احساس آهي

۽ مان صرف ڏسندو رهيس..

ڇاڪاڻ تہ جڏهن محبت خواب بڻجي حقيقت ۾ بدلجي وڃي، تڏهن لفظن جي ضرورت ئي نہ رهندي آهي....

ھا

ائين ئي ...ھوءَ منهنجي گوڏي ننڊ ستي..

Previous Post Next Post