بهار ۾ وزيرِاعليٰ پاران هڪ مسلمان عورت جو نقاب ڇڪڻ ۽ ڀارت جو سيڪيولر ڪوڙ ـ ارشاد علي پنھور

دنيا جي سڀ کان وڏي آبادي رکندڙ ملڪ ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو جھموري نظام سڏجندڙ وارو ڀارت، جيڪو پاڻ کي دنيا آڏو هڪ سيڪيولر، جمهوريت پسند، اظهار جي آزادي جو سربراھ  ۽ سڀني مذهبن کي برابر عزت ڏيندڙ رياست طور پيش ڪندو رهيو آهي، پر ان ساڳي ئي فاشسٽ ذھني رياست ۾ اتي جي زميني حقيقت بار بار اھڙي  نالي ماتر دعويٰ کي بي نقاب ڪندي رهي آهي. تازو بهار ۾ وزيرِاعليٰ پاران سندن جي ورھاست واري ھڪ پرھجوم گڏجاڻي  ۾ مسلمان عورت جو نقاب ڇڪڻ وارو واقعو سندس ذھني مفلوجي ۽ پردي جي پاسداري کان پاسيرو ھڪ مذهب دشمن عمل طور ڏسجي ته اھو ھرگز غلط ناھي. جنهن ۾ ھن پھرين ھڪ مسلمان عورت کي سندس مذهبي حڪمن مطابق ڪيل پردي کي منهن تان لاھڻ لاءِ چيو ويو ۽ ائين نه ڪرڻ تي فاشسٽ رياست جي فاشسٽ نمائندي پاران اھڙي ڪريل حرڪت ڪري پنهنجي ھٿن سان ان عورت جو نقاب لاھيندي ڏيکاريو ويو. جيڪو صرف هڪ فرد جو عمل نه هو، بلڪه اهو پوري ڀارت جي سيڪيولرزم جي دعويٰ تي هڪ وڏو سوال بڻجي سامهون آيو آهي. اهڙو عمل نه رڳو هڪ عورت جي ذاتي آزاديءَ تي حملو هو، پر هڪ خاص سڃاڻپ، خاص مذهب ۽ ان مذهب جي پوئلڳي ڪرڻ وارن جي عقيدي جي بي حرمتي پڻ آهي.

نقاب يا پردو ڪا سياسي علامت ناهي، بلڪه اهو ڪيترين مسلمان عورتن لاءِ سندن ذاتي عقيدي سان گڏ مذهبي سڃاڻ، حڪمن جي پسداري ۽ مسلمان سماج جي وقار جي علامت پڻ آهي. جتي ھڪ رياست جو اعليٰ نمائندو، اتي سڀني جي برابري ۽ قانون سان گڏ سندن جي حقن جي آواز، آئين جو محافظ هجڻ گهرجي. سو اگر پاڻ اهڙي ڪريل ۽ انتشار جو سبب بڻجڻ واري حرڪت ڪري، تڏهن سوال صرف اخلاقي نٿو رهي. پر رياستي سوچ تي به ان جا گھرا اثر ۽ ڳانڍاپن جا سوال اٿن ٿا. ڇا سيڪيولرزم جو مطلب صرف اهو آهي ته گھڻائي  رکندڙ ۽ پاڻ کي ملڪ ۾ سگھارو سمجهڻ وارو پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن ڪمزور ۽ ٿورائي واري آبادي سان تعلق رکڻ واري جي عزت سان کيڏي...؟

