سقوط ڍاڪا پاڪستان جو ورهانڱو تاريخ ۾ ڇو لڪايو ويندو آھي ـ نثار لغاري

هن وقت تائين مون جيڪي بہ سرڪاري تحريرون پڙھيون آھن ۽ ڪجهہ نام نهاد غير جانبدار تجزيي نگارن جا تجزيا پڙھيا آھن تہ انهن ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ ۽ بنگلاديش جي ٺھڻ کي هندستان جي سازش بين القوامي سازش قرار ڏنو ويندو آھي يا وري ڀٽو جي ضد مجيب جي انا قرار ڏنوويندو آھي.

هن واقعي جا ڪي بہ معاشي، سياسي، سماجي سبب استحصال ۽ بنگالين جي تذليل ناهي ڄاڻايو ويندو. سرڪاري سطح تي اڄ بہ هن تمام وڏي سانحي کي لڪائڻ جي ڪوشش ٿيندي آھي پاڪستاني ٽي وي چينلن تي ڏسندئو تہ اتي خير لڳو پيو هوندو. ڄڻ ان سورنهن ڊسمبر تي ڪو واقعو ٿيو ئي نہ هو اڄ بہ اها ذھنيت آھي تہ خير ٿي ويو. ذوالفقار علي ڀٽي موجب شڪر آھي اسان باقي پاڪستان بچائي ورتو. اهو بيان هن بنگلاديش جي ٽٽڻ تي ڏنو هو.

جنگ اخبار بيڪ پيج تي سنگل ڪالم خبر لڳائي هئي تہ سقوط ڍاڪاهو گيا پاڪستان ٽوٽ گيا.

هن وقت بہ اها ئي ذھنيت موجود آھي، جيڪا ملڪ کي مڪمل ڏيوالي طرف وٺي وڃي رهي آھي پر حڪمرانن جي چهرن تي توهان کي رونق ملندي، خوش ھوندا ۽ اهو چوندا تہ بس اجهو بهتري طرف سفر شروع ٿيو اڄ بہ معاشي ماهرن انڪشاف ڪيو تہ پاڪستاني معيشت ٻڏي چڪي آھي. مهانگائي، ڪرپشن، بک، بدحالي عوام جي چيلهہ چٻي ڪري ڇڏي آھي.

بک، بدحالي، مهانگائي اڳم حالتون خراب ڪري ڇڏيون آھن پر هتي جيڪو ڪجهہ ڪو ڪري ٿو، سو ڦٻي ويندو آھي انڪري باقي بچيل پاڪستان کي هي جيترو لٽي سگهن ٿا لٽين پيا، عام ماڻھو کان ٻہ گره ماني جا بہ کسي ڇڏيا اٿن پر هي نہ اڄ نہ ڪالهہ پنهنجي غلطين جو ذڪر ڪندا.

حمود الرحمن ڪميشن جيڪا ٺاهي وئي تہ بنگلاديش جي ٺھڻ جا پاڪستان جي ٽٽڻ جا سبب ڳولي اها بہ ڪيترائي سال لڪائي وئي، هن وقت بہ ان جا ڪجهہ حصا هندستان ۽ برطانيا مان ڇپيا آھن، ٻيو تہ ڇڏيو اڄ کان ٽي سال اڳ اي پي ايس پشاور تي ساڳي سورنهن ڊسمبر تي حملو ڪيو ويو، طالبان ٽي سئو ٻار قتل ڪري ڇڏيا انهي واقعي جي ذميوارن کي پڪڙڻ تہ پري احسان الله احسان جيڪو طالبان ترجمان هو ان کي ايجنسين جي سيل مان ڀڄايو ويو، هن وقت تائين خير لڳو پيو آھي.

هن سموري تجزيي جو مطلب آھي تہ هتي ملڪ ٽٽي وڃي تڏھن بہ ڪو وڏو مسئلو ناهي، ڪڏھن بہ ان جي سببن تي نتيجن تي غور نہ ڪبو.

بنگلاديش ھن وقت دنيا جي اڀرندڙ معيشت آھي انهن جو دنيا ۾ تمام وڏو قدر آھي. انهن غربت کي ڪافي حد تائين ڪنٽرو ڪيو آھي.

اسان جا هتي ڪجهہ مها انقلابي اهو چوندا هئا تہ هتي بہ ڪا قوم وڌ ۾ وڌ بنگلاديش جهڙي آزادي حاصل ڪندي پوءِ ڇا ٿي پوندو، انهن کي آئينو ڏيکارڻ لاءِ هي ڪافي آھي، ٻيو تہ بنگلاديش ملن جو سياسي رول ختم ڪري ملڪ کي مڪمل سيڪيولر آئين ڏئي ڇڏيو.

پاڪستان جي تاريخ مان بنگال جو واقعو غائب:

حڪمرانن پنهنجي انهي عوام سان ڪيل تاريخي ڌوڪي ۽ عوام سان ويساه گهاتي کي لڪائڻ ۽ وري ساڳيو جبر جاري رکڻ لاءِ بنگالين جي ورهاڱي انهن جي سياسي سببن کي لڪائڻ لاءِ ھن سموري تاريخ کي ملڪ جي نصاب مان ڪڍي لڪائي ڇڏيو آھي. هن وقت بہ عوام جي اڪثريت کي هن واقعي جي خبر ئي نہ آھي. هن وقت بہ ملڪ اندر اهو ساڳيو رويو بلوچن سنڌين پختونن سان جاري آھي.

بنگلاديش ھن وقت دنيا جي زبردست اڀرندڙ معيشت آھي، هنن جي ترقي، معاشي، سياسي استحڪام عالمي پذيرائي حاصل ڪري چڪو آھي. هنن ننڍي صنعت کي ترقي ڏني آھي ۽ اسان پنهنجي ماڻھن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي پنڻ تي هيرائي چڪا آھيون.



Previous Post Next Post