سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جون چونڊون انقلاب جو آغاز ـ اعجاز ممنائي

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ عامر نواز وڙائچ جي حمايت يافتہ حسيب جمالي صدر ۽ فريدہ مڱريو جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا، جڏهن تہ سندن مقابلي ۾ بيٺل اقتداري ڌر جي حمايتي بئرسٽر سرفراز ميتلو کي شڪست اچي وئي، جڏهن تہ اليڪشن ڪمشنر جا فرض بئريسٽر ذوالفقار جلباڻي سرانجام ڏنا۔ غيرحتمي نتيجن موجب حسيب جمالي 2679 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن سندس مدمقابل اميدوار بئريسٽر سرفراز ميتلو کي 2604 ووٽ مليا، اهڙي طرح حسيب جمالي 75 وڌيڪ ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي۔ ٻنهي اميدوارن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، ٽئين نمبر تي عبدالوهاب بلوچ رڳو 44 ووٽ کڻي سگهيو. ائين جنرل سيڪريٽري فريدہ مڱريو 2582 ووٽ کڻي سيٽ کٽي وئي، عمران مٺياڻي 1463 ٻيو نمبر ۽ مرزا سرفراز 1257 ٽيون نمبر تي ووٽ کنيا، نائب صدر جي عهدي تي طارق علي جسڪاڻي 1497 کٽي ويو، محمد طاهر 1483 ٻيو نمبر آيو، خزانچي لاءِ نعمت الله خان 3066 ووٽ کڻي ڪامياب، ايڊيشنل جوائنٽ سيڪريٽري جي سيٽ تي روپ مالا سنگھ 2426 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي، جوائنٽ سيڪريٽري  تي آر بي قريشي 2426 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. انهن سمورن نتيجن سڄي جوڊيشلي سان گڏ پوري سياسي حلقن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي تہ اقتداري ڌر جو صدارتي اميدوار ڪيئن هارائي ويو!!!؟ جڏهن تہ ووٽرن کي سموريون مراعتون (پئسا، پلاٽ، گاڏيون، هٿيارن جا لائسنس وغيرہ) ڏيڻ باوجود بئريسٽر سرفراز ميتلو کي ناڪامي ملڻ ان ڳالهہ جو ثبوت آهي تہ شعوريافتہ طبقو تبديلي چاهي ٿو اھو سنڌ جو اقتداري پارٽيءَ خلاف اظھار بيزاري آهي. سرفراز جو ماضيءَ ڀلي ڪيڏو بہ سٺو ھجي، ھن سنڌ جي نوجوان وڪيلن جي خدمت بہ ڪئي ھجي پر ھن وقت سندس شڪست صرف اقتداري ڌر جي حمايت ۽ وابستگي جي ڪري ٿي آهي. سنڌ ۾ اگر شفاف اليڪشن ٿئي تہ ان جو نتيجو بہ ائين ئي نڪرندو. سنڌ ٻولي جي يا لسانيت جي نفرت جي بنياد  تي ووٽ نہ ڪندي پر سنڌ ان کي ووٽ ڪندي جيڪو سنڌ جي حقن لاءِ اڳتي ايندو۔ توڙي جو سنڌ ۾ مخلص قيادت جو فقدان رهيو آهي تڏهن بہ سنڌي قوم سنڌ جي مسئلن لاءِ آواز اٿاريندڙن جو ساٿ ڏنو آهي۔ جڏهن عامر نواز وڙائچ سنڌوءَ تي ڌاڙي ۽ زمين جي وڪري خلاف ڪراچي کان آواز اٿاريو ۽ ٻٻرلوء وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو تہ سنڌ جو ٻچو ٻچو سر تريءَ تي کڻي اڳتي وڌيو ۽ سندس سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺو۔ سنڌ جو شعور يافتہ طبقو پيپلز پارٽيءَ جي موجودہ پاليسيءَ سان نفرت جي حد تائين  اختلاف رکي ٿو.