راڳ ته اھو ئي ڳائبو آهي ته ڀارت جو آئين سڀني شهرين کي مذهبي آزادي ڏئي ٿو. پر عملي طور تي خاص مسلمانن لاءِ اها آزادي ڏينهون ڏينهن محدود ٿيندي نظر اچي ٿي. جيڪا ھڪ خاص ذھن جي عڪاسي ڪري ٿي ته اتي جي ھندو سماج جي مسلمانن سان ڪيتري نفرت آهي. ھر رياست ۾، ھر مذهب جي ماڻهن کي ھڪ خاص آزادي حاصل آهي، پر ھن رياست  ۾ ڪڏهن حجاب تي پابندي، ته ڪڏهن مسجدن تي تالا، ڪڏهن شهرين جي وفاداريءَ تي سوال، ته ڪڏهن نبي جي نالي وٺڻ تي اعتراض ۽ هاڻي هڪ عورت جي نقاب کي سرعام ڇڪڻ، اهي سڀ واقعا ڪنهن اتفاق جو نتيجو نٿا چئي سگھجن، بلڪه هڪ منظم سوچ جو عڪس آهن. اهڙي سوچ جيڪا سيڪيولرزم کي رڳو نعرو بڻائي دنيا اڳيان لڪ جو نقاب آهي, جڏهن ته عملي طور هڪ خاص مذهب کي نشانو بڻائي ٿي.

هي واقعو عورتن جي حقن جي دعويدارن لاءِ پڻ هڪ امتحان آهي. جيڪڏهن عورت جي آزادي صرف تڏهن ياد اچي، جڏهن هوءَ اڪثريتي سوچ سان هم آهنگ هجي ته پوءِ اها آزادي چونڊيل ۽ منافقت تي ٻڌل بڻجي وڃي ٿي. هڪ مسلمان عورت جي مخصوص لباس تي حملو دراصل سندس وجود، سندس آواز ۽ سندس چونڊ تي حملو آهي. هي عمل ڪنهن عورت کي بااختيار بڻائڻ نه، پر کيس وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ برابر آهي.

ڀارت جي سيڪيولرزم جو ڪوڙ اتي بي نقاب ٿئي ٿو، جتي رياست طاقتور لاءِ نرم ۽ اقليتن لاءِ سخت بڻجي وڃي ٿي. سيڪيولر رياست اها هوندي آهي، جتي حڪمران ذاتي عقيدن کي رياستي طاقت سان نافذ نه ڪن ۽ جتي هر شهري جي عزت برابر هجي. پوءِ چاهي هو اڪثريت سان تعلق رکي يا اقليت سان، چاھي ڪنهن به مذهب سان، بهار جو هي واقعو ڏيکاري ٿو ته ڀارت ۾ سيڪيولرزم هاڻي ڪتابي اصطلاح رهجي ويو آهي. جڏهن ته عملي سياست نفرت ۽ برتريءَ جي بنياد تي هلي رهي آهي. جيتوڻيڪ اهڙن واقعن جا اڪثر تعلق مسلمانن سان ئي جڙن ٿا پر انهن جو اڪيلو اثر رڳو مسلمانن تائين محدود ناهن رهندو. اهي سڄي سماج کي ورهائيندڙ آهي، پر جڏهن رياست ڪنهن هڪ طبقي کي نشانو بڻائي ٿ، .ته ان سان عدم تحفظ جو احساس وڌي ٿو ۽ سماجي برابري وارو ڍانچو ڪمزور ٿي وڃي ٿو. اڄ جتي ھڪ مسلمان عورت جو نقاب ڇڪيو ويو آهي، ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي جي سڃاڻپ به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. وقت جي ضرورت آهي ته ڀارت پنهنجي دعوائن ۽ عملن جي وچ ۾ فرق کي سمجهي. سيڪيولرزم تقريرن سان نه، پر روين سان ثابت ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڀارت واقعي ھڪ سيڪيولر رياست آهي، ته پوءِ کيس ھر مذهب سان تعلق رکڻ وارن اقليتن جي عزت، عورتن جي آزادي ۽ مذهبي سڃاڻپ جي تحفظ کي عملي طور يقيني بڻائڻو پوندو. نه ته اهڙا واقعا تاريخ ۾ رڳو هڪ ظلم طور ئي نه پر سيڪيولر ڪوڙ جي شاهدي طور لکيا ويندا. جيڪي اڳتي ھلي ڪو وڏو سماجي ھاڃو پيدا ڪرڻ جو سبب پڻ بڻجي سگهن ٿا.


Previous Post Next Post