ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ ھاري ڪميٽي ۽ ھاري هلچل جو عظيم ڪردار ـ نثار لغاري

ـ14  آڪٽوبر 42 هين ورسي جي موقعي تي ڪامريڊ غلام محمد لغاري کي سرخ سلام ـ

ڪامريڊ ڪڏھن بہ فوجي آمرن هٿان آڻ نہ مڃي ايتري قدر جو سندس وفات کان پوءِ بہ سندس گرفتاري وارنٽ ايندا رهيااڄ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ٻائيتاليهين 42 ورسي آھي، سندس سموري زندگي عوامي جمهوري طبقاتي جدوجهد ڪندي گذري، هي اهو دور هو جڏھن دنيا ۾ آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جو بہ چرچو هو ۽ سامراجيت جي تڏا ويڙھ ٿي رهي هئي، سنڌ بہ ان وقت ڪامريڊ غلام محمد لغاري، حيدربخش جتوئي، سوڀي گيانچنداڻي، رسول بخش پليجو،  هيمو ڪالاڻي جهڙا ڪردار پيدا ڪيا. تاريخ جي ڦيري کي روڪي نہ سگهي پر پنهنجي بقا جي جنگ جاري رکندي آئي.

ان وقت کاٻي ڌر ترقي پسند عوامي فڪر عوامي مزاحمت عروج تي هئي سامراجيت خلاف تحريڪون هيون عالمي ۽ ملڪي سياست تبديلين تي بحث ھئا، هن وقت افسوس آھي تہ اسان جي اڪثريت کي تمام گهٽ خبر آھي تہ اسان نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آھيون.

روس يوڪرائين جنگ ۾ سورنهن هزار روسي فوجي مارجي چڪا آھن. ايران ۾ ھجاب خلاف عورتن جي تحريڪ ۾ پوليس هٿان ٻہ سئو ماڻھو مارجي چڪا آھنطالبان تحريڪ پاڪستان جنگ بندي لاءِ ملڪي فوج کان سوات مڪمل طرح طالبان حوالي ڪرڻ ۽ اسلامي شرعي نظام قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي  بلوچن جا سڪيورٽي ادارن تي وڏا حملا جاري آھن. اسين اڃا تائين پندرنهن سالن کان هڪ نااهل ڪرپٽ سياست ڪندڙ وڏيرن جي بدتر حڪمراني کي قبول ڪريو ويٺا آھيون. جنهن جا وزير روزانو عوام جي شعور تي تنز ڪندي نظر ايندا آھن. پوليس هتي ڄ بہ قانون کي هٿ ۾ کڻي فل فراءِ ۽ ھاف فراءِ ڪندي آھي افسوس هن گهڙي تي ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙن ڪردارن جي ضرورت آھي، جنهن ايوبي آمريت خلاف مسلسل جيلن ۾ گذاريو .

ڪامريڊ غلام محمد لغاري ميرپورخاص ويجهو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو ظلم خلاف بغاوت ۽ مظلوم دوستي سندس خمير ۾ شامل هئي، ان دور ۾ برطانوي سامراج خلاف تحريڪ سموري هندستان ۽ مسلمان خطن ۾ ڦھليل هئي، هن خطي خلافت تحريڪ آل انڊيا، ڪسان سڀا، ڪانگريس پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا،  مجلس احرار هن سموري منظر ۾ قومي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيون هيون. هنن جي سامراج خلاف جدوجهد سان گڏ هارين، مزدورن ۽ غريبن جون تحريڪون بہ هلي رهيون هيون.

ڪامريڊ غلام محمد لغاري جنهن علائقي ۾ پڙھي رهيو هو اتي بہ اهي خيال مختلف طريقن سان اچي رهيا هئا، انهن خيال کان هڪ مزاحمتي ڪردار جو متاثر ٿيڻ لازمي عمل هو. انهن خيالن کي اختيار ڪري ڪامريڊ غلام محمد لغاري بہ سرگرم ٿي ويو هو. هو نهايت غربت واري زندگي گذاري آيو هو انڪري کيس چڱي طرح خبر هئي تہ غربت ۾ ڪئين ماڻھو زندگي گذاريندا آھن. هن انهي سموري تسلسل ۾ ڪامريڊ سنڌ ھاري ڪاميٽي جو روح روان ٿي ويوانهي دوران ڪامريڊ ھندستان ۽ بعد ۾ پاڪستان سطح جي چوٽي جي ليڊرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، اسين جيڪڏھن بعد جي عرصي کي ڏسون تہ فردن سان گڏ پارٽين جو بحران پڻ پيدا ٿيو جنهن حڪمران طبقن جي پارٽين کي طاقتور ڪيو. انقلابي سياسي پارٽين نہ هجڻ يا ڪمزورهجڻ جو بحران. هن وقت حقيقت اها آھي تغ عام ماڻھن لاءِ ۽ خاص طرح محڪوم بنايل سماجن ۽ قومن لاءِ سياست ڪرڻ سياسي پاور حاصل ڪرڻ زبردست پرامن جمهوري جدوجهد ڪرڻ عوام کي منظم ڪرڻ منظم جدوجهد ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي ڇو تہ حڪمران قوتن ماڻھن جي جئيڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا آھن. سماج کي مڪمل طرح برباد ڪرڻ جي هر حڪمت عملي تي هي عمل پيرا آھن.

