ڪوٽڙي پل سنڌ
جي تاريخ انجنيئرنگ، اقتصادي ترقي، آمدرفت ۽ ثقافتي سڃاڻپ ۾ هڪ اهڙو يادگار نالو آهي،
جيڪو نہ رڳو لوه ۽ فولاد جي بناوت يا جوڙجڪ آهي پر
سنڌ جي قديم توڙي جديد سفر، تبديلين ۽ ترقيءَ جو اهم باب پڻ آهي. هي پل، جيڪا تاريخي
شھرن حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ٻنهي کي پاڻ ۾ ملائي ٿي، سا
سنڌو ندي جي مٿان تعمير ٿيل سنڌ جي سڀ کان اهم ۽ تاريخي پلن مان هڪ آهي. ڏسجي تہ هن پل رڳو ٻن
شهرن کي نہ پر ٻنھين ڪنارن تي آباد لکين ماڻهن، واپارين،
مزدورن، شاگردن ۽ مسافرن کي نئون رستو، نئون سهارو ۽ نئون مستقبل ڏنو. اھو
ئي سبب آهي جو ڪوٽڙي پل سنڌ جي آمدرفت جو دل، مواصلات
جو مرڪز ۽ ترقيءَ جو هڪ مضبوط زنجيري داستان سڏجي ٿي.
پل جو تاريخي
پسمنظر:
ڪوٽڙي پل جي
تعمير گڏيل هند ۽ سنڌ جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ هڪ وڏو قدم هو. انگريزن
حيدرآباد شھر کي سنڌ جي اهم شهري ۽ فوجي مرڪز طور ڏٺو، جڏهن تہ ڪوٽڙي ريلوي جو وڏو جنڪشن پڻ بڻيو. جيئن تہ
ٻنهي
شهرن کي درياءِ سنڌ الڳ ڪري بيٺو هو، جنهن سبب آمدرفت ۽ سپلائي سسٽم ۾ دير، مشڪلاتون
۽ خطرا پيدا ٿيندا هئا.
پهرين پل طور
جي تعمير (1899ع ۾):
سنڌ ۾ ريلوي
نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پهرئين پل پڻ ڪوٽڙي
پل ئي بڻجي جيڪا 1899ع ۾ تعمير ڪئي وئي. هي پل ريلوي
۽ روڊ ٻنهي رستن لاءِ ٺاهيو ويو، جنهن کي وقت جي انجنيئرنگ جو شاهڪار سمجهيو وڃي ٿو. تڏوڪي ڏينهن کان، ڪوٽڙي پل نہ
صرف
ريل گاڏين درست طريقي سان هلايون، پر واپار، فوجي نقل و حمل، ڪاروبار ۽ ماڻهن جي روزمره
زندگيءَ کي آسان بڻايو.
پل جي ريڊيزائن
۽ ٻيهر تعمير (1950 – 1956ع):
جيئن تہ
قديم
پل وقت سان ڪمزور ٿي رهيو هو، جنهن سبب ڪري پاڪستان جي قيام کانپوءِ اھو فيصلو ڪيو ويو
تہ نئون ۽ مضبوط پل ٺاهيو وڃي. 1950ع ۾ نئين
ڪوٽڙي پل تي ڪم شروع ٿيو ۽ 1956ع ۾ ڌاري مڪمل ٿيو.
هي پل جديد
ٽيڪنالاجي، مضبوط لوهي ڍانچي ۽ انجنيئرنگ جي جديد اصولن تحت ٺاهيو ويوآهي، جيڪو اڄ تائين سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ استعمال
ٿيندڙ پلن ۾ شمار ٿي رھيو آهي.
پل جي انجنيئرنگ
۽ بناوٽ:
ڪوٽڙي پل جي
بناوٽ ڏاڍي مضبوط ۽ قابلِ تعريف آهي. جنهن جي ڊگھائي: لڳ ڀڳ
1.6 ڪلوميٽر آهي. پل جي جوڙجڪ ۾ اسٽيل جي
مضبوط گارڊرن سان گڏ ۽ وڏا، ٿلها ۽ پڪا ڪنڪريٽ جا پيلر پڻ آهن. جڏهن تہ پاڻي جي وهڪرن
کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط پٿر جا بند پڻ جوڙيل آهن. ريلوي ۽ روڊ تي ھلندڙ گاڏين جي گذر لاءِ
ٻنهي
پاسي الڳ لائينون آهن.
هن پل کي اهڙي
انداز ۾ ٺاهيو ويو آهي جو درياءِ سنڌو ندي جي تيز وهڪرن، ٻوڏ ۽ سيلاب دوران بہ
پل
محفوظ رهي. ملڪي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي قدرتي آفتون
۽ وڏيون ٻوڏون آيون پر پل پنهنجي مضبوطي ڪري بي مثال
ثابت ٿي آهي. ھي پل ھڪ نموني حيدرآباد
۽ ڪوٽڙي جي حياتيءَ جو مرڪز ثابت ٿي آهي.
ڇاڪاڻ تہ تاريخي طور ڪوٽڙي پل ٻنهي شهرن کي زندگيءَ
جي زنجير سان ڳنڍي رکيو آهي.
جيئن تہ
ڪوٽڙي
۽ حيدرآباد سنڌ جون اهم مارڪيٽون پڻ آهن، جيڪي زرعي سامان، لوه، ڪاٺ، ميوي، مشينري
۽ ٻين شين جي وڏي پيماني تي خريد و فروخت ڪن ٿيون.