ڇهہ مهينا اڳ جڏهن گرين پاڪستان انيشيئٽو تحت زمينن جي ورهاست ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري بابت شفافيت جو فقدان نظر آيو. 7 ملين هيڪٽر زمين تيار ڪئي پئي وئي، جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي جا علائقا شامل ڪيا ويا، پر سرڪاري ويب سائيٽن تي تفصيل وجود نہ هئا. پنجاب ۾ 2 هزار ايڪڙ تي مريم نواز ۽ آرمي چيف مهورت ڪئي، پر ان کانپوءِ ڪا وضاحت سامهون نہ آئي. چيو پئي ويو تہ 140 ايڪڙ زمين پرڏيهي سيڙپڪارن خريد ڪئي آهي، پر اگهہ، ادائيگي جو طريقو ۽ پاليسي واضح نہ هئي. 460 هزار مقامي سيڙپڪار هجڻ جي دعويٰ باوجود واضح نہ هو تہ غريب هارين کي بہ فائدو ملندو يا نہ. سنڌ کي خدشو هو تہ نون ڪئنالن سان ان جو پاڻي گهٽجي ويندو. زمين ورهائڻ لاءِ شفاف پاليسي آندي وڃي، هارين کي ترجيح ڏني وڃي. ان وقت ايڊووڪيٽ محمد حسيب جمالي جو موقف سامهون آيو هو تہ سڀ کان وڏو مسئلو شفافيت جو آهي، نہ پاليسيون سامهون آيون آهن، نہ ئي اهو ڄاڻايو ويو آهي تہ زمينون ڪهڙي بنياد تي ڏنيون ويون آهن. موجودہ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ مشينري، ٽريننگ ۽ سهولت ملي تہ مقامي ماڻهو پاڻ زراعت ڪري سگهن ٿا. ڪارپوريٽ فارمنگ سان مقامي هاري بي دخل ٿيندا، جڏهن تہ غربت، بيروزگاري ۽ پاڻي جو بحران وڌندو. جيتوڻيڪ اسان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ملڪي حالتن کي ڏسندي ڌرڻا ملتوي ڪيا آهن پر اسان ان تي آواز اٿاري رهيا آهيون ۽ اسان جو احتجاج جاري رهندو. سندس اهو چٽو موقف اڄ سندس ڪاميابيء جو اهم ذريعو بڻيو آهي حسيب جمالي موجب ”مان نہ پر هڪ آزاد بار ۽ سڄي سنڌ ڪامياب ٿي آهي“ محمد حسيب جمالي هڪ مضبوط ۽ ناقابل تسخير وڪيل آهي. هو پنهنجي بي عيب، سچي ۽ قابل اعتماد طبيعت جي ڪري بار ۽ بينچ ۾ هڪجهڙائي سان مشهور آهي. حسيب عدالتن ۾ سنجيدگيءَ سبب ڇانيل آهي ۽ پنهنجي ڪيس جي تياري ۾ مڪمل طور تي سندس مؤڪل ۽ مخالف ٻنهي طرفان ساراهيو ويندو آهي، جيڪي سندس اصولي موقف ۽ فصيح تقرير جي ڪري سندس قدر ڪن ٿا. حسيب 2005ع ۾ يونيورسٽي ڪاليج لنڊن (يو سي ايل) لنڊن مان سول ۽ ڪمرشل لا ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي. هو همدرد لا اسڪول مان قانون ۾ بيچلر جي ڊگري دوران ڊبل گولڊ ميڊلسٽ ۽ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن هولڊر هو. ان کان علاوہ، هن سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد مان ڪامرس ۾ بيچلر جي ڊگري ۾ ٻي پوزيشن پڻ حاصل ڪئي. مسرز عابد ايس زبيري اينڊ ڪمپني ۾ پارٽنر جي حيثيت سان، حسيب 13 سالن جي عرصي تائين مختلف گراهڪن مان لطف اندوز ٿيو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي اعليٰ پروفائل ڪمپنيون، خانگي