هن وقت منهنجي نظر ۾ جيڪڏھن ڪو تمام وڏوبحران آھي تہ اهو سماج ۾ انقلابي پارٽي جو نہ هجڻ آھي اها نہ هجڻ جي ڪري حاڪم قوتن کي مڪمل طرح ڇوٽ مليل آھي تہ هو جيڪو چاهين اهو ڪن ايتري قدر جو هو هڪ سياسي مشھور ڪارڪن کي کنڀي گم ڪري ڇڏين پر انهن کي ڪجهہ نہ ٿيندو مطلب سياست ايتري ڪمزور ٿي چڪي آھي سياسي پارٽيون تمام گهڻو ڪمزور آھن.

افسوس آھي تہ انقلابي يا جمهوري پارٽيون اهو سڀ ڪجهہ مّحسوس ڪندي بہ نہ پاڻ کي سگهارو ڪرڻ لاءِ تيار آھن نہ ئي پاڻ کي منظم ڪرڻ لاءِ تيار آھن نہ ئي هو پنهنجي هم خيال پارٽين ۽ گروپن کي گڏ ڪري ڪا وڏي اتساهڪ تحريڪ کڙي ڪرڻ لاءِ تيار آھن. هن وقت بہ ننڍا ننڍا انقلابي گروپ ڪنهن اتحاد ۾ گڏائجن تہ وڏي سياسي تحريڪ جڙي سگهي ٿي.

مسلسل مهانگائي بيروزگاري بک بدحالي ڪرپشن وڏيرن ۽ پوليس جي ظلم ترقياتي ڪم نہ ٿيڻ حڪمران ڌرين جي مسلسل ناانصافي پنهنجا نوازي زبردست لٽمار عوام جي ڪاوڙ ۾ شديد واڌارو ڪيو آھي تيرنهن سالن ۾ عوام جي لاءِ پيپلزپارٽي ڪجهہ ناهي ڪيو ظلم بربريت جي انتها ٿي چڪي آھي.

هن وقت جدوجهدن باوجود اصل حڪمران ايترا طاقتور آھن جو هو جڏھن ۽ جتي چاهين ڪنهن بہ سياسي ڪارڪن کي کنڀي گم ڪري ڇڏين. سياسي پارٽين ۾ ايتري طاقت ناهي جو اهي پنهنجي ڪارڪنن لاءِ موثرآواز اٿاري سموري سماج کي انهي تي متحرڪ ڪري سگهن. اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو تہ انقلابي سياست اڳ کان وڌيڪ ڏکي ٿي چڪي آھي.

هن سنگين صورتحال ۾ بہ اسان جي انقلابي سياست ڪندڙاڳواڻن جي ڪجهہ کي ڇڏي اڪثريت جو رويو ٻاراڻو آھي، مثال اتحاد ڪرڻو ناهي يا نالي ماتر ڪرڻو آھي هارين مزدورن ۾ وڃي ڪم ڪرڻو ناهي باقي جڏھن ڪا مجبوري اچي تہ يڪدم ور کڻجي وڃي عام ماڻھن وٽ پهچڻو آھي نتيجي ۾ موٽ بہ اوتري ملندي ڪافي عرصو آرام ڪري پوءِ اچانڪ ماڻھن وٽ وڃبو، مستقل مزاجي سان ڪم نہ ڪبوافسوس تہ جيڪي تاريخ ۽ جدليات جا ماهر آھن هو چون ٿا اسان کي سڀ خبر پوءِ انهن کي ڪير اچي سمجهائي.