پل کان اڳ هي
سڀ ڪم تمام اڙانگھو ۽ دير ڪندڙ هو. جڏهن تہ پل تعمير ٿيڻ کانپوءِ، تجارتي ٽرانسپورٽ وڌي، وڏيون صنعتون قائم ٿيون، مارڪيٽون شھرن کان نڪري ڳوٺن تائين پھتيون، ريلوي جو سامان ملڪي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آسانيءَ سان منتقل
ٿيڻ لڳو. تنهن سان گڏ شعور جي بيداري لاءِ تعليمي سهولتون وڌيون. اڄ
بہ هزارين شاگرد روزانو سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ
يونيورسٽي، ڪاليجن ۽ اسڪولن تائين وڃن ٿا. جن
لاء شايد ڪوٽڙي پل بنا روزاني جو اھو سفر ناممڪن هجي ها.
نوڪرين ۽ مزدوري
۾ واڌارو ٿيو:
ڪوٽڙي بئراج،
انڊسٽريل ايريا ۽ حيدرآباد جي مزدور طبقي ۽ روزاني ڪمائي ڪرڻ وارن ماڻهن کي سڌو سهارو مليو. سنڌ ۾ مواصلاتي نظام جي نئين دور جو آغاز ٿيو. خاص ڪري ريلوي جي لائين جي
ڪري تمام گهڻيون آسانيون پيدا ٿيون. ڪوٽڙي پل سنڌ
جي ريلوي نظام ۾ چيلهہ جي هڏي جيان
آهي جتان ڪراچي کان پشاور تائين هلندڙ ريليون روزاني بنياد تي پل مٿان گذرن ٿيون. ڪيتريون ئي مال گاڏيون
توڙي مسافر گاڏيون گهڻو ڪري هن پل ذريعي سفر ڪن ٿيون، جنهن سبب اڄ بہ پل قومي معيشت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
اندرون سنڌ
جو سفر جھڙوڪ حيدرآباد – ڪوٽڙي – دادو – لاڙڪاڻو روڊ هن پل کان ئي شروع ٿئي ٿو. جنهن
۾ بس سروس، ٽرڪنگ، نج
گاڏين جي اچ وڃ شامل آهي مطلب تہ هر قسم جي ٽريفڪ
هن پل مٿان گذري ٿي، جنهن سبب هزارين ماڻهو روزانو سفر ڪري رھيا آھن.
ھي پل سنڌ
جي ثقافتي ۽ تاريخي ڳانڍاپي سبب پڻ آهي. جيڪا نہ رڳو انجنيئرنگ جو ڪم پر سنڌ جي دل جو احساس پڻ آهي.
پل ھيٺان وهندڙ
سنڌو ندي، ان جا وهڪرا، ٻيڙيون، واءُ ۽ ھتي جا حسين منظر سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جو حصو
پڻ بڻيل آهن. ڪيترن شاعرن ھن پل ۽ درياءَ کي پنهنجي خوبصورت بيتن ۾ لکيو آهي. ان
سان گڏ سنڌ جي هزارين ماڻهن جون ذاتي يادون هن پل سان جڙيل آهن.
ڪنهن خاص موقعي
عيد براد، درگاهن جا سفر، شاگردي
جي ڏينهن جون ياديون ۽ انهن يادگيرين جي فوٽوگرافي. هي
پل ماڻهن جي زندگيءَ جي ڪنهن اھم حصي وانگر آهي. ڳالهہ ڪجي ڪوٽڙي پل جي تاريخ ۽ جديد دور جي مسئلن
جي تہ وقت جي گذرڻ سان پل تي تمام گهڻو بار وڌيو آهي. ٽريفڪ جو وڏو دٻاءُ پيو
آهي. جڏهن تہ
وقت
سر ريلوي لائينن جي مرمت جي پڻ ضرورت آهي. ھن وقت ھن تاريخي پل جي
روڊ تي کڏا ۽ زنگ نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ
حڪومت پڻ ڪيترائي ڀيرا پل جي مرمت ڪئي آهي، پر ٽريفڪ وڌڻ سبب وڌيڪ مضبوط ۽ نئين متبادل پل جي ضرورت پيش اچي رهي آهي.
ان سڀ مسئلن کانپوءِ ڪوٽڙي پل جي نئين اهميت اھا آهي تہ سي پيڪ، ملڪي واپار ۽ صنعتي روڊ نيٽ ورڪ
لاءِ ڪوٽڙي پل اهم بڻجي ويو آهي. ڪراچي بندرگاه کان ايندڙ-ويندڙ
سامان پنجاب ۽ خيبر تائين ويندڙ ٽرڪن جو سفر، توڙي صوفين جي نگري ڀٽ شاه، سيوهڻ ۽ لڪي شاه صدر
ڏانهن سفر هي سڀ ڪجھ هن پل سان ئي جڙيل آهي.
ڪوٽڙي پل سنڌ
جي تاريخ، ثقافت، معيشت، آمدرفت، تعليم ۽ روزمره زندگيءَ جو اهم ترين حصو آهي. هن پل واپار وڌايو، شهرن
کي ملائيو، هزارين ماڻهن کي روزگار ڏنو، ٽرانسپورٽ ۽ ريلوي کي نئون دور ڏنو، سنڌ جي ثقافت جي سڃاڻپ بڻيو. جنهن ڪري ھن پل کي رڳو فولادي ڍانچو نہ پر سنڌي ماڻهن جي محبتن، اُميدن ۽ مستقبل
جو رستو سمجهڻ گهرجي.

