جيتوڻيڪ حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي، انسان جي تاريخي سڃاڻ ”اشرف المخلوقات“ جي نالي سان ئي رهي آهي پر افسوس، اڄ جي انسان پنهنجي عملن سان ان اعزاز کي لتاڙي ڇڏيو آهي. اڄ جي جديد دور ۾ جتي علم، ٽيڪنالاجي ۽ شعور جي ھڪ نئين دنيا ٺهي چڪي آهي تہ اتي انسان جي اندر جي وحشيت پڻ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي. ان وحشت جو آسان ۽ عام نشانو اڪثر ڪري معصوم ۽ ننڍي عمر جا ٻار ھوندا آهن.
اڄ جي انسان جو ان معصوم ٻار ڏانهن کڄندڙ ھر هٿ جھڙوڪ، وحشي پن جي ذھن سان کڄندو ھجي، وحشيت جي انتھا اھا آهي جو اڪثر معصوم ٻار جي عزت کي نوچي پوءِ کيس زندگيءَ کان پڻ محروم ڪري ڇڏي ٿو، اھڙي غليظ عمل سان سمورو سماج لڄائجي وڃي ٿو، خاص اھڙي ظلم کي منهن ڏيندڙ ڪنهن معصوم جي عزيزن جي زندگي، ڏک ۽ خوف جي علامت بڻجي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ تہ اهڙا واقعا صرف خبرن تائين محدود نہ آهن، پر اهي اسان جي بيمار سماج جي عڪاصي آهن. سوچجي تہ صحيح تہ اسان جو سماج ڪٿي وڃي رهيو آهي؟ اڄ جي دور جي درندگي ايتري قدر وڌي وئي آهي جو والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول، بازار يا پاڙي ۾ بہ اڪيلي موڪلڻ کان ڊڄن ٿا. هڪ اهڙو خوف سماج تي ڪارا ڪڪر بڻجي ڇانئجي چڪو آهي، جنهن جو ڪو علاج ٿيندي نظر نٿو اچي.
هن وحشي روين جا بنيادي ڪارڻ ڪيترن ئي سطحن تي موجود آهن. جھڙوڪ: اخلاقي زوال، قانوني ڪمزوري، جتي اسانجو اڄوڪو سماج اخلاقي پستيءَ جي عروج تي آهي، اتي اسان وٽ قانون بہ سگھارو قدم کڻڻ کان قاصر آهي. ايڏن ڪاھاري ڏوھن کانپوءِ بہ ڪي خاص سزائن جا انتظام نہ آهن نہ ئي انهن کي روڪڻ جي لاءِ ڪي خاص قدم کڄندي نظر آيا آهن. تنهنڪري ئي اڪثر جنسي ڏاڍايون ڪندڙ قانون جي گرفت کان آزاد ڦرندي نظر ايندا آهن.
اسانجي معاشري ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ذهني بيماريون ۽ سماجي دٻاءُ پڻ ان وحشيت کي ھٿي ڏيڻ جو وڏو وسيلو بڻجي رھيو آهي. ڇاڪاڻ تہ سماجي ۽ معاشي پريشانين سبب نفسياتي بيماريون وڌي رهيون آهن ۽ اسان جو سماج ان سڀ جو خاطر حل ۽ علاج ڪرڻ بدران لڪائڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. ڏسجي تہ اڄ جي ڊجيٽل ۽ ميڊيا جي دور ۾ ميڊيا جو غلط استعمال بہ نوجوانن جي ذهني بگاڙ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جتي شايد حرمتن جو تصور ئي ختم ٿي ويو آهي. پر سوال تہ اهو بہ آهي تہ ڇا اسان رڳو افسوس ئي ڪندا رھنداسين؟ يا اھڙن بدترين ۽ حقيقي مسئلن جي حل لاءِ ڪي عملي قدم بہ کڻداسين؟
اڄ معاشري کي هڪ نئين اخلاقي بنياد تي اڏڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. سختي سان ڪجهہ ڳالهين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي جھڙوڪ اسڪولن ۾ ٻارن کي صرف ڪتابي علم نہ، پر اخلاقي، انساني ۽ جذباتي تعليم پڻ ڏني وڃي. والدين کي بہ گهر جي تربيت ۾ سنجيدگي ڏيکارڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ تہ اصل شخصيت گهر جي تربيت سان ئي ٺهي ٿي.
رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ اهڙن ڏوهن لاءِ فوري انصاف ۽ عبرتناڪ سزا جو نظام قائم ڪرڻ گھرجي. ان سان گڏوگڏ، نفسياتي مدد جا مرڪز قائم ڪرڻ سان گڏ، منظم ۽ وسيع پيماني تي آگاهي مهم ھلائڻ، ۽ سماجي نگراني جو هڪ مضبوط نظام جوڙڻ جي اشد ضروري آهي. اھڙي وحشيت کانپوءِ بہ اڄ جيڪڏهن اسان خاموش رهياسين، تہ شايد ايندڙ نسلن لاءِ ھيءَ دنيا ۽ سماج وڌيڪ خطرناڪ ۽ غير محفوظ بڻجي ويندو.
اسان سڀني جو سماجي ۽ قومي فرض آهي تہ اسين اھڙن وحشي انسانن کي حقيقي ۽ سندس اصل اصطلاح وارو انسان بڻائڻ لاءِ هر گهر، هر اسڪول، ۽ هر دل ۾ انسانيّت جو ڏيئو ٻيهر ٻارڻ جي ڪوشش ڪريون. اڄ جي وحشي دور ۾، انسانيّت کي بچائڻ لاءِ رڳو لفظ ڪافي ناهن، پر سختي سان عمل پڻ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اڄ بہ سماج پاڻ کي نہ سنڀاليو، تہ ايندڙ نسلن کي شرمناڪ تاريخ ورثي ۾ ملندي. تنهنڪري ترت ان حقيقت کي سمجهي ان ڳالهہ تي عمل پيرا ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ تہ سماج کي ”وحشي نہ، پر انسان گھرجي “