ڇهہ جون تي بحريا ٽائون جي جلسي کان پوءِ مسلسل عوام چارج آھي. انهي حوصلي کي سياست کي طاقتور ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا نہ ڪيو ويو تہ اهو موجودا موقعو وڃائڻ جي مترادف هوندو، هن وقت هر سماجي سياسي بحران هڪ وڏي منظم پورهيت طبقي جي پارٽي نہ هجڻ جي صورت ۾ پاڻ کي اظھاري رهيو آھي، جيڪي پارٽيون موجود آھن اهي عظيم تاريخي گهرج تي پوريون نٿيون لهنآخر ۾ اهو سوال سڀني سياسي قوتن کان آھي تہ اسان جي سياست سگهاري هجي تہ اسان جي ڪنهن پرامن سياسي ڪارڪن جي جبري گمشدگي ائين آساني سان ممڪن هجي اهو ئي نقطو وڌ کان وڌ غور طلب آھي جنهن جيتري روايتي پڻي مان نڪرڻو پوندواهو افسوس ناڪ ناهي تہ هارين ۽ مزدورن تي طبقاتي جبر ۽ استحصال وڌيو آھي پر سنڌ ھاري ڪميٽي سميت پورهيت طبقي جي ڳالهہ ڪندڙ تنظيمون ڪمزور ٿيون آھن .

موجودا پيپلزپارٽي جي حڪومت عوام لاءِ ڪجهہ ناهي ڪيو، پبلڪ جي سياسي سپورٽ جو گراف ڏهاڪو کن سال اڳي کان ڪريل آهي، انڪري اقتدار کي قائم رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، هتي واري اقتداري سسٽم کي قائم رکڻ  لاءِ هڪ تہ بيورو ڪريسي جي حمايت کپي ٿي، انهن لاءِ هنن ڇا ڪيو آهي جو، ڪرپشن رشوت جا در کولي ڇڏيا اٿن، يعني انهن کي بہ ڪرپشن رشوت ۽ منشيات جي پيسن ۾ برابر جو حصيدار ڪيو اٿن، ٻيو تہ اقتدار کي هلائڻ لاءِ اڀري سڀري سياسي سپورٽ بہ کپي ٿي، اها هنن پراڻن انگريز دور جي سياسي لارڊن وسيلي پوري ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي آهي، سنڌ جا پراڻا سياسي لارڊ جيڪي هتي سردار، ڀوتار، مالڪ، وڏيرا، رئيس، پير، شاه سڏبا آهن، اهي تاريخي پراسيز ڪري ڪمزور ٿي ختم ٿي چڪا هئا انهن کي هنن يعني بلاول زرداري وارن بيورو ڪريسي هٿان آڪسيجن ڏياري، پبلڪ جا جيڪي ضروري سرڪاري ڪم ڪار آهن، اهي هنن جي هيٺان تابع ڪري ڇڏيا اٿن، جيئن انهن هٿان سنڌي عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ سئولو ٿي پوي، اهو هڪ ظالماڻا سياسي طريقو آهي، جيڪو مهذب دنيا ۾ تہ چند سئو سال کان بند آهي پر هتي هي انکي گذريل هڪ ٽرم تائين هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، اڃان بہ هي سمجهن ٿا تہ مسقبل ۾ بہ ان ظالماڻي سياسي نظام کي ايئن ئي هلايون! پر هاڻي ان سياست جو دور بلڪل ختم آهي، هاڻي هتي واري سنڌي پبلڪ بہ سوشل ميڊيا ڪري ڏاهي ٿي رهي آهي، کڻي مڪمل ڏاهي نہ ٿي آهي، پر ايتري ڏاهي تہ ضرور ٿي ويئي آهي جو هي ظالماڻو سياسي سسٽم نٿا قبولين، هي بلاول زرداري وارا وري ان پراڻي طريقي تي هلڻ پسند ڪن ٿا، بلاول جو ڪردار هاڻي واضع طور تي انهي پراڻي ظالماڻي سياسي ماڊل جي گرد گهمي رهيو آهي، جنهنکي سڀڪو باشعور سمجهي پيو، پاڻ وٽ هتي وري ڪي ان کي آڪسفورڊ ۽ يورپ جي جديد سياسي تربيت يا ماحول ۾ ڳولهي رهيا آهن، سو انڪري انجو ڪردار انهنکي سمجھ ۾ نٿو اچي، اهي رڳو پنهنجيون نظرون، مٿين ڪانسيپٽ سان ڦيرائي ڏسن، پوءِ چوندا آهن تہ "نظر بدلے نظارے بدلے" بلڪل ايئن بلاول زرداري اينڊ ڪمپني واري سياست بہ سمجھ ۾ اچي ويندي. هڪ دوست لکيو 1965 ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ جي شاندار تحريڪ کانپوءِ سنڌ جي شعور کي قابو ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ جي آشرواد سان ڀٽي صاحب جي اڳواڻي ۾ 1967 ۾ جاگيردارن جو اتحاد ٺاهيو ويو جنهن اتحاد ۾ سنڌ جي سڀني پيرن، ميرن ۽ سردارن کي گڏائي واڳ ڀٽي صاحب جي هٿ ۾ ڏني وئي ڀٽي صاحب کانپوءِ واڳ محترمہ ۽ محترمہ کانپوءِ واڳ زرداري جي هٿ ۾ ڏني وئي آهي. اڳتي هلي اها واڳ بلاول ڀٽو زرداري جي هٿ ۾ هوندي ائين هي 250 ماڻهن جو ٽولو هنن وٽ قابو هوندو ۽ 6 ڪروڙ سنڌي هنن پيرن، ميرن ۽ سردارن جي 250 جي ٽولي وٽ قابو هوندو. جيڪو سموري سنڌ ۾ سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙهائي پنهنجا بڻياد مضبوط بڻائيندا رهيا ۽ بڻائيندا رهندا- هن سموري صورتحال مان نڪرڻ جي باسعادت گهڙي ويجهي اچي چڪي آھي. هاڻ منزل پري ناهي ويجهي آھي پيپلزپارٽي جو پراجيڪٽ ھاڻ ختم ٿي چڪوآھي. هن سموري صورتحال ۾ ليڊر شپ جو بحران عروج تي آھي مهانگائي، بيروزگاري ۽ جبر جو شڪار سماج.