تنظيمون ۽ ممتاز سياستدان شامل هئا. بهرحال، هاڻي حسيب وٽ ايس اي جمالي اينڊ ڪمپني جي حصي طور پنهنجي قائم ڪيل آزاد پريڪٽس آهي جتي هو هڪ سينئر پارٽنر آهي. اهو چوڻ ۾ وڌاء نہ ٿيندو تہ حسيب آفيس ۾ تجربي، علم ۽ مهارت جو خزانو کڻي اچي ٿو. حسيب جمالي 18 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عدالتن ۾ هڪ سرگرم وڪيل جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي، جنهن کي آئيني، سول، خانداني، ملڪيت ۽ چونڊ قانون جي شعبن ۾ ڪافي مهارت حاصل آهي. سندس متنوع مشق فوجداري، بينڪنگ، روزگار، ٽيڪسيشن، قومي احتساب بيورو، سوسائٽيز، ٽريڊ مارڪ ۽ ايڊمرلٽي قانون جي شعبن جي چوڌاري پڻ گهمي ٿي جتي هن نہ رڳو سازگار نتيجا حاصل ڪيا آهن پر پنهنجي لاءِ نالو ۽ شهرت پڻ ٺاهي آهي. حسيب جي قانوني بصيرت، ٽيڪنيڪل مسئلن جي گهري سمجھ، ۽ فيصلي واري، پوري دل ۽ يقين سان ڪيس تيار ڪرڻ ۽ دليل ڏيڻ جي صلاحيت سان، هن کي ضمانت جي معاملن ۽ فوري نوعيت جي ڪيسن جهڙوڪ اسٽي آرڊرز جو ماهر سمجهيو ويندو آهي. هو اڪثر ڪري فوري ۽ مختصر نوٽيس تي گراهڪن سان رابطو ڪندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن انهن کي ناڪام ڪيو آهي. هن جي ڪريڊٽ تي ڪيترائي رپورٽ ٿيل فيصلا آهن. حسيب 2006 کان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي ۽ 2016 کان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو وڪيل آهي. قومي اشوز تي حسيب هڪ سخت گير وڪيل آهي. جڏهن تہ، سندس هڪ ٻيو رجحان همدرد اسڪول آف لا ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان پڙهائڻ آهي. تازين چونڊن ۾ حسيب جمالي 2679 ووٽ حاصل ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر جي عهدي تي ڪامياب ٿي ويو آهي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي تہ حسيب جمالي پنهنجو مقرر ٿيل حدف ڪيئن ٿو پورو ڪري ڇوتہ هڪ طرف سرڪاري ڌر 26هين ۽ 27هين ترميمن تي رضامند ڪرڻ تي سمورا هربا استعمال ڪرڻ ۽ آئيني عدالتن جي قيام جون جيڪي چالون کيڏيون آهن. انهن تڪرارن کي منهن ڏيڻ لاء حسيب جمالي وٽ ڪهڙي حڪمت عملي آهي۔ اهو هرڪو ڄاڻي ٿو تہ منزل ساڳي ھجڻ سان ضروري ناهي تہ رستا بہ ساڳيا هجن، ڀلي سرفراز ميتلو پنهنجي شڪست قبولي ۽ پنهنجي حامي ساٿين جو کلي شڪريو ادا ڪري پر کيس شڪست جي سببن تي بہ نطر رکڻ گهرجي ان سان گڏ پنهنجي صفن ۾ اتحاد جي فضا کي قائم رکڻ بہ لازمي آهي۔ ٻي ڳالهہ تہ اختلاف راءِ رکڻ سان ڪو ڪردار ڪڌو ناھي ٿيندو، ڪيترا ئي مسئلا اھڙا ھوندا آهن جن تي هر ڪنهنجو پنهنجو پنهنجو الڳ موقف هوندو آهي، يعني ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ جيڪو فيصلو ڪيو وڃي ان ۾ ٻنهي ڌرين جو راضپو هجڻ نهايت ضروري آهي۔


Previous Post Next Post