ڪھڙو مزدورن جو ڏھاڙو؟ ـ ارشاد علي پنھور

مزدور… اهو انسان، جيڪو پنهنجي پگھر سان شهرن کي اڏيندو آهي، عمارتن کي اوچو ڪندو آهي، ڪارخانن کي هلائيندو آهي، روڊن کي سنواريندو آهي، پر سندس ذاتي زندگيءَ جي عمارت اڄ بہ کنڊرن جهڙي آهي. سندس هٿن ۾ سگھ تہ ڀرپور آهي، پر قسمت ۾ رڳو بيوسيءَ ئي لکيل آهي.

سندس ٻچن جون اڌوريون خواهشون سندس اکين ۾ اڄ بہ تري رهيون آهن. اڄ بہ ساڻس گڏ ٿڪاوٽ، اداسي ۽ اڻپوريون اميدون ئي ساٿاري آهن. سندس ٻار اڄ بہ اسڪول بدران مزدوريءَ جا خواب ڏسن ٿا، سندس زال اڃا بہ بک ۽ تڪليف سان جنگ پئي وڙهي. نہ مناسب اجورو، نہ علاج، نہ تعليم. سندس زندگي ڄڻ هڪ بي آواز دانهن جيان آهي، جيڪا ڪنهن جي ڪن تائين پهچي ئي نٿي.

اڄ جڏهن سموري دنيا سندس نالي جي موڪل واري ڏڻ کي جشن جيان ملهائي رهي آهي، تنھن ڏينهن بہ هڪ مزدور شايد ڪنهن اڌ ٺهيل عمارت تي بيٺو، پنهنجي زندگيءَ جي ٽٽل اميدن کي ڏسي رھيو ھوندو. سندس پگهر اڄ بہ زمين کي زرخيز ڪري رھيو آهي، پر ان جو قدر آسمان تائين نٿو پهچي.

پوءِ ڇا هي ڏينهن صرف هڪ رسم جيان ئي آهي؟

ڇا اسان جو ضمير صرف هڪ ڏينهن لاءِ جاڳي ٿو؟

يا اسان واقعي ڪڏهن اهو سوچي سگهنداسين تہ مزدور بہ انسان آهي. هن کي بہ عزت، سک ۽ خوشيءَ جو حق آهي؟

اسان کي سوچڻ گهرجي تہ جنهن مزدور جي محنت سان اسان جون زندگيون آسان بڻجن ٿيون، ڇا اسان کيس سندس حق ڏئي رهيا آهيون؟ يا صرف هڪ ڏينهن کيس ياد ڪري، باقي سمورو سال ويسر جي واھ ۾ويهندا آهيون؟

ڇاڪاڻ تہ اسان جو مزدور اڃا بہ ساڳي تڪليفن، ساڳين محرومين ۽ ساڳين اڻبرابريءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿو. هن ڏينهن جا نعرا تہ وڏا بلند آهن، پر حقيقت ۾ مزدور جي زندگي اڃا بہ اداسيءَ جو عڪس بڻيل آهي.

اڄ جو ڏينهن مزدور کي عزت ڏيڻ جو ڏينهن هجڻ گهرجي ها، پر افسوس...!

هن لاءِ اهو بہ هڪ عام ڏينهن وانگر ئي گذري وڃي ٿو، جتي هو سدائين جيان پنهنجي قسمت سان وڙهندو رهي ٿو. سندس پگهر جو قدر ڪرڻ بدران، کيس اڃا بہ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.


Previous Post Next Post