مطلب نڪتو، سڄڻ وسريو،
سامهون آيو، اصلي چهرو۔
مطلب نڪرڻ جي بس دير آهي پوءِ رستو مٽيندو غير آهي۔ غير جو دل ۾ پالي ٿو سو سوا گهڙي ئي جالي ٿو۔ مطلب پرست ماڻهو، دوکي دغا جا ڄاڻون۔
بهتر آ ڪنهن سان گھرو نہ ٿجي،
ڪڏهن بہ تڪڙو، اٻهرو نہ ٿجي۔ ورنہ دل تي چوٽ لڳي ٿي، ڏاڍي بدتر موٽ ملي ٿي۔
دوستيءَ عيوض دغا ملي ٿي،
ڪاٿي ڀلجي وفا ملي ٿي۔
جي احساسن کان عاري ماڻهو سي جذبن تي ڪٽاري ماڻهو۔
شعور اگر بي نور ٿيندو، گهڻي اوندھہ انڌوڪار ٿيندو۔ بي حس ۽ بي ترس ماڻهو، سي فرشي نپٽ بي شناس ماڻهو۔ بس وقت پيو ٿو ڪٽجي، ٿو دوکن دولابن سان منهن ڏجي۔
مٺو ڳالهائي ٺڳن پيا، سي روڊن تي پوءِ رلن پيا۔ دوستيءَ ۾ جو دغا ڪري، ان جي خون تي شڪ ڪجي۔ اڪثر ايئن ڇو ٿيندو آ، قرب وارو ئي ڪهندو آ۔
هيءَ دنيا وڏي دولابي آ، بي حس بي رحم ڪسابي آ۔ وقت سٺو ڪيئن ڪٽجي، پنهن جي ڌن ۾ مگن رهجي۔ ڪنهن سان دل جو راز نہ سلجي، ظالم سان نڪو اٿجي ويهجي، نڪي ان سان کائجي پيئجي۔ سماجي ان سان بائيڪاٽ ڪجي۔ نہ ڪرڻ کان ڪجھ ڪرڻ بهتر، ناڪارہ سڏبو آ بدتر۔ خودداري رکجي، وڇوٽي رکجي، گھرائپ ڇو ڳلي ۾ وجهجي۔ سٺو وقت جي ڪٽجي ويندو،ڄڻ ڪو وڏو، انعام ملي ويندو۔ وقت اچي ويو تنگ آهي، نفس جي جاري جنگ آهي۔ ڀاءُ ڀاءُ مان تنگ آهي، نڪي نرمي نڪو ئي ننگ آهي بس بي شرمي ٿي دنگ آهي۔ ڪفن چورن جو قصو، نانگ ۽ نور جو قصو، بڻيو زندگيءَ جو حصو، ڪوڙو سارو سمورو قصو۔ بيحسي بي رحمي اگر وڌندي، بد امنيءَ کي هوا ڏيندي، جندڙي جيئڻ ڏکي ٿيندي۔ راھ خوشين جي لٽجي ويندي۔ رات ڏکن جي ڊگهي ٿيندي۔ ساھ جي اچ وڃ الجهي پوندي۔ بي شرمي بد اخلاقي تباهيءَ جو سامان کڻي ايندي۔
تباهي ۽ بربادي مقدر هر ساٿي رهبر بي ثمر۔ هر صدا بہ ٿيندي بي اثر۔ اهو دوست، دوست ناهي دغاباز، بي وڙو جو آهي۔
ڪوڙو پيو قربت ۾ ڪاهي، شرافت تڏهين رهي ناهي۔ محبت ٿي وئي هوا آهي۔ اڻسهپ خواب وئي سمورا ڊاهي، هر هنڌ ظلم پيو ٿو باهي۔
ظلم ڪئي جو چوٽي آ، هر آھ امبر کان موٽي آ۔ آهن ۾ جي اثر ايندو، ڪون ڪو ظالم جابر رهندو۔ وقت سٺو ڪو اچڻو آ،
ماڳ بہ سڀ کي ملڻو آ۔ نئون جهان ڪو جڙڻو آ۔ ڪنهن جو حق نہ مرڻو آ۔ اميدن تي آ دنيا قائم، اميد کي رکڻو آهي دائم، مايوسي ڪفر آهي، ها! مايوسي ڪرڻي ناهي، همت پڻ ڇڏڻي ناهي۔ ڪا جوت جڳائي وڃجي، ڪا مشعل ٻاري وڃجي۔ دنيا کي جيئاري وڃي ۽ نانءَ ويهاري وڃجي۔ ڪو مثال پٺتي ڇڏي وڃجي۔ ڪردار امر ها ڪري وڃجي۔ اهو سڀ ڪجھ ٿيڻو آهي ها وقت سهانو ورڻو آهي۔ خوابن کي، تعبير ڏيڻو آهي۔
تقدير وڃي ٿي مٽجي، تدبير ڪجي ڪا سھنجي۔ جي نيتن ۾ سچائي هوندي، هر آس بہ پوري ٿيندي۔ نئين راھ جيون کي ملندي۔ پوءِ تہ بلي بلي ٿيندي، منزل اسان جي آجيان ڪندي۔
ڪو خوف نہ دل ۾ رهندو، ڪو جابر ڊاڪو رهزن ڪون رهندو۔ امن جو سورج اڀري پوندو، جڳ سمورو روشن ٿيندو، اونڌوڪار نہ هر گز رهندو۔ هر هنڌ جئہ جئہ ڪار هوندو۔ اهڙو سهانو وقت ها! ورندو۔ هر بني بشر هر دم شاد رهندو۔ ڏک ڏولائو ڏور ٿي ويندو۔
ها! اهڙو وقت، بہ ورڻو آ،
ڏک سور نہ ڪوئي، رهڻو آ۔
سدا شاد آباد آدم کي ڏسڻو آ۔
تڙي بدحاليءَ کي، ڇڏڻو آ۔
پڪ خواب هي پورو ٿيڻو آ۔
آس جو دامن، ڇڏڻو ناهي،
پر اميد سدائين رهڻو آهي۔
سڀ ڪوڙا ڪپتا ٿيندا لوڻ،
سڀ ڦورو لٽيرا ٿيندا پروڻ۔
دستور دنيا جو، مٽڻو آ،
خوشحال اسان کي رهڻو آ۔
وقت نہ ساڳيو رهڻو آ،
ها ڀاڳ اسانجو ورڻو آ۔
نئون دور سهانو ٿيڻو آ۔
ڪو غم نہ ڪنهن کي رهڻو آ۔
هر شاد، قلب من ڪرڻو آ۔
هر ظالم جابر، تڙڻو آ،
وٺ نہ تن کي، ڏيڻو آ۔
مطلب نڪتو، سڄڻ وسريو،
دوست اهڙي کي ڌڪي آ ڇڏڻو۔
انا پرست!!!، سڀ غافل آهن،
خودغرض سڀيئي باطل آهن۔
سڀ ڊاڪو ڦورو، قاتل آهن۔
سڀ مطلبي رهبر، جاهل آهن۔