موجودہ حڪمرانن مهانگائي ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ ان جي مٿان وري اهي بيان بہ آھن تہ ڪو مسئلو ناهي سموري دنيا ۾ جيڪا مهانگائي آھي ان کان هتي گهٽ آھي. هتي جيڪو غير جمهوري قوتن جو جبر آھي اهو بہ گهٽ آھي. عالمي رسالي دي ايڪانامسٽ جي رپورٽ موجب پاڪستان هن وقت مهانگائي ۾ ڇوٿون وڏو ملڪ آھيمقبول عالمي رسالي ”دي اڪنامسٽ“ 43 ملڪن ۾ مهانگائيءَ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.

دي اڪنامسٽ جي رپورٽ موجب مهانگائي جي اعتبار سان پاڪستان دنيا جي 43 ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آهي، پاڪستان ۾ گذريل مهيني مهانگائيءَ جي شرح 9 سيڪڙو رهي. رپورٽ موجب ڀارت ۾ مهانگائي جي شرح 4.3 سيڪڙو آهي ۽ ڀارت جو فهرست ۾ 16 هون نمبر آهيدنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڏکڻ آمريڪي ملڪ ارجنٽينا ۾ آهي، جتي مهانگائي جي شرح 51.4 سيڪڙو آهي. مهانگائيءَ جي اعتبار سان ترڪي ٻئي نمبر تي آهي، جتي مهانگائي جي شرح 19.6 سيڪڙو آهي، جڏهن تہ برازيل 10.2 سيڪڙو شرح سان ٽئين نمبر تي آهي. مطلب تمام گهڻي مهانگائي ٿي چڪي آھي غربت جي ڪري هتي عام ماڻھو تمام گهڻو بي حال آھي. بس هو ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ آھي تہ ڪا سنجيدا ڌر يا ڪا معاملن کي اڳتي وٺي ويندڙ ڌر سياسي تحرڪ ۾ اچي ٿي تہ نتيجا سخت نڪرندا. روايتي طريقي حڪمران اهو سمجهي رهيا آھن تہ ماڻھو مهانگائي جي هي وڏي لهر بہ برداشت ڪري ويندا پر هاڻ محسوس اهو ٿي رهيو آھي تہ برداشت جون حدون ڪراس ٿي چڪيون آھن.

اسان جو ماڻھو خودڪشي کي تمام گهڻو غلط ۽ خراب سمجهندو هو ۽ آھي پر ماڻھو بي وسي جي عالم ۾ جهالت ۽ سماجي جنگ کي نہ سمجهي سگهڻ جي ڪري خودڪشي جي عمل کي بہ استعمال ڪري رهيو آھي اها ڪنهن بہ فرد يا سماج جي مايوسي جي انتها آھي.

