ڪراچي سنڌ جي
دل آهي ۽ دل کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي۔ هي
شهر پاڪستان جي صوبي سنڌ جي گاديءَ جو شهر ۽ پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر آھي. دنيا جو
12هون وڏو شهر آهي، جنهن جي آبادي ٻه ڪروڙ (20 ملين) کان مٿي آهي. اهو ملڪ جي ڏاکڻي
ڪناري تي عربي سمنڊ جي ساحل تي واقع آهي ۽ اڳ ۾ پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ هو. بيٽا-گلوبل
سٽي جي طور تي درجه بندي، اهو پاڪستان جو وڏو صنعتي ۽ مالي مرڪز آهي، هڪ اندازي مطابق
جي ڊي پي 200 بلين يو ايس ڊالرز تائين آهي. ڪراچي هڪ ميٽروپوليٽن شهر آهي پاڪستان جو
سڀ کان وڌيڪ کاسموپوليٽن شهر هئڻ سان گڏ ملڪ جي ترقي يافته شهرن مان هڪ آهي. ڪراچيءَ
جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي۔ ڪراچي
عربي سمنڊ جي ساحل تي واقع آهي، ڊيلٽا کان تقريباً 168 ڪلوميٽر اتر اولهه ۾، 24.46
درجا اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68.58 درجا اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي. ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٺٽو (ديبل)
ضلعو، اولهه ۾ لسٻيلا ضلعو، اتر ۾ دادو ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ آهي. ڪراچي جي اولهه
۾ حب درياءُ آهي، جيڪو ڪراچي کي لسٻيلي ضلعي کان الڳ ڪري ٿو.
پاڪستان جي
ٺهڻ وقت شهري علائقو 233 چورس ڪلوميٽر هو، جيڪو 1959 ۾ وڌي 724 چورس ڪلوميٽر ٿي ويو.
ڪراچي ڊويزن جو موجوده علائقو تقريباً 3365 چورس ڪلوميٽر آهي، جنهن مان 1800 چورس ڪلوميٽر
کان وڌيڪ شهري علائقو آهي. ڪراچي جي موجوده آبادي 20 ملين هجڻ جو دعويٰ ڪئي وڃي ٿي.
ڪراچي جي موسم معتدل ۽ نم آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اونهاري ۾ تمام گهڻي گرمي ۽ سياري
۾ تمام گهڻي ٿڌي نه هوندي آهي. ڪراچي جي موسم
ڪڏهن ڪڏهن سخت ٿيندي آهي. عام طور تي، آگسٽ کان ڊسمبر تائين هوا ۾ نمي 50 کان 80 سيڪڙو
هوندي آهي. جولاءِ ۽ آگسٽ ۾، شهر مون سون جي هوائن سان متاثر ٿيندو آهي ۽ تمام گهڻو
پريشان ڪندڙ هوندو آهي. عام طور تي، موسم خوشگوار هوندي آهي. هوا ۾ نمي جي ڪري، گرمي
محسوس نه ٿيندي آهي. هڪ خوشگوار احساس ڏياريندڙ هوندي آهي. ڪراچي ۾ رهندڙ ۽ سفر ڪندڙ
ماڻهن لاءِ هڪ وڏي پرڪشش آهي. ان ۾ سمنڊ هڪ اهڙي جاءِ آهي جتي ماڻهو تمام گهڻي تفريح
ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. مطلب ته ڪراچيء ۾ ڪاروبار جا تمام
گهڻا موقعا آهن جنهنڪري ڪراچيءَ کي دبئي سڏيو
ويندو آهي انڪري ٻين صوبن جا لکين ماڻهو روزگار ڪرڻ لاءِ اچن ٿا۔ هاڻي سنڌين لاءِ وڏو موقعو آهي ته
پورٽ قاسم ۽ صنعتي ڪوريڊور ۾ پنهنجو مستقبل محفوظ بنائين۔ ڪراچي جا جيڪي علائقا پورٽ
قاسم، لنڍي، بن قاسم، اسٽيل ملز، قومي شاهراه (N5) سان جڙيل آهن، اهي اڄ ڪالهه
پاڪستان جا سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ تيزي سان وڌندڙ اقتصادي علائقا بڻجي رهيا آهن جتي هزارين
فيڪٽرين، گودامن، لوجسٽڪ ڪمپنين ۽ امپورٽ/ايڪسپورٽ جو ڪم هلندو آهي۔ سنڌين کي گهرجي
ته هاڻي هن پٽي ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏين۔ سيڙپڪاري ۾ به ۽ هنرن/روزگار ۾ به اڳتي اچن۔ خاص
طور تي پورٽ قاسم انڊسٽريل زون، لنڍي انڊسٽريل ايريا، بن قاسم ٽائون، اسٽيل ملز، پورٽ
ڪوريڊور وغيره۔ قومي شاهراه (N5) تي پورٽ ڏانهن ويندڙ پٽي
وارا اهي علائقا مستقبل جا وڏي ترقيءَ
وارا
زون آهن، روزگار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري سڀ ڪجهه هتي وڌي رهيو آهي۔
سنڌين لاءِ جيڪي ڪاروبار ۽ هُنر سڀ کان وڌيڪ فائديمند
رهندا انهن ۾
1.
لوجسٽڪس ۽ ٽرانسپورٽ (ڪنٽينر
ٽرالر، ٽرڪ/شهزور، فورڪ لفٽ/ڪرئن ٽيم، ليبر سپلائي
ڪمپني)
2.
گودام، اسٽوريج، ڪولڊ اسٽوريج
(ننڍا گودام، آئس/ڪولڊ چين بزنس، فِش، فروٽ، گوشت اسٽوريج)
3.
صنعتي هُنر Industrial
Skillsاليڪٽرشن،
ويلڊر، پلمبر، مشين آپريٽر، AC/ Refrigeration ٽيڪنيشن، Heavy
Machinery Operator
4.
صنعتي سامان جو ڪاروبار Safety
items، Tools
& machinery، Packing material، Lubricants & industrial oils
5.
فوڊ سپلائي ۽ ڪينٽين (پورٽ
ورڪرز لاءِ لنچ سروس، برياني/چانهه/ناشتو، ورڪرز ڪينٽين)
6.
رهاشي تعميراتي ڪاروبار (پلاٽ
+ تعمير، labor
supply، tiles/sanitary/paint
shops
7, Fish
processing ۽ dry fish سپلائي
8, Courier ۽
Clearing & Forwarding (C&F)
پورٽ ڊاڪيومينٽيشن،
شپنگ پيپر ورڪ، ايجنٽ سروسز وغيره
انڪري سنڌين
کي پنهنجي شهر ڪراچيءَ جي مالڪي ڪري
هاڻي پورٽ قاسم، لنڍي، بن قاسم، اسٽيل ملز ۽ قومي شاهراه ڪوريڊور ۾ داخل ٿيڻ گهرجي،
ڇوته ايندڙ 10 سالن ۾ وڏو روزگار، وڏا ڪاروبار، وڏي سيڙپڪاري ۽ وڏو منافعي وارو مستقبل هتي ئي آهي جيڪو سنڌي هن پٽي ۾ وقت سر داخل ٿي ويندو،
اهو ئي سڀ کان وڌيڪ فائدو کڻندو.

