تعليم سان گڏ تربيت: استاد جي اصل ذميواري ـ نثار لغاري

اسان وٽ اڪثر استاد سمجهن ٿا تہ هڪ استاد هجڻ جو مطلب رڳو ڪلاس ۾ وڃي، سبق پڙهائڻ آهي. پر هڪ سٺو استاد سمجهي ٿو تہ تعليم صرف درسي ڪتابَ پڙهائڻ جو نالو ناهي، پر تعليم تربيت، ڪردار سازي Character Building ۽ نظم و ضبط Discipline سيکارڻ جو عمل پڻ آهي.

هيٺ استاد جون ڪجھ بنيادي ذميواريون لکجن ٿيون جيڪي هڪ سٺي استاد ۾ هجڻ گهرجن.

1.       شاگردن جي تربيت: هر ڪلاس Period جي شروعات ۾ پنج - ڏھ منٽ شاگردن کي اخلاقي تربيت، اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ جا آداب، احترام، چڱاين ۽ براين ۾ فرق سيکارڻ تي ضرور ڳالهائڻ گهرجي. اهڙي ناصحاڻہ ۽ اڪسائيندڙ گفتگو ڪرڻ سان استاد ۽ شاگردن جو پاڻ ۾ گڏيل ۽ مضبوط تعلق جڙي ٿو ۽ شاگردن ۾ اخلاقي صلاحيت پڻ قائم ٿئي ٿي.

2.       حاضري کي يقيني بڻائڻ Attendance: روزاني جي بنياد تي حاضري جو رڪارڊ رکڻ ضروري آهي ۽ بار بار غير حاضر رهندڙ ٻارن مٿان نظرداري رکڻ، استاد جي اهم ذميواري آهي. ان سان ٻارن ۾ حاضري کي يقيني بڻائڻ سان گڏ نظم و ضبط پيدا ٿيندو آهي.

3.       ڪلاس ۾ نظم و ضبط Discipline قائم ڪرڻ: ڪلاس يا اسڪول ۾ نظم و ضبط Discipline قائم رکڻ لاءِ ڪافي استاد سخت سزائون مقرر ڪندا آهن. پر نظم و ضبط رڳو سزا ڏيڻ سان نہ، پر مثبت انداز ۾ قاعدا قانون ٺاهي، ٻارن کي ان تي عمل ڪرڻ جو عادي بڻائڻ سان پيدا ٿيندو آهي. جيئن: اسيمبليءَ کانپوءِ يا رسيس ۽ موڪل وقت قطار ۾ هلڻ، ڪلاس ۾ افراتفري نہ ڪرڻ ۽ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ. اهي سڀ ڪم استاد جي استادي جو حصو آهن.

4.       صفائي ۽ ترتيبCleanliness and Neatness : ڪلاس جي صفائي، شاگردن جي يونيفارم، ٿيلهن Bags ۽ فيئر بڪس جي لکائي ۾ ترتيب ۽ صفائيءَ جو خيال رکڻ بہ هڪ ذميوار استاد جي روزاني ذميوارين ۾ شامل ٿين ٿيون.

5.       اسيمبلي جي تياري: هر ٻار کي سال ۾ هڪ ڀيرو اسيمبلي ۾ تلاوت، نعت، قومي ترانو، تقرير، پريزنٽيشن يا مختصر گفتگو ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي ضرور موقعو ڏيڻ گهرجي. جنهن سان شاگردن ۾ خود اعتمادي Confidence پيدا ٿيندو آهي.

6.       فيئر يا نوٽ بڪس جي چيڪنگ: شاگردن کي سيکاريو وڃي تہ فيئربڪس صاف سٿري خوش خطي سان لکيل هجن. روزانو جو ڪم روزانو چيڪ ڪرڻ گهرجي، جيئن شاگرد پنهنجي ڪم کي بخوبي نڀائڻ سکي وٺي.

هي اُهي مختصر ڪم آهن جيڪي هڪ استاد کي ليسن پلاننگ سان گڏ روزاني جي بنياد تي ڪرڻ گهرجن ڇاڪاڻ تہ هڪ سٺو استاد صرف سبق پڙهائڻ نہ پر زندگي جا اصول بہ سيکاريندو آهي.

استاد ٿيڻ هڪ سماجي ۽ قومي ذميواري هئڻ سان گڏ استاد جو ڪردار اهو ڏيئو آهي جيڪو ٻين جا رستا روشن ڪندو آهي.


Previous Post Next Post