حڪمران طبقن سان گڏ اهي سياسي قوتون جيڪي عوام ۽ عام غريب کي وڏي طاقت سمجهن ٿيون اهي بہ درست طريقي عوام جي اندر وڃڻ لاءِ تيار نہ آھن عوام جا صفا غريب پرت هن وقت وڏي سماجي طاقت بنجي سگهن ٿا پر هن وقت اهي ننڌڻڪا آھنهن وقت اهڙيون انقلابي سڏائيندڙ ڌريون بہ آھن، جن کي ڪارڪن اندران پريشر وجهي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آھن. انهن جي قيادت کي هن وقت بہ سماج جي تحرڪ تي يقين ناهياهي مجبوري ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيون ويون آھن جيڪا پوءِ بہ بهتر ڳالهہ آھيحقيقي عوام دوست سياسي قوتن جو هن وقت ننڍي ۾ ننڍو تحرڪ بہ عوام حڪمران طبقن انهن جي مخالف ڌر تي گهرا اثر مرتب ڪندو. حڪمران طبقو انهي ڪري بہ ڊنل آھي جو جنهن ڏينهن عوام جي تحريڪ شروع ٿي. انکي محدود دائري ۾ رکڻ مشڪل ٿي ويندو اهو خوف حڪمران ڌر ۽ سندن مخالفن کي ڀلي پت آھيهن وقت حڪمران ڌريون تہ مهانگائي جي عمل جو دفاع ڪري رهيون آھن پر خود مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم وٽ بہ ڪو ٺوس پروگرام ناهي مثال طور اها آءِ ايم ايف جي معاهدن جو ڇا ڪندي هن وقت جيڪا بہ مهانگائي ٿي رهي آھي اها انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ جي ڳرين شرطن جي ڪري ٿي رهي آھي.  پي ڊي ايم صفا محدود ايجنڊا تي ڪاربند آھيپي ڊي ايم اهو سمجهي ٿي تہ عوام جي غريب طبقي ۾ ھاڻ قوت برداشت رهي ناهي. جيڪڏھن اهي هڪ دفعو روڊن تي نڪري آيا تہ انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو هوندو مٿان ڪو پروگرام بہ ناهي انڪري صورتحال شديد خراب ٿي سگهي ٿي انڪري اهي بہ محدود پئماني تي ٽوڪني احتجاج ڪري رهيا آھن پر حقيقت اها آھي تہ عوام هاڻ مسلسل مهانگائي جي ڪري تنگ ٿي چڪو آھي ۽ اهو ڪنهن مرحلي تي ازخود بہ حڪمرانن خلاف روڊن رستن تي نڪري ايندو ڇو تہ حقيقي عوامي متبادل اڃا ٺھڻ جي عمل ۾ آھي. اهڙين حالتن ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙن ڪردارن کي ياد ڪرڻ ۽ انهن جهڙو بنجڻ جي سخت ضرورت آھي.

هن وقت افسوس آھي تہ اسان جا ڪميٽيڊ ماڻھو بہ اهو چوندي ٻڌبا آھن تہ ماڻھو اڳتي اچڻ لاءِ تيار نہ آھن اهي ڪا مزاحمت ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھن. اسين ڇا ڪريون تصور ڪريو اڄ کان پنجاهہ سال اڳي ڪامريڊ غلام محمد اڪيلي سر سچائي اشاعت گهر تان اخبار هاري حقدار سائيڪلو اسٽائل تي ڇا پيندو هو لکندو هو ۽ ھارين جي ڳوٺ ڳوٺ وڃي هر اليڪشن ۾ بيهي کين سجاڳ ڪندو هو ڇا ان وقت حالتون بهتر هيون ۽ ماڻھو سمجهڻ لاءِ تيار هئا يا اڄ حالتون بهتر ۽ زبردست آھن. هن وقت حقيقت اها آھي تہ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙي جوش ۽ جذبي حوصلي ۽ جرائت جي ضرورت آھي هن وقت جيڪڏھن سموري سنڌ ۽ سمورو سماج جيڪڏھن مسئلن ۽ غلامي ۾ جڪڙيل آھي تہ ان جو سبب ڪمٽمينٽ پاڻ ارپڻ جي کوٽ آھي.

تاريخ ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جهڙا فرد قومن سماجن جي ارادي جي تشڪيل جو ڪم ڪندا آھن انهي ارادي کي تشڪيل ڏيڻ جي ضرورت آھي.


Previous Post Next